Posts

Learning Disabilities

 Learning Disabilities  *Dyslexia*: Difficulty in reading *Dysgraphia*: Difficulty in writing *Dysacusia*: Difficulty in listening *Dysphasia*: Difficulty in speaking *Dyscalculia*: Difficulty in maths *Dysaudia*: Difficulty in understanding music *Dysprexia*: Difficulty in contact

ذوالفقار بھڻ جو تعارف Introduction Zulfiqar Behan

Image
 ذوالفقار بھڻ جو تعارف  اڄ اوھان کي سنڌي شاعري ا دب ۽ سنڌ جي تعليم ۾ ھڪ منفرد سڃاڻپ رکندڙ سائين ذوالفقار علي بھڻ جو تعارف ڪرائجي ٿو.  ذوالفقار ولد محمد عثمان بھڻ، پهرين جون 1972ع تي ڳوٺ دورو بھڻ تعلقي موري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ڄائو. ھُنَ ابتدائي تعليم ڳوٺ دوري بھڻ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمنٽ بوائز اسڪول موري مان 1988ع ۾ ڪيائين. انٽر مھراڻ ڪاليج موري مان 1990ع ۾ ڪيائين. سنڌي ادب ۾ ماسٽرس شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان، ايم ايڊ ڪراچي يونيوسٽي، جڌھن تہ ايم فل اقراء يونيورسٽي گلشن اقبال ڪراچي ۽ اڄ ڪلھ پي ايڇ ڊي ٽيچر ايجوڪيشن ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ڪري رھيو آھي. نوڪريءَ جو تفصيل  پاڻ ھن وقت گورنمنٽ ڊويزل ايجوڪيشنل ٽيڪنالوجي ريسورس سينٽر (ڊيٽرڪ) ڪراچي جي سربراھ / ڊپٽي ڊائريڪٽر گريڊ 19 ۾ خدمتون انجام ڏئي رھيو آھي. ڪراچي ۾ ھزارين استاد سندس  شاگرد آھن جيڪي خدمتون انجام ڏيئي رھيا آھن. پاڻ 2000ع ۾ ليڪچرر طور نوڪري جو آغاز ڪيائين. 2006ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ان کان علاوہ پرنسپل گورنمنٽ ايليمينٽري ڪالج لياري ۾ خدمتون انجام ڏئي چڪو آھي. سنڌي جي نصاب، استادن جي تربيت جي ڪورسن ج...

Sindhu Darya story سنڌو درياءَ جي ڪهاڻي

Image
 سنڌو درياه جي ڪهاڻي #ملڪ #پاڪستان (93%) #ڀارت (5%) #چين (2%) #سنڌودرياه، تبتي ۽ سنسڪرت سنڌو، سنڌي سنڌو، يا مهراڻ، ڏکڻ ايشيا جو وڏو ٽرانس-هيماليائي درياه. هي دنيا جي سڀني وڏن دريائن مان هڪ آهي، جنهن جي ڊيگهه تقريباً 2,000 ميل (3,200 ڪلوميٽر) آهي. ان جي ڪل نيڪال واري علائقي جو ايراضي تقريباً 450,000 چورس ميل (1,165,000 چورس ڪلوميٽر) آهي، جنهن مان 175,000 چورس ميل (453,000 چورس ڪلوميٽر) هيماليا، هندڪش، ۽ ڪراڪرم رينج جي حدن ۽ پهاڙن ۾ آهي؛ باقي نيم خشڪ ميدانن ۾ پاڪستان جي علائقي ۾ آهي. درياه جو ساليانو وهڪرو تقريباً 58 ڪعبي ميل (243 ڪعبي ڪلوميٽر) آهي- جيڪو نيل درياه جي وهڪري کان ٻه دفعا وڌيڪ ۽ دجله ۽ فرات دريائن جي گڏيل وهڪري کان ٽي دفعا وڌيڪ آهي. درياه جو رواجي نالو تبتي ۽ سنسڪرت جي نالي سنڌو مان نڪتل آهي. قديم هندستان جي آرين ماڻهن جي شروعاتي تاريخن ۽ منترن، رگ ويد، جوڙيل تقريباً 1500 قبل مسيح، ۾ درياه جو ذڪر آهي، جيڪو ملڪ جي نالي جو ذريعو آهي. درياه ڏکڻ اولهه تبت خودمختيار علائقي، چين ۾ ڍنڍ مپام جي ويجهو تقريباً 18,000 فوٽ (5,500 ميٽر) اوچائيءَ تي اڀرندو آهي. تقريباً 200 ميل (320 ڪل...

Zulfiqar Behan: A Prominent Figure in Sindhi Poetry and Education

Zulfiqar Behan: A Prominent Figure in Sindhi Poetry and Education Zulfiqar Behan, son of Muhammad Usman Behan, was born on June 1, 1972, in the village of Doro Behan, Taluka Moro, District Noushahro Feroze. He has established a unique identity in Sindhi poetry and education.  Early Life and Education Behan received his primary education in his hometown, Doro Behan. He matriculated from Government Boys High School, Moro in 1988, and passed his intermediate examination from Mehran College, Moro in 1990. He went on to earn a Master's degree in Sindhi Literature from Shah Abdul Latif University, Khairpur, an M.Ed from Karachi University, and an M.Phil from Iqra University, Gulshan Iqbal, Karachi. He is currently pursuing a Ph.D. in Teacher Education from Karachi University. Professional Career Zulfiqar Behan is currently serving as the Head/Deputy Director (Grade 19) of the Government Divisional Educational Technology Resource Center (DETRC) in Karachi. His career in education began in...

ذوالفقار بھڻ سياھتيءَ جون علمي ۽ ادبي شخصيتون

Image
    ذوالفقار بھڻ سياھتيءَ جون علمي ۽ ادبي شخصيتون                                       تحرير:  معشوق ڌاريجو ذولفقار بھڻ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو عاشق آھي. سندس سُڃاڻپ ھڪ تعليمدان ۽ شاعر طور ٿئي ٿي. ذولفقار بھڻ اھڙو شاعر آھي، جنھن جا خُواب گُلابن جھڙا سُھڻا ۽ سُڳنڌي آھن. ھُو ”منھنجا خواب گلابن جھڙا“ جو تخليقڪار آھي. ذولفقار بھڻ پنھنجي شاعريءَ لاءِ لکي ٿو تہ: ”منھنجي شاعريءَ ۾ منھنجي خُوابن جي جهلڪ ڏسي سگهجي ٿي.“ ذولفقار بھڻ جو مامو پروفيسر علي بخش ”وَفا بھڻ“ سُٺو شاعر ۽ تعليمدان رھيو آھي. اُن حوالي ۽ مناسبت سان ايئن بہ چئي سگهجي ٿو تہ شاعريءَ جي ڏاتِ ۽ تعليم کيس ورثي ۾ ملي آھي. راشد مورائي چواڻي تہ: ”ساھتيءَ جي ليکڪن مان ھِڪ اھم نالو ذوالفقار بھڻ جو بہ آھي، جيڪو ڪافي وقت کان لکندو ٿو اچي.“ نَوازَ علي شوقَ چواڻي تہ: ”ذوالفقار جي شاعريءَ ۾ حسن ۽ عشق جون ڳالهيون نظر اچن ٿيون.“ ذوالفقار جي شاعريءَ تي راءِ ڏيندي رکيل مورائي، لکي ٿو تہ: ”ذوالفقار بھڻ ساھتي پرڳڻي جو نوجوان ساھتڪار آھي...

کين ۾ ٻوڏ ھانو ڊھي پيا نياڻين جو ڏاج ٻارن جا رانديڪا لڙھي ويا

Image
  کين ۾ ٻوڏ ھانو ڊھي پيا نياڻين جو ڏاج ٻارن جا رانديڪا لڙھي ويا ونيون ، ٻنيون اداس ٿي ويون رستا وستيون واھڻ ويران ٿي ويا جوان جذبن جي مرڪ ، لٿل منھن دعائن لاءِ کڄندڙ ڏڪندڙ هٿ .... امداد لاءِ ..... کڄندي ڏسي اکين جا بند ڊھي پيا ھا.. ھي وقت به گذري ويندو حوصلا نه ھاربا #zulfiqarbehan #ذوالفقاربھڻ

سنڌ بابت ڄاڻ Sindh Babat Jaan

 ھي بنيادي معلومات ھر پڙھيل سنڌي کي پاڻ وٽ محفوظ ڪرڻ گھرجي. سنڌ بابت اھم ڄاڻ سنڌ هن وقت 6 ڊويزنن، 30 ضلعن، ۽ 138 تعلقن ۾ ورهايل آهي. سنڌ ۾ هيٺيون ڇھ ڊويزنون آهن: 1.لاڙڪاڻو، 2. سکر،  3.شهيد بينظير آباد، 4.حيدرآباد، 5.ميرپور خاص، 6.ڪراچي.                سنڌ جي هر هڪ  ڊويزن ۾ هيٺيان ضلعا آهن: هڪ. لاڙڪاڻو ڊويزن جا ضلعا  1: لاڙڪاڻو،  2: ڪشمور، 3: شڪارپور، 4: جيڪب آباد،  5: قمبر شهدادڪوٽ ٻيو: سکر ڊويزن 1: سکر 2:گهوٽڪي(ميرپورماٿيلو) 3:خيرپور ٽيون: شهيد بينظير ڀٽو ڊويزن 1: شهيد بينظير آباد 2: نوشهروفيروز 3:سانگهڙ چوٿون: حيدرآباد ڊويزن 1: حيدرآباد 2: ڄامشورو 3: دادو 4: مٽياري 5: ٽنڊوالهيار 6: ٽنڊومحمد خان 7: بدين 8: ٺٺو 9: سجاول پنجون:ميرپورخاص ڊويزن 1: ميرپورخاص 2: ٿرپارڪر 3: عمرڪوٽ ڇهون:ڪراچي ڊويزن 1: ڪراچي اوڀر 2: ڪراچي اوله  3: ڪراچي ڏکڻ 4: ڪراچي مرڪز 5: ملير 6: ڪورنگي 7: ڪياماڙي سنڌ جا 138 تعلقا  1= باقراڻي 2= ڏوڪري 3= لاڙڪاڻو 4= رتوديرو 5= ڪنڌڪوٽ 6= ڪشمور 7= تنگواڻي 8= ڳڙهي ياسين 9=خانپور 10= لکي 11= شڪارپور 12...