Posts

شيخ اياز shaikh ayaz

Image
  شيخ اياز اڄ ۽ سڀاڻي جو شاعر ڊاڪٽر فهميده حسين ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته شيخ اياز جديد سنڌ جو قومي شاعر آهي جنهن کي اسين اڄ ۽ سڀاڻي جو شاعر چئي سگهون ٿا، ڪيئي سال اڳ پاڻ تي ٿيندڙ سخت تنقيدن جي جواب ۾ هن چيو هو. تون جي مون کي ڪو نه مڃيندين مون کي ڪا پرواهه نه آهي آءٌ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي مون تي ميڙو مچڻو آهي. تازو حيدرآباد ۾ ڪيفي خانه بدوش پاران ٿيل ”اياز ميلي“ سندس چيو سچ ڪري ڏيکاريو ۽ اڄ سنڌ ۾ سندس اهڙي مڃتا ٿي آهي جهڙي شايد اڳ ۾ ڪڏهن به ڪا نه ٿي، زنده قومن جي اها نشاني هوندي آهي ته اهي پنهنجن قومي هيرن کي اهڙي مڃتا ڏين ۽ ڏيارين جيڪا اهي لهڻن ٿا، شيخ اياز سنڌ جو آواز بڻجڻ وارو اهو شاعر آهي جنهن پنهنجي وطن جي سونهري مستقبل ۽ سماجي انصاف واري آدرش جا سپنا پنهنجي اکين ۾ سجائي انهن جي ساڀيان لاءِ انقلاب جا گيت ڳايا، هن پنهنجي سماجي، سياسي ۽ قومي فڪر کي نوجوان نسل ۾ عام ڪرڻ لاءِ قوميت ۽ قوم دوستيءَ جي رومانس کي سنڌي شاعريءَ جو حصو بنايو، جيئن لاکيڻي لطيف مارئيءَ جي ڪردار کي مارن ۽ ملير سان محبت جو استعارو بنايو هو، تيئن اياز پنهنجي شاعريءَ کي سنڌ ۽ ان جي ماڻهن جي آزاديء