Posts

نَيون اُميدون کڻي آيو ، نئون سال نفرتون- بغضَ، ڪيون دفن اڄُ- اَمنَ جو پيغام کڻي آيو ، نئون سال شاعري۔ذوالفقاربھڻ

Image
نَيون اُميدون کڻي آيو ، نئون سال نفرتون- بغضَ، ڪيون دفن اڄُ- اَمنَ جو پيغام کڻي آيو ، نئون سال   شاعري۔ذوالفقاربھڻ  

حسن درس*اياز جاني* ۽ اڄ *سعيد ميمڻ* جو وڇوڙو.....ڀيٽا ساڃاھ سمھي پئي ,ڪويءَ جي موڪلاڻي سنڌ ٿي پئي ساڻي، اديب جي الودع تي. شاعري ؛ذوالفقاربھڻ

Image
حسن درس*اياز جاني* ۽ اڄ *سعيد ميمڻ* جو وڇوڙو.....ڀيٽا ساڃاھ سمھي پئي ,ڪويءَ جي موڪلاڻي  سنڌ ٿي پئي ساڻي، اديب جي الودع تي.   شاعري ؛ذوالفقاربھڻ

تون رات ھجين مان ڏينھن ھجان تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان

Image
تون رات ھجين مان ڏينھن ھجان تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان   تون سياري جو سيءُھجين مان تپش ھجان نينھن جيان، تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان   تون صحرا جي   پياس ھجين مان اڻ   مندائتو مينھن ھجان، تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان   تون پيار ندي مون ڏي رڙندي اچين مان سمنڊ جي پير بڻجي توسان ملان تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان   مان مان نه ھجان، بس تون ھجين ھا وحدت جي تصويرھجان تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان   تون عشق ھجين مون لاءِ رئندو ھجين مان ذوالفقارھجان تولاءِ رئان تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان شاعري ذوالفقاربھڻ

دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —

Image
دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ — Dost muhnjo sarmayo Dosti muhnjo waisah Subuh ji mithri hawa Muhnuy dostan khy Puhcha muhnji dua Poetry zulfiqarbehan dost muhnjo sarmayo dosti muhnjo waisah

علم جي لاٽ ٻرندي رھندي:ذوالفقاربھڻ sindhi Poetry about Pishawar incident

Image
علم جي لاٽ ٻرندي رھندي سچ سدائين سرخرو رھندو جھالت يقينن ھارجي ويندي علم جي لاٽ ٻرندي رھندي منھنجو اسڪول ڳاڙھو ٿي پيو سارو آسمان ڳاڙھو ٿي پيو ماءُ ۽ پيءُ جو جيءُ جھريو ڀيڻ ۽ رانديڪن به رنو ڪو روح رھنڊون رھنڊون ٿيو ڪو ڳوڙھو ڪريو سڏڪو سڏڪيو ھيءَ قوم نيٺ ھڪ ٿي ويندي رات انڌيري ڪٽجي ويندي فتح نيٺ حق جي ٿيندي توکي آخر ناڪامي ٿيندي علم جي لاٽ ٻرندي رھندي سچ سدائين سرخرو رھندو جھالت يقينن ھارجي ويندي علم جي لاٽ ٻرندي رھندي نفرتن کي نيڪالي ڏيبي ڌرتيءَ تي خوشحالي ايندي امن جو جھنڊو، اڇو جھنڊو ڦڙ ڦڙ ڦڙڪندو، ڦڙ ڦڙ ڦڙڪندو خزان جو موسم ختم ٿي ويندو ذوالفقار بھار وري وري ايندي علم جي لاٽ ٻرندي رھندي سچ سدائين سرخرو رھندو جھالت يقينن ھارجي ويندي علم جي لاٽ ٻرندي رھندي ذوالفقاربھڻ

دَردَ ئي درد آھن ، ھِنَ شھر ۾ ھَلُ اي دل، ڪنھن ڏور نگر ۾ ظالم حاڪم، ظالــم ماڻھو قھر ئي قھر آھِنِ ھن شھر ۾: Sindhi Poetry

Image
دَردَ ئي درد آھن ، ھِنَ شھر ۾ ھَلُ اي دل، ڪنھن ڏور نگر ۾ ظالم حاڪم، ظالــم ماڻھو قھر ئي قھر آھِنِ ھن شھر ۾ رشتا ناتا، مطلب جا سڀ ڪيڌيون اڪيلايون ھن وڳر۾ ماڻھوءَ ماڻھو ،ماس پيا روڙين سارا ڀريا  پيا آھن ، زھـــر ۾ رات به تنھا چنـــڊ به تنھا وحشتون ڊوڙن پيون  گھر ۾ ذوالفقار وقت جيان گذري ويو پوءِ به رھين ٿي ان جي سحر ۾ شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

’’ڊسمبر جيڪر نه اچي’’ ڊسمبر سنڌ کي سدائين سور ڏنا آھن. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي وچوڙي ڏکويل سنڌ کي ويتر ڏکارو ڪري ڇڏيو آھي. تعزيت قبول ڪندا.ذوالفقاربھڻ

Image
’’ڊسمبر جيڪر نه اچي’’ ڊسمبر سنڌ کي سدائين سور ڏنا آھن. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي وچوڙي ڏکويل سنڌ کي ويتر ڏکارو ڪري ڇڏيو آھي. تعزيت قبول ڪندا.ذوالفقاربھڻ ۽ جڌھن سائين ھدايت بلوچ  Hidayat Baloch  ’’ويلنٽائن‘‘ ڏينھن تي فون ڪري سوڀو گيانچنداڻي جي عيادت ڪرڻ ساڻ ھلڻ جو چيو اسان سان گڏ محمد سليمان وساڻ Muhammad Suleman Wassan به ھو سندس لفظ ته 14-2-2012 منھنجا سرخا دوست ويلنٽائين مونسان ملھائڻ آيا آھن.پاڻ کي چڱوڀلو محسوس ڪيان ٿو. سوڀو گيانچنداڻي اسان به پنھنجي محبوب سان ويلنٽائين ملھايو ’’رھيا اٿئي رات، صبح ويندئي صابري لونءِ لونءِ منجھ لطيف چئي ڪر تنين جي تات سندي جوڳيان ذات،ٻئي ڀيري ڀاڳئين ملي‘‘  شاھ