شاھ جي رسالي مان چونڊيل سون ورنيون سٽون.نورالدين سرڪي

- نورالدين سرڪي


شاھ جي رسالي مان چونڊيل سون ورنيون سٽون
نورالدين سرڪي
الف
1.      آئون ميائي گهوري، جي مان محب ملن.
2.      آئون انين جي آهيان، توڻي مون نه مڃين.
3.      آئون جيهائي ذات، تون پاڻ سُڃاڻج سُپرين.
4.      آئون ملندي پرينءَ کي، راتيون ڏوري ڏينهن.
5.      آئون ڪيئن لوئي لاهيان، ڪارڻ ٻن ڏينهان.
6.      آئون ڪيئن سوڙين سمهان، مون ور گهاري ولھ.
7.      آدمين اِخلاصُ، مٽائي ماٺو ڪيو.
8.      آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارينِ.
9.      آرياڻي اَمل، ڪايا ۾ ڪانڌُ ٿيو.
10. آسائتيءَ کي عبدالطيف چئي، مولا! محب ملاءِ.
11. آسر مَ لاهيج، سڄڻ سٻاجهو گهڻو.
12. آسر هڏ ۾ لاھ، ڇنڻ ڳنڍڻ اُن جو.
13. آس نه لاهيندياس، جيئري جَت ڏسي مران.
14. آيا اڄ گهرجن، فردا مون ڦٽي ڪئي.
15. آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا.
16. آهي اکڙين ۾، آديسن اَدب.
17. آهيان گهڻو اَڄاڻ، پر سور پريان جا ساڻ مون.
18. اتر ڊاهي ان جا ته ڪنهن کي ڪارون ڪن؟
19. اُتي اوڏو آءُ، جت هوت! هيکلي آهيان.
20. اچو ڙي سورن واريون، ڪريون سور پچار.
21. اسان اُڌارا، آڻي آونگ چاڙهيا.
22. اسان عبادت، نظر ناز پرينءَ جو.
23. اسين سڪون جن کي، سي تان اسين پاڻ.
24. اصل عاشق پنهنجي، سسي نه سانڍين.
25. اصل عاشقن جو، سر نه سانڍڻ ڪم.
26. اکِ اشهد چاءِ، ته مُسلماني ماڻئين.
27. اک الٽي ڌار، ونءُ الٽو عام سين.
28. اکر پڙھ الف جو، ٻيا ورق سڀ وسار.
29. اکين ۾ اٽڪاءِ، لالائي لالن جي.
30. اکين ۾ ٿي ويھ، ته آئون وري ڍڪيان.
31. اکين آگم لائيا، ڪر مندائتا مينهن.
32. اکين کي آهين، عجب جهڙيون عادتون.
33. اکين مَلَڪَ ڏٺاس، توءِ من ڪاڍو ميهار ڏي.
34. اکيون اکڙين کي، سِڪيو ڪن سُجودُ.
35. اکيون تان عيد، ڪانهي عيد اکين ري.
36. اکيون سي ئي ڌار، جن سين پسين پرينءَ کي.
37. اکيون ميگھ ملار، صورت تنهنجي سَڀُ جڳ موهيو.
38. اکڙيون ويساند، پرينءَ گڏجي ڪنديون.
39. اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.
40. الا! اچن اوءِ، جن آئي من سَرهو ٿئي.
41. الا! اِئين مَ هوءِ، جيئن آئون مران بند ۾.
42. الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.
43. الا! کر جين، مَدي جن جي مَنَ ۾.
44. الله جئن نالوءِ، تئن مون وڏو آسرو.
45. الله سي ئي آڻ، جن ساءُ چکايم سِڪَ جو.
46. املھ آڇ مَ اُن کي، جي نه پُروڙن مَٺُ.
47. امڙ اوري اچ، ته سِٽ سُڻايئين سور جي.
48. اِن پر نه ايمان، جئن ڪلمي گو ڪوٺائيين.
49. اندر جنين اُڃ، پاڻي اُڃيو ان کي.
50. اندرَ جنين اَڌَ، ڏونگر سي ڏورينديون.
51. اندرَ ۾ امل، ٻهر ڪوجها ڪاپڙي.
52. اندر اُڃ اُڪير، مون کي پرينءَ پنهوار جي.
53. اَندرُ تون اُجار، پنا پڙهندين ڪيترا.
54. اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
55. اندر ريلا رَتُ، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
56. انگن چڙهيو آءُ، جان نالو ڳيڙءِ نينهن جو.
57. انڌا اونڌا ويڄ، کل ڪڄاڙيا کانئيين.
58. اوجهڙ سي نه پون، ٻيئي جنين ڇَڏيون.
59. اوراڙ نه پراڙ، ويچاري وَھ وچ ۾!
60. اول آخر آهي، هلڻ مُنهنجو هوت ڏي.
61. او ڇنني تون مَ ڇن، پاءِ اُميري ان سين.
62. اوڏايان اوڏو گهڻو، ڪهڙا ڪرئين سڏ.
63. اوڳڻ رُسي سڀڪو، ڳُڻين پرين رُٺام.
64. اِي نه مارن ريت، جئن سيڻ مٽائينِ سون تي.
65. اي وڙ ويڙهيچن، مون لوڏان ئي لَکيا.
66. اِي ڪم ڪميڻين، جئن سمهن پير ڊگها ڪري.
67. ايڪ پيالو، ٻه ڄڻا، عشق نه ڪري اِينءَ.
68. اُڀُر چنڊ! پَسُ پرين، تو اوڏا، مون ڏُور.
69. اڃا ڪي آهينِ، ڪلجڳ ۾ ڪاپڙي.
70. اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.
71. اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون.
72. اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين.
73. اُڏوهيءَ جئن ڏکڙا، چڙهيا چوٽيءَ سيئن.
74. اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي.
75. اڳي اُٺ رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿي.
76. اڳي پوءِ مران، مَرُ مران مارڳ ۾.
77. اَڻَ چوندن مَ چئه، چوندن چيو وسار.


ب
78. برو هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اُجاريو.
79. بغل منجھ بندوق، ماريءَ ميرا ڪپڙا.
80. بندر بازاريون، سُڃا سامونڊين ري.
81. بندي ٻيا قرار، اسين لوچون لوھ ۾.

ٻ
82. ٻاڙو پيئي نه ٻِپُڙي، مٺو منهن لڳوس.
83. ٻَري جن ٻاري، آئون نه جيئندي ان ريءَ.
84. ٻَريائي ته ٻار، ڦوڪ ته لڳي اَنبرين.
85. ٻن ترارين جاءِ، ڪانهي هڪ مياڻ ۾.
86. ٻنڌڻ سو ئي ٻڌُ، جو پهچائي پرينءَ کي.
87. ٻنڌڻ ٻاروچن جا، پينگهي منجھ پيام.
88. ٻِيائي کي ٻک، جن وڌو سي ورسيا.
89. ٻيو سڀ لوڪ لباس، ڪو هڪ دل هوندو هيڪڙو.
90. ٻيڙي پراڻي، وکر پاءِ مَ وترو.
91. ٻڏندي ٻُوڙن کي، ڪي ھاتڪ هٿ وجهن.

ت
92. تانگهي ۾ تاڻي، ٻنڌ پنهنجو ترهو.
93. تاڙا تنوارين، مينهن وسندا، موٽ تون.
94. تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانهي ويل ويهڻ جي.
95. تن ۾ تَندُ تنوار، سدا سُپريرين جي.
96. تن ۾ تؤنس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان.
97. تن جنين جي تانگھ، سي سڄڻ سفر هليا.
98. تنهن عشق کي شاباس، جنهن محبتي ميڙيا.
99. تُنهنجي تند تنوار، يار! مُون من موهيو.
100.                     تنين سال ٿيام، جينن ساعت نه سهان.
101.                     تو جنين جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي.
102.                     تو جو ساڻيھ ڀانئيو، سو مانجهاندي جو ماڳ.
103.                     تو در آيس تي، جئن تو ناھ نه سکيو.
104.                     تو ڏٺي مون غَمُ، ڏينهنِ جا ڏور ٿيا.
105.                     تون پارس آئون لوھ، جي سَڃين، ته سون ٿيان.
106.                     تون جي پهڻ پٻ جا، ته لڱ منهنجا لوھ.
107.                     تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا.
108.                     توڻي چِڪن چاڪ، ته به آه نه سلن عام کي.
109.                     ته ڪر ڪيئن سُئي، جي سِير نه گهڙي سُهڻي.
110.                     تهڙا چاليها نه چاليھ، جهڙو پسڻُ پرينءَ جو.

ٿ
111.                     ٿر ٿر اندر ٿاڪ، عمر! ماروئڙن جا.
112.                     ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.
113.                     ٿوري قُوت قرايا، مارو ملڪ ملير جا.

ڀ
114.                     ڀلائيءَ جا ڀير، پيشانيءَ ۾ پرينِ جي.
115.                     ڀيلو ڀيري ڀڃ، اُڪنڍ کڻ عميق ۾.
116.                     ڀينر آئون ڀُلياس، مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو.
117.                     ڀينر آئون ڀلياس، نه ته سِڪَ سُمهڻ ڇا لڳي.
118.                     ڀڳيءَ سين ڀير، جانسين رتو راس ٿئي.

ٽ
119.                     ٽيئي پرچيا پاڻ ۾؛ تندُ، ڪٽارو، ڪَنڌُ.
120.                     ٽيڏو پسي ٽي، هُو تان آهي هيڪڙو.

ڄ
121.                     ڄاتو جن ڄاڻي، تن هٿان، پهي نه ڇڏي.
122.                     ڄُل، وڃائي ڄَاڻ، عاشق! اَجل سامهون.

پ
123.                     پيئي کڻي پساھ، کسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.
124.                     پانڌ ۾ پائي، ويو ڪيني واري ڪين ڪي.
125.                     پاڇاهي نه پاڙيان، سرتيون! سئيءَ ساڻ.
126.                     پاڙي ناه پروڙ، ته ڪا رات رنجاِ گذري.
127.                     پاڙي ويڄ هئام، تان مون، مور نه پڇيا.
128.                     پاڻُ مَ کڻج پاڻ سين، وسيلا وڃاءِ.
129.                     پاڻيءَ مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن.
130.                     پاڻهي ايندم هوتُ، ڪجھ تون به ٿج اڳڀري.
131.                     پتنگ چائين پاڻ کي، ته اچي آڳ اُجهاءِ.
132.                     پِريان سندي پار جي مڙئي مٺائي.
133.                     پريتڻو پاري، مارڳ ۾ مُنڌُ مُئي.
134.                     پيرين پنڌ وسار، هل هنئين سين، هوت ڏي.
135.                     پرينءَ جا پاتي سا، جڙ جئري نه لهي.
136.                     پرين ڏيکاري پاڻُ، خوش ڪري ويا خواب ۾.
137.                     پسان شال اکين سين، دوست سندا ديرا.
138.                     پکڙا ۽ پنهوار، ڏٺي مون ڏينهن ٿيا.
139.                     پکن ۾ پيهي، شل محلن جي مَر ڌئان!
140.                     پکن جي پِريت، ماڙيءَ سين نه مٽيان.
141.                     پکن منجھ پساھ، قلب آهي ڪوٽ ۾.
142.                     پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.
143.                     پلاءُ نه پاڙين، عُمر آراڙيءَ سين.
144.                     پنيو پنج ڪَڻي، لِڪا ڀڻن لوڪ ۾.
145.                     پنهنجو آهي پاڻُ، آڏو عجيبن کي.
146.                     پنهوارڪي پت، پيهي پڇج ملير ۾.
147.                     پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور ھئا.
148.                     پورينديس پرين ڏي، ڪا نه ڪرينديس گهٽ.
149.                     پوکين تان ڪي پوک، جان پاڻي اٿي ٻار ۾.
150.                     پير نه ڇڏيان پرينءَ جو، جانسين ٿي جيان.
151.                     پيرين آءُ نه پڄڻي، ڏيھ پريان جو ڏور.
152.                     پيو جو پاتار، سو ڪيئن پُسڻ کان پالهو رهي.
153.                     پڄاڻا پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان.
154.                     پڇ پتنگن کان، سنديون کامڻ خبرون.
155.                     پڇن جي ميهار کي، پڇي سي ميهار.
156.                     پڇن سين پسن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي.
157.                     پڇڻا نه منجهڻا، جي پڇن سي وير.
158.                     پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين.
159.                     پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾.
160.                     پِڪون سي پينِ، سِر جنين جا سٽ ۾.
161.                     پهرين وڃان لوءِ، مَرَ پڄنم ڏينهڙا.
162.                     پهرين ڪاتي پاءِ، پڇج پوءِ پريتڻو.
163.                     پنهوارن پاٻوهيو، وريا واهوندا.

ج
164.                     جئان گهڙي، تئان گهيڙ، ڪپر پڇن ڪُوڙيون.
165.                     جا اِسلامان اَڳي هئي، سا سُئائون ٻانگ.
166.                     جا عمر تو مُل عيد، سان اسان سُوءِ ورتي، سومرا.
167.                     جا مٿي تو مڻيا، تنهن سِرَ جو آهيان سيڪڙو.
168.                     جا مڱ مُنهنجي مَنِ، سا توکي معلوم سڀڪا
169.                     جا نينهن ڳنهندي نانءُ، سا مون جئن پوندي مامري.
170.                     جا ڀون پيرين مون، سا ڀون مٿي سڄڻين.
171.                     جان جئين تان جل، ڪانهي جاءِ جلڻ ري.
172.                     جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناه سُجودُ.
173.                     جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناه نماز.
174.                     جان جان هئي جئري، ورچي نه ويٺي.
175.                     جانبَ اِئين نه جڳاءِ، جيئن ماريو موٽيو نه پڇين.
176.                     جانب! تون زيان، اکين سين ايڏا ڪرين!
177.                     جانب جهڙو جڳ ۾، ناهي ڪو ثاني.
178.                     جانسين ٿي جيان، ڪانڌُ نه ڪنديس ڪو ٻيو.
179.                     جاڳو جاڙيجا، سَما سُک مَ سمهو.
180.                     جبل ماري جک، جو آڏو آريچن کي.
181.                     جَتَ آه نه ڪا، اِي خاڪيءَ جو خيالُ
182.                     جَتَ جهجها ۾ جڳ، منهنجي پرت پنهونءَ سين.
183.                     جر ٿر تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي.
184.                     جزو وڃايو جوڳئين، ڪُلَ سين آهينِ ڪَمُ.
185.                     جن اَندر ٻري باھ، سُڌ تنين کي سڀڪا.
186.                     جن سيڻ لَهن سارون، تَن تان ڏُکندو ڏورُ ٿئي.
187.                     جن کي آرس اکئين، سي ڪئن پرين پسن.
188.                     جن کي عشق جي اُساٽ، سي واهُڙ ڀانئن وکڙي.
189.                     جن مُسافرَ سپرين، سي مر رويو رون.
190.                     جنين جاڳاياس، آئون نه جيئندي اُن ري.
191.                     جنين من ميهارُ، هلڻ تنين حق ٿيو.
192.                     جنين ڪاڻ مياس، سي ڪانڌي ٿيڙم ڪينڪي.
193.                     جنهن کي ساڻ پريان جا سُور، تنهن کي ندي ناھ نگاھ ۾.
194.                     جنهن کي سڪ ساهڙ جي، سا گهايل، گهر نه گهاري.
195.                     جو اکيئون اوڏو آھ، سو پرين پراهون مَ چئو.
196.                     جو تون ڏورين ڏُور، سو سدا آهي ساڻ تو.
197.                     جو صرافن لڏيو، سو تون پڻ لڏج سون.
198.                     جو لکڻ منجھ ماڙهوئين، سو مکڻ منجھ کير.
199.                     جو منهن مومل جي پوءِ، موٽڻُ تنهين مس ٿئي.
200.                     جوڳي ٻيا به گهڻا، منهنجو لکيو لاهوتين سان.
201.                     جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو.
202.                     جوڳين جوڳ جڳاءِ، جوڳ پُڻ سونهي جوڳئين.
203.                     جي پويون ٿئي پساھ، ته نِجان مڙھ ملير ڏي.
204.                     جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهينِ.
205.                     جي تو نظر نيڪ، ته بسم الله ئي بس ٿئي.
206.                     جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.
207.                     جي خوديءَ کي کانئين، هلو ته تڪيا پسون تن جا.
208.                     جي سنجهيئي سُتيون، سي مر سور سهن.
209.                     جن تو فارسي سکيو، گولو توءِ غلامُ.
210.                     جي قيام مڙن، ته ڪر اوڏا سُپرين.
211.                     جي ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائيج.
212.                     جي ننگ ڇڏي نانگا ٿيا، تن نانگن ڪهڙو ننگ.
213.                     جي نه سڃاڻن سچ کي، ويھ مَ تنين وٽ.
214.                     جي وڃان وڃان ڪن، سي رهي رهندا ڪيترو.
215.                     جو وڙ جُڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.
216.                     جي ٿيا حَلُ حبيب سين، سُمهڻ تَنِ ثوابُ.
217.                     جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته طمع ڇڏ تمام.
218.                     جي ڀانئين وَسَ چران، ته سنگهارن سين گهار.
219.                     جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا.
220.                     جي ڪر لڌائون، ته بنديءَ بندُ نه ساريو.
221.                     جي هِت نه هوت پسن، سي ڪنهن پر ڪيڇ پسنديون.
222.                     جيجان جهلَ مَ پاءِ، هينئون هوت هڻي ويا.
223.                     جيلانهن ذات حليم، ملي تي ميهار کي.
224.                     جيڏانهن چت چاھ گهڻو، آر به اوڏانهين.
225.                     جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
226.                     جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجھ به اوڏيائي مڱان.
227.                     جيڏيون! جي مان وسهو، ننڊ مَ هيريو نيڻ.
228.                     جيڪر ڪريان ريھ، پر چوندا مُنڌ چري ٿي.
229.                     جيڪس جهليا مڇ، گهاتو گهر نه آئيا.
230.                     جيڪي طالب تات جا، تات به تنين وٽ.
231.                     جيڪي مُئي ڪندا، سو جانب ڪريو جيئري.
232.                     جيڪي ڏنائون، سو سڀوئي صحت.
233.                     جيڪين فراقان، سو وصالان نه ٿئي.
234.                     جيها جي تيها، مون مارو مڃيا.
235.                     جيهي جي تيهي، ته به ٻانهي ٻاروچن جي.
236.                     جڏهن ڪن فيڪون، من تڏهانڪون مارئين.
237.                     جڙي ٻڌائُون جان ۾، پيغامن جا پُورَ.
238.                     جهڙا ڪالھ هئام، اڄ نه اهڙا سپرين.
239.                     جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سِٽا ساٿ جي.

چ
240.                     چت جنين جا چورُ، سي مکي مَرَڪَ نه ڪنديون.
241.                     چت جنين جا چُور، هَلو، تڪيا پسون تن جا.
242.                     چنيسر سين چاڳ، متان ڪا منڌ ڪري.
243.                     چنڊ! تنهنجي ذات، پاڙيان نه پرينءَ سين.
244.                     چوندن ڪيم چئيج، ويڻ ورائي سامهون.
245.                     چڙهي ڏاڍين ڏونگرين، پُرزا ڪنديس پاڻ.

ح
246.                     حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي مَ ڀُلُ.
247.                     حُسن سَندو حقُ، ڪَورُ پَروڙي ڪين ڪي.

خ
248.                     خودي ۽ خدا، ڪين مائيندا من ۾.

د
249.                     دائم جا درياءَ ۾، سا مڇي ڪني ڪوھ؟
250.                     درد منهنجي دل جو، تون ڪامل اچي ڪٽ.
251.                     درد نه اٿئي دل ۾، ته سڪڻ ڪر مَ سَڌَ.
252.                     درياءَ توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي.
253.                     دنيا سڀ درياءُ، ڪو ڪو تارو تنهن ۾.
254.                     دوس پيهي در آئيو، ٿيو ملڻ جو سعيو.
255.                     دوست ڪُهائي دادلا، محبت مارائي.
256.                     دوست! مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
257.                     ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين.
258.                     ديواني کي دل ۾، سورن جو سامان.

ر
259.                     رئڻ ۽ راڙو، مون نماڻيءَ جي نجهري.
260.                     راتڙيون جاڳن جي، سي آ ڪندڙي سيڻ.
261.                     راجا! راضي ٿي، ته مارن ملي مارئي
262.                     راھ ۾ گڏين رام، پنڌان ڇٽا ڪاپڙي.
263.                     راڻا جي رجپوت، مومل سيئي پسندا.
264.                     راڻو ۽ راڻو، ريءَ راڻي ٻيو ناھ ڪي.
265.                     راڻي لاءِ رڙي، ويئي وهامي راتڙي.
266.                     رَتيءَ جي رهاڻ، جيءُ اڙايم جَتَ سين.
267.                     روئان رَهن نه سُپرين، آيل! ڪريان ڪيئن.
268.                     روح پنهنجو رام سين، پر ۾ پوتائون.
269.                     ريءَ مصلحت مڱڻا، اڱڻ ڪين اچن.
270.                     رڳون ٿيو رباب، وڄن ويل سڀڪنهين.
271.                     رهيا اٿئي رات، صبح ويندا صابري.

ز
272.                     زاريءَ ڌاران زور، هلي ڪو نه حبيب سين.

س
273.                     سا مون هٿان نه ٿئي، جيڪا رَسَم راڄ.
274.                     سا ڪئن کائي کارڪون، جنهن کي ڏئونرا ڏيج ڏنائون.
275.                     سائينم! سدائين، ڪرين مٿين سنڌ سڪار.
276.                     سائينءَ جو سوڳندُ، منهنجو ساڄن سڀنئان سُهڻو.
277.                     ساجن ساھ ڏيان، توکي ساريو سپرين.
278.                     ساجن سڀ ڄمار، ڏُکي ڏورج ڏيل ۾.
279.                     سارنگ سار لهيج، الھ لڳ اڃين جي.
280.                     ساريان ڪو نه سکوءِ، سور گهڻيئي سنڀران.
281.                     سامونڊي سُچيت، ٿيءُ ته پهچين پار کي.
282.                     سامونڊين جي سڱ کي، روئان راتو ڏينهن.
283.                     سامي منهنجو ساھ، آئون نه جيئندي اُن ري.
284.                     سامين جي سنڀال، منهنجو چت چڱو ڪيو.
285.                     ساندھ سَڀُ درياھ، پري ڪنڌي پار جي.
286.                     ساڄن سنديءَ سونهن جي، آ ڳالھ ڪريان ڪيهي؟
287.                     ساڄن سڀ ڄمار، اکيون اوهان جي آسري.
288.                     ساهڙ بنا سهڻي، اَڌوتي آهي.
289.                     ساهڙ جا سينگار، اڻ ڏٺا اڳي هئا.
290.                     ساهڙ جا سينگار، متان ڏم ڏيکاريين.
291.                     ساهڙ سندو تنُ، گهاگهائي گهڙن جي.
292.                     ساهڙ مون سينگار، ماڙهن ليکي ميھڻو.
293.                     ساهڙ ڄام ستار، سگهو رسج سير ۾.
294.                     ساهڙ ڄام سچو، ساڻي ٿيندو سير ۾.
295.                     ساهڙ سا سُهڻي، سائر پڻ سو ئي.
296.                     سپريان جي سور جو، ماڙهن ڏجي نه منجھ.
297.                     سپريان سين سوڀ، ننڍن ڪندي نه ٿئي.
298.                     سپيريان جي سونهن جو، نه ڪو قد نه مدُ.
299.                     سپيريان جي ڳالهڙي، ڪنهن سان ڪين ڪجي.
300.                     سَپَڙَ سا سُئي، جيڪا چارڻ چِت ۾.
301.                     ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري.
302.                     سَتَر کاڌا کيڻ، جي ڏٺو مُنهن محبوب جو.
303.                     ستَرُ ڪر ستار، آئون اگهاڙي آهيان.
304.                     سُتو ڪئن ننڊوُن ڪرئين، روئي رات وهاءِ.
305.                     سدا سائر سير ۾، اندر لهي نه اُڃ.
306.                     سر ۾ پکي هيڪڙو پارھيڙي پنجاھ.
307.                     سِرجي تان سُور، سامائي، تان سُک ويا.
308.                     سر نسريا پانڌ، اُتر لڳا آءُ پرين.
309.                     سرتيون! ساھ سندوم، ٿيو حوالي هوت جي.
310.                     سريو سون سڪوت، جوڳيءَ سندي ذات کان.
311.                     سَرها ڏٺم سي، جن ساڃاھَ سراڻ سين.
312.                     سسي ڌار ڌري، پڇج پوءِ پريتڻو.
313.                     سکر سيئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾.
314.                     سُکن مون سين ڪين ڪيو، سورن لڌيم سارون.
315.                     سکو سِپن کان، سرتيون ريت سڪڻ جي.
316.                     سُکين ٿي مَ سنري، پسي ڏُکَ مَ ڏَر.
317.                     سکڻو هَڏُ آهي، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناه ڪين.
318.                     سَگهن سُڌَ نه سُور جي، ته گهايل ڪئن گهارين.
319.                     سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.
320.                     سَمون تِن سارون لهي، جي مُٺا ۽ مسڪين.
321.                     سندو واريءَ ڪوٽ، اڏي اڏبو ڪيترو.
322.                     سندي جوڳيان ذات، ٻئي ڀيري ڀاڳ مڙي.
323.                     سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.
324.                     سنديون کامڻ خبرون، تن آديسين آهين.
325.                     سنهيءَ سُئيءَ سِبيو، مون ماروءَ سين ساھ.
326.                     سَنڌيون سور ڪرين، هڏَ پڻ ڏکن هوت لئي.
327.                     سنها ڀانءِ مَ سپ، وياءَ واسينگن جا.
328.                     سو پرين، سو پساھ، سو ويري، سو واهرو.
329.                     سو پکي، سو پڃرو، سو سَرُ، سو ئي هنج.
330.                     سو پڻ ساڙو هوءِ، هيءُ جو ساھ سرير ۾.
331.                     سَوَ سِسنئان اڳرو، سندو دوسان دَمُ.
332.                     سو سڀوئي حق، جنهن ۾ پسڻ پرينءَ کي.
333.                     سو ڪو ڏيارين ڏان، جو طمع کي ترڪ ڪري.
334.                     سوئي ٻارج مَچُ، جئن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
335.                     سور ورهايان سرتيون، جي وراهيا وڃن.
336.                     سور ته مڙئي سور، پور به سورن جهڙا.
337.                     سُورُ جنين کي سريو، سَري تن صحت.
338.                     سُورن اسان ساڻ، ننڍيئي نينهن ڪيو.
339.                     سورن سانڍياس، پُورن پالي آهيان.
340.                     سوري آهي سينگار، اصل عاشقن کي.
341.                     سوري جنين سيج، مرڻ تن مشاهدو.
342.                     سوري سينگاري، اصل عاشقن کي.
343.                     سوريءَ چڙهڻ، سيڄ پسڻ، اِيءُ ڪم عاشقن.
344.                     سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار.
345.                     سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانهن ٻڌائون.
346.                     سون برابر سڳڙا، ماروءَ سندا مون.
347.                     سو نه ڪنهين شيءِ ۾، جيڪي منجھ تُراب.
348.                     سوڍا تو ڳر ساھ، نات راڻا گهڻا راڄ ۾.
349.                     سي پنهون ڪوه پڇن، جي سنجهي ئي رهن سمهي.
350.                     سي چِلوِلا چئجن، جي در در لائن دوستي.
351.                     سي ستا ئي سونهن، ننڊ عبادت جن جي.
352.                     سي سڄڻ هُون نه ڌار، جي هينئين ۾ حل ٿيا.
353.                     سيخن ماه پچاءِ، جي نالو ڳيڙءِ نينهن جو.
354.                     سپيريان جي ڳالهڙي، رُڳو رنجائو.
355.                     سيڻن جي سنڀار، جڏو جيءُ جياريو.
356.                     سٻاجها سائين! راءُ ريجهائيين راڳ سين.
357.                     سَٻَرُ سيءُ پيو، نه مون سوڙ نه گِبرو.
358.                     سُٽ اُنين جو سڦرو، جي پر ۾ پچائين.
359.                     سڀ ۾ پنهون پاڻ، ڪينهين ٻيو ٻروچ ري.
360.                     سڀوئي سبحان، ڪيڏانهن ڪري نِيتيان.
361.                     سڄڻ ۽ ساڻيھ، ڪنهن اڻاسي وسري.
362.                     سڄڻ جي سارين، تن رويو وهامي راتڙي.
363.                     سَڄَڻ جي سارين، نه ڪي رُون نه چُون ڪي.
364.                     سڄڻ سانوڻ جيئن، رُڃون ٿو ريلي.
365.                     سڄڻ سنئيون ڪن، لوڪان ليکي وِنگيون.
366.                     سَڄَڻَ ماکيءَ ميٺ، ڪؤڙا ٿين نه ڪڏهين.
367.                     سڄڻ ياد پيوم، جاڙ جيان ٿي جيڏيون.
368.                     سڄڻ ڏٺو جن، موٽڻ تنين مهڻو.
369.                     سڌين سيڻ نه هُون، نيهن نياپي نه ٿئي.
370.                     سڌڙيا شراب جون، ڪوه پچارون ڪن.
371.                     سڪ تنهنجي سُپرين، جئن تران تئن تار.
372.                     سڪ سڪائي سِڪ، سِڪ نه آهي سٿري.
373.                     سڪ سڪندين لاھ، وڇوڙيا ميڙ پرين.
374.                     سُڪوت ئي سلام، پريان سندي پار جو.
375.                     سِڪي جان سُتياس ته سڪ سمهڻ نه ڏي.
376.                     سِڪڻ ۽ سُوري، ٻئي اکر هيڪڙي.
377.                     سڪڻ ڪيا شهيد، مارو جي ملير جا.
378.                     سَڱ ڪري سينءَ، ڪنڌ مَ ڦيرج ڪيڏهين.
379.                     سڻي ساڻيھ ڳالهڙي، لهي ويا لوھ.
380.                     سڻي ويڻ ڪنن سين، ورائج مَ وري.
381.                     سهسين سائر ٻوڙيون، مُنڌ ٻوڙيو مهراڻ.
382.                     سُهڻيءَ کي سيد چئي، وڌو قرب ڪُهي.

ش
383.                     شال مَ وڃي ساھ، ڌاران پسڻ پرينءَ جي!
384.                     شال مَ ڇڄي نينهن، گِهڙان گهوريو جندڙو

ص
385.                     صاحبَ وڻي سچ، ٿيءُ دانه، ديوانا!
386.                     صُلح جن سڄڻ سين، سيج ماڻيندا سي.
387.                     صورت جا ساهڙ جي، ڏيل پنهنجي ڏک.
388.                     صورت سُپرين جي، ڏٺي ڪونهي ڏوھ.
389.                     صوفي تي ٿيا، جئن ڪين کنيائون پاڻ سين.
390.                     صوفي چائين، سَڌ ڪرين، صوفين ايءَ نه صلاح.
391.                     صوفي لا ڪوفي، ڪو نه ڀانئيس ڪير.
392.                     صوفيءَ سير سڀن ۾، جئن رڳن ۾ ساھُ.
393.                     صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو.

ط
394.                     طمع جي تنوار، متان ڪرين مڱڻان.

ع
395.                     عاشق اَجل سامهان، اُونچي ڳاٽ اچن.
396.                     عاشق زهر پياڪ، وھ ڏسي وهسن گهڻو.
397.                     عاشق عزازيل، ٻيا مڙيئي سڌڙيا.
398.                     عاشقن آرام، ڪڏهن تان ڪو نه ڪيو.
399.                     عالم آ ساڻ، ڀريو ٿو ڀير ڪري.
400.                     عدلان ناهي عشق، پڄاڻي پاڻ لهي.
401.                     عدل ڇٽان آنءُ نه، ڦيرو ڪج فضل جو
402.                     عشق ائين ڪري، جئن ڄارو ڄامَ ڪُلهي ڪيو.
403.                     عشق نانگ نپٽ، خبر کاڌن کي پوي.
404.                     عشق نه آهي راند، جو ڪنس ڳڀرو.
405.                     عشق واريون عبداللطيف چئي، سڌ نه کڻن ساڻ.
406.                     عَقُل، مَت، شرم؛ ٽيئي نينهن نهوڙيا.
407.                     عمر اڇا ڪپڙا، ڪاڻياريون ڪيئن ڪن.
408.                     عين شرڪ اِيءُ، جئن بي شرڪ ڀانئين پاڻ کي.

ق
409.                     قدم ڪاپرين جا، ليلائي لهيج.
410.                     قرب ڪاپڙين، نَهن چوٽيءَ سيئن ڍڪيو.
411.                     قضا جا ڪريم جي، ڪنهن تان ڪين ٽري.

ف
412.                     فاني ڙي فاني، دنيا دم نه هيڪڙو.

ک
413.                     کَرُ کاريندو سي، ماٺو جن پريتڻو.
414.                     کَرُ مَرُ کامي پَچي، آئون ويندي در دوسن جي.
415.                     کوءِ سي جيئڻ ڏينهڙا، جي پون پرينئان ڌار.
416.                     کوءِ سي راتڙيون، جي مُون پرينءَ پڄاڻان پيئيون.
417.                     کٿيءَ منجھ کٽيائين، مارو ڄام ملير جو.

گ
418.                     گولا جي گراھ جا، جوٺا سي جوڳي.
419.                     گولي ٿيان گل بوءِ، جي مون نيو پاڻ سين.
420.                     گوندر مٿان ڄندڙي، وريا ولين جيئن.
421.                     گڏيئي جي وتُ، ته دين سڀ دور ٿيا.

ل
422.                     لا خوف عليهم ولا هُم يحزنونِ، سچن ڪونهي سُورُ.
423.                     لالڻ آيو پيهي، وائڙا سُور سڀيئي.
424.                     لالڻ جي آتِڻ، اکر مون نه اُڄهي.
425.                     لاهوتي لطيف چئي، سڌ نه کڻن ساڻُ.
426.                     لاهوتي لطيف چئي، موهيا ڪنهن نه مال.
427.                     لاهوتين لطيف چئي، من ماري ڪيو مُڃَ.
428.                     لک لهي ٿي لوڏ، جيجان تن جتن جي.
429.                     ليلان، ليلائيج، اٿئي ماڳ منٿ جو.
430.                     ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائيج.
431.                     لٿو اُونداهو، جوڳيءَ سنديءَ جوت سان.
432.                     لڙڪ نه لکڻ ڏينِ، ڪِريو پُون قلم تي.
433.                     لڳم لاهوتين جو، ڪينر منجهان ڪاتُ.
434.                     لڳيءَ جو لطيف چئي، نڪو قال نه قيل.
435.                     لڳي اُتر واءُ، ڪينجهر هندورو ٿئي.
436.                     لهرن لک لباس، پاڻيءَ پسڻ هيڪڙو.
437.                     لھ ساهڙ! سنڀارون، ته لهرن لوڏي نه مران.

گھ
438.                     گهنگهر گهڻو ٿياس، ڄاپي ماروئڙن کي.
439.                     گهوريو سو سهاڳ، جنهين ۾ پسين پاڻ کي.
440.                     گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا.
441.                     گهڙو ڀڳو ته گهوريو، پاڻان هو حجاب.
442.                     گهڙيا سي چڙهيا، ايهين اَٿيئي.

م
443.                     مارن جي فراق، هڏ منهنجا ڪپيا.
444.                     مارن مونجھ مُياس، نات ماڙين ماريس ڪينڪي.
445.                     ماروئڙن ساڃاھَ، سا ئي آهي سومرا.
446.                     مارڳ جي مرن، وڏا طالع تن جا.
447.                     ماڙهن ليکي بُکَ، سامي سوُر سَنها ڪيا.
448.                     ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج.
449.                     ماڻھو گهرن مالُ، آ سڀ ڏينهن گهران سپرين.
450.                     متارا مري ويا، موکي تون ڀي مَرُ.
451.                     متو آهين مڇ، ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين.
452.                     محبت جن جي من ۾، تن تشنگي تارِ.
453.                     محبت جون ميڇون، ڪَورُ پروڙي ڪين ڪي.
454.                     محبت سندي مام، ڪَورُ پروڙي ڪين ڪي.
455.                     محبتي ماري، ڪونهي دادُ دَرياھ ۾.
456.                     محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻڌجي هيڪڙو.
457.                     محبتي ميهار جو، سُور نه ڪنهن سَلجي.
458.                     محبتين مٿاءِ، مَچُ مُورائين نه لهي.
459.                     محرم موٽي آئيو، موٽيا تان نه امام.
460.                     مران جي هن هنڌ، ته نجاه مِئٿُ ملير ڏي.
461.                     مري جيءُ، ته ماڻيين، جانب جو جمال.
462.                     مرڪڻ اکڙين، تو ڏٺي مون سُکُ ٿيو.
463.                     مرڻا اڳي جي مُئا، سي مري ٿين نه ماتِ.
464.                     معرفت مَرَڪُ، اصل عاشقن جو.
465.                     مفتي منجھ وهار، ته قاضي ڪاڻيارو نه ٿئين.
466.                     ملاح تنهنجي مڪڙيءَ، اچي چور چڙهيا.
467.                     ململ منجهان ماءُ، جي سکيون تن سون ڪيو.
468.                     ملڪ مڙيو منصور، ڪُهي ڪُهندين ڪيترا.
469.                     ملھ مهانگو قطرو، سڪڻ شهادت.
470.                     مَنُ اکيون، تَن تِت، جت جنم جيڏيين.
471.                     من ماري ڪر مات، ته تيرٿ پسين تڪيو.
472.                     مَنَڌَ پيئندي مون، ساڄن صحيح سڃاتو.
473.                     مُنهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهيين.
474.                     مُنهن ۾ موسيٰ جهڙو، اندر ۾ ابليسُ.
475.                     منهن محراب پرينءَ جو، جامع سڀ جهان.
476.                     منهنجو من، ميان! واڳيو ويڙهيچن سين.
477.                     منهنجي وس واڪا، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
478.                     منهنجي آھ اِها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.
479.                     مون سين ڪري ميٺ، سڄڻ سفر هليا.
480.                     مون ۾ تون موجود! آ آڳاهين آهيان.
481.                     مون ۾ عيبن ڪوِڙ، تون پاڻ سڃاڻج سُپرين.
482.                     مون پريان سين نينهن، ڇنڻَ ڪارڻ نه ڪيو.
483.                     مون تان مهر نظر، پرين لاھ مَ پانهنجي.
484.                     مون سان مون پرينِ، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.
485.                     مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي.
486.                     مون سين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري.
487.                     مون کي جيارينِ، وايون وڻجارن جون.
488.                     مون کي ماءِ مجاز، پيڃاري جئن پڃيو.
489.                     مون کي ماروئڙون، سُڃ ڳڻائي سيج ۾.
490.                     مون کي ڏنءُ ڏيئي، ڍولو ڍٽ قراريو.
491.                     مون کي ڪا مَ جهلي، سڀڪا پاڻُ پلي.
492.                     مون ماروءَ جو مَکُ، تيل نه لائيان تنهنجو.
493.                     مون ماروءَ سين لڌيون، لوئيءَ ۾ لائون.
494.                     مون ڀانيو مون وٽ، هميشه هوندا پرين.
495.                     موٽي مران مَ ماءِ! موٽڻ کان اڳي مران.
496.                     موٽڻ جنين ميهڻو، پِڙ تي سيئي پون.
497.                     ميائي جياس، جي وڃي مڙھ ملير ڏي.
498.                     ميخون محبت سنديون، هينئڙي منجھ هزارَ.
499.                     ميرو ئي محبوبَ، اسان مارو مَنَ ۾.
500.                     مُينَ سين ماڻو، مناسب نه مينڌرا.
501.                     مينهن مندائتا وسڻا، سدا وَسين تون.
502.                     مٺُ مٺُ سورن سڀ ڪهين، مون وٽ وٿاڻا.
503.                     مٺ ڀِيڙيائي ڀلي، جي اُپٽي ته واءُ.
504.                     مٺي مصيبت، آهي آريءَ ڄام جي.
505.                     مٽ نه معذورين جا، ڪا جا جوڳين ذات.
506.                     مِڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي.
507.                     مڙينئون موڪل، ڪالھ ڪندا ويا ڪاپڙي.
508.                     مڱان ڪهڙيءَ مت سين، نسورو نادانُ.
509.                     مڻئي مٿي جي هئا، تن چٽن ڦيريم چِٽ.

ن
510.                     نئون نياپو آئيو، راڻي ملا راتِ.
511.                     نااُميدي نيج، ته اوڏي ٿيين اُميد کي.
512.                     نائي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
513.                     نابوديءَ نيئي، عبد کي اَعليٰ ڪيو.
514.                     ناسيندي نگاه، پهرين ڪج پرينءَ ڏي.
515.                     نالو ناھ نفاق جو، جتي رَبُ جليل.
516.                     نانگن ڪين نمائيو، ناٿ نمايو نيهن.
517.                     نمي کمي نهار تون، ڏمر وڏو ڏُک.
518.                     نه خبر نه خواب، نه ڪو اوٺي آئيو.
519.                     نه مون نانانيان کٽيو، نڪي ڏاڏڻيان.
520.                     نِيَر منهنجي نينهنُ، اُجاري اڇو ڪيو.
521.                     نينهن نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه هون.
522.                     نيڻين ننڊ اُکوڙ، جم ورن ۾ واڪا ڪرين.
523.                     نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سُپرين!

و
524.                     واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساھ.
525.                     واريءَ سندو ڪوٽ، اڏي اڏبو ڪيترو.
526.                     واٽون ويھ ٿيون، ڪُہُ ڄاڻان ڪيهيءَ ويا.
527.                     واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو.
528.                     واڪو ڪنديس ووءِ! مون سين جبل ٿو جاڙون ڪري.
529.                     واڳ پريان جي وَسِ، آئون ڪا پاڻ وهيڻي.
530.                     وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن ورُ وڏو ڪيو.
531.                     وَرِ اباڻن اُڃ، کوءِ شربت تنهنجو سُومرا.
532.                     وَرِ پريان سين پِڪ، ٻيا ڀاڻ ڀَريا ئي گهوريان!
533.                     وَر ريءَ وانڍين اَڏيا، پَکا سي مَ پُسن.
534.                     وَرِ سا سُڃي ويڙھ، جنهن ۾ سَڄڻ هيڪڙو.
535.                     وَرِ سي کارا کوھ، سنجيم جي ساڻيھ جا!
536.                     وسارج مَ ويڻ، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا.
537.                     وصالان فراق جي، سُڄي ڳالھ ڳري.
538.                     وطن وسائيج ته سنگهارن سُکُ ٿئي.
539.                     وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي.
540.                     وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾.
541.                     ولين جئن وَريام، گوندر غم پرين جا.
542.                     ويا سي وينجهار! هيرو لعل وِنڌين جي.
543.                     ويا مور مور مري، هنجَ نه رهيو هيڪڙو.
544.                     وياءَ واسينگن جا، سنها ڀانءِ مَ سپَ.
545.                     ويراڳين وسي، رام سدائين روح ۾.
546.                     ويٺي آهيان واٽ تي، آهيان آسَروندي.
547.                     ويٺي ور نه پون، سُتي ملن نه سپرين.
548.                     ويٺي وٽيائون، ڪي جي سڳا سُور جا.
549.                     ويٺين ناه وراڪو، سُتين ڪونهي سڱ.
550.                     ويڄَ ڏنڀئين ڪُھ ٻانهن، سُورَ هنئين کي سامهان.
551.                     ويڄَ! مَ ٻُڪي ڏي، الا! چڱي مَ ٿيان.
552.                     ويهي تون وُجود مان، ڳولي لَهج ڳُجھ.
553.                     وٽان واڍوڙين، رهي اچجي راتڙي.
554.                     وڃائي وجود کي، پاڻان پاسي ٿيءُ.
555.                     وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳوليين هوت کي.
556.                     وڃڻ تت پيوم، جت هلڻ ناه حسن ري.
557.                     وڍيل ٿي واڪا ڪري، ڪُٺل ڪوڪاري.
558.                     وڏا طالع تن جا، جي مٿي مارڳ منجھ مرن.
559.                     وڏو طالع تن، مٿي مارڳ جي مئا.
560.                     وڻجاري وائي، سدا آھ سفر جي.
561.                     وهان ڪئن ماٺ ڪري، هيڏو سور سهي.
562.                     وَهَمَ ورساياس، نا ته پنهون آئون پاڻ هئي.

ڇ
563.                     ڇا جا ڏنگا ڏير، منهنجو ڏينهن ڏنگو مَ ٿئي.
564.                     ڇِنَنَ توءِ مَ ڇن، پاءِ اُميري اُن سين.

ڌ
565.                     ڌريان ئي ڌاريا، مِٽ مُئيءَ جا نه ٿيا.
566.                     ڌَڻُ ڌارڻ، ڌار رهڻ، اِيءَ نه سنگهارن سٽ.

ڍ
567.                     ڍول تنين جي ڍار، هيٺاهيون هلن جي.
568.                     ڍڪج ڍڪڻهار، ڏيئي پاند پناھ جو.

ڏ
569.                     ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي سو لَهي.
570.                     ڏاتار ته تون، ٻيا مڙيئي مڱڻا.
571.                     ڏَسيو ڏيکاري، پرتِ پريان جو پيچرو.
572.                     ڏسڻ ڏسين جي، ته همہ کي حق چئين.
573.                     ڏُک تنهين کي ڏِکَ، حُب جنهين کي هوت جي.
574.                     ڏک سُکن جي سونهن، گهوريا سُک ڏُکنَ ريءَ.
575.                     ڏکيءَ توءِ ڏڪار، توڻي وسن مينهڙا.
576.                     ڏکوين اُھڃاڻ، ڪُلهي ڦاٽو ڪنجرو.
577.                     ڏکيوين مرڪ، مٿي سڳر پنڌڙا.
578.                     ڏکيءَ ڏمر ناه، بکيءَ کِل نه اُڄهي.
579.                     ڏکيون جان نه مڙن، تان تان ڀنڻ نه ٿئي.
580.                     ڏمريا ته ڏيي، پرچي ته پاٽ ڀري.
581.                     ڏور وڃيو ڏينهن لائي، ڪا سوڍل کي سمجهائي.
582.                     ڏُوران ڏٺم سپرين، سچي جن صفت.
583.                     ڏوريان ڏوريان مَ لهان، شال مَ ملان هوت
584.                     ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا.
585.                     ڏورينديون ڏسن، جڏهن تڏهن پرينءَ کي.
586.                     ڏورڻ منجهان ڏَسُ، پوندءِ هوت پُنهونءَ جو.
587.                     ڏونگر سي ڏورينديون، جن اندر ٻري آڳ.
588.                     ڏونگرَ مون نه ڏکوءِ، آ اڳ ڏکوئي آهيان.
589.                     ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکوئيو.
590.                     ڏيکاريس ڏکن، گورندر گس پرينءَ جو.
591.                     ڏِينهان ڏينهن نئون، مون کي وِرھ ويڙيچن جو.
592.                     ڏينهن مڙيئي ڏون، اُٿي لوچ لطيف چئي.
593.                     ڏيهي ڏُور ويا، ڏيان ڏوراپا ڪن کي.
594.                     ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪُھَ ڄاڻان ڪهڙا پرين.
595.                     ڏڪاريا ڏيھ مان، موذي شال مرن.
596.                     ڏھ ڏھ ڀيرا ڏينهن ۾، ڏي ڏوراپا ڏمُ.

ڦ
597.                     ڦُريا پسي ڦِيڻ، کرين کير نه چکيو.
598.                     ڦَڪي فقيرن، ماڳان پِني ماٺ جي.

ڪ
599.                     ڪا جا جوڳين ذات، مِٽ نه معذورن جا.
600.                     ڪا مُهين ۾ گهٽ، نات سڄن سٻاجهو گهڻو.
601.                     ڪاپائتيءَ قرار، منجهان پورهئي آئيو.
602.                     ڪاتيءَ ڪونهي ڏوھ، ڳنُ وڍيندڙ هٿ ۾.
603.                     ڪارا ڪراين ۾، سونُ اسان کي سوءِ.
604.                     ڪانگ نه ڪُوڙا هونِ، پريان سندي پار جا.
605.                     ڪا نه گُهرجي مون، حياتي هوتن ريءَ.
606.                     ڪانڌَ ڪنهين جو نه وڻي، گيرب ۽ گاءُ.
607.                     ڪانڌي ڪنگ ٿياس، وَهڻَ جنازو سُهڻي.
608.                     ڪاڏي ٿيو ڪوهيار، ڪاڏي ٿي هٿ کڻي.
609.                     ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال.
610.                     ڪاڪُلَ ڪُٺي جا، ڪَفَن تنهين ڪين ٿئي.
611.                     ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جئن ماٽيءَ منجھ مهي.
612.                     ڪرهو نه ڪِي ڪانُ، پيرين آءُ نه پڄڻي.
613.                     ڪُسڻ جو قرار، اصل عاشقن کي.
614.                     ڪُسڻ قرب جن، مرڻ تن مشاهدو.
615.                     ڪُسڻ ڌاران ڪير، ڪري سَڌَ سڪڻ جي.
616.                     ڪلاڙڪي هٽ، ڪُسڻ جو ڪوپ وهي.
617.                     ڪنديس ڪين ٻيا، هوت مٽائي اڳيان.
618.                     ڪنڌُ منهنجو ڪاٽيو، نينهن سندي نعري.
619.                     ڪنهن جنهن ڪُٺا ڪاتَ، جئن سامي مور نه سنرا.
620.                     ڪنهن کي ڪيئن چوان، ته مون کي ماريو سڄڻين.
621.                     ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھ، اچي بوءِ بهار جي.
622.                     ڪوماڻو ڪپور، مون واجهائيندي پرينءَ کي.
623.                     ڪو ڏينهن آهيين ڪوٽ ۾، لوئي هڏ مَ لاھ.
624.                     ڪوجهن سندا ڪم، ڪامل ري ڪيرُ ڪري.
625.                     ڪؤنر پاڙون پارتار ۾، ڀؤنر ڀري آڪاس.
626.                     ڪو نه ڏٺوسون ڪوءِ، سنياسي سُورن ري.
627.                     ڪونهي آڳھ اهڙو، جهڙي محبت من.
628.                     ڪونهي هِن ڀنڀور ۾، ڌاران دوسَ ڌڻي.
629.                     ڪوٺيين وهان ڪيئن، جي نظربندياڻي نه هئان.
630.                     ڪوٺيين گهاري ڪير، محلين منجهي مون هينئون.
631.                     ڪوڏر ۽ ڪاني، آهي سِر سڀ ڪنهن.
632.                     ڪُوڙو تون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ.
633.                     ڪوڙهيو ڏَمُ ڪوڙو، مون ميهار من ۾.
634.                     ڪوهيارو قهري، ويو نهوڙي ننڊ ۾.
635.                     ڪي اوڏا ئي ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين.
636.                     ڪيف ڌاران ڪوءِ، جيئي ڪو مَ جهان ۾.
637.                     ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي.
638.                     ڪڏهن ٿجي ڪات، ڪڏهن ٿجي ٻڪرو.
639.                     ڪڏهن پئجي ڪن ٿي، ڪڏهن ٿجي واتُ.
640.                     ڪڏهن کلن در دوسن جا، ڪڏهن طاقيون ڏين.
641.                     ڪڏهن ڪا نه وئي، ڪا هوت ڳولڻ هٽ تي.
642.                     ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙھ مقام ۾.
643.                     ڪڪرُ منجھ ڪپار، جهڙ نيڻئون نه لهي.
644.                     ڪهڙا ڳڻ ڳڻيان، ٿورن مٿو ناھ ڪو.
645.                     ڪهڙي پڇين ذات، جي آئيا سي اگهيا.
646.                     ڪهڙي منجھ حساب، هئڻ منهنجو هوت ريءَ.
647.                     ڳالهيون پيٽ ورن ۾، وڌي وڻ ٿيون.
648.                     ڳوليان ڳوليان مَ لهان، شال مَ ملان هوت.
649.                     ڳڻي آيس ڳالهڙي، ڳجهي تو ڳري.

ھ
650.                     هئج ثابوتيءَ ساڻ، ته پُسڻ کان پالهو رَهين.
651.                     هُئي جنهن ۾ حقُ، تنهن نفيءَ جهڙو ناھ ڪي.
652.                     هُئي گهڻو اٻوجھ، سورن سونهائي سسئي.
653.                     هئڻُ ڪر حرام، کام ته کاهوڙي ٿئين.
654.                     هِتِ عمر جو اَهکُ، هُت مارو ڏينم ميهڻا.
655.                     هُتان آيو ڪو نه ڪو، هِتان لک وڃن.
656.                     هل هيئين سين هوت ڏي، پيرين پنڌ وسار.
657.                     هلو هلو ڪاڪ تڙين، جتي نينهن اُڇل.
658.                     هلڻ هارا سُپرين، روئان تان نه رهن.
659.                     همہ منصور هزار، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهين.
660.                     هنج مڙيئي هنج، ميرو منجهن ناھ ڪو.
661.                     هو جي ڪن ڪپار جي، سوڌو سي نه سڻين.
662.                     هو چوئني تو مَ چئو، واتان ورائي.
663.                     هو ڇنني تون مَ ڇن، پاءِ اُميري اُن سين.
664.                     هو جي حق ڀڃن، سي ڪئن ستيون سُومرا؟
665.                     هو جي سورَ سُڄَن، سي مون پينگهي ۾ پرائيا.
666.                     هوتُ تنهنجي هنج ۾، پڇين ڪوھ پهي.
667.                     هوت هلندين کٽيو، جن انگن چاڙهيو انگ.
668.                     هوتن جي هيڪاند کي، روئان راتو ڏينهن.
669.                     هونءَ ئي هوندَ مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.
670.                     هيءَ ڪميڻي ڪير، جا اَمُر کي آڏو اچي.
671.                     هيءُ هڏو ۽ چَمُ، گهوريو مُحب ميهار تان.
672.                     هيءَ هڏو ۽ چَمُ، پِڪ پريان جي نه پڙي.
673.                     هيئين ساڻ هليج، ته پنڌَ پاسي ڀر نبري.
674.                     هيڏا هاڃا ٿين، بُري هن ڀنڀور ۾.
675.                     هيڪر هئڻ ڇڏ، ته اوڏي ٿئين عجيب کي.
676.                     هٿُ پريان جي هٿ ۾، ٻئي کي ڏج مَ ٻانهن.
677.                     هٿان تو پيئي، ٿي ڪچو ڪيچين کي ڪرين؟
678.                     هڏين ڪونهي هيءُ، هوُ پڻ ڪينهين هن ري.
679.                     هڪ سسئي ٻيا سور، ويا پٽيندا پاڻ ۾.
680.                     هڪڙي پنهل ڪاڻ، ٻانهي ذات ٻروچ جي.


نورالدين سرڪي جي ڪتاب ”پھاڪا- ڪلام جا ڏيئا : پھاڪا ۽ شاھ جي رسالي مان چونڊيل سون ورنيون سٽون“ تان ٿورن سان کنيل)

2 comments:

Abdul Wahab Sahito said...

http://sindhiproverbs.blogspot.com/search?q=%D9%86%D9%88%D8%B1%D8%A7%D9%84%D8%AF%D9%8A%D9%86

Anonymous said...

http://sindhiproverbs.blogspot.com/search?q=%D9%86%D9%88%D8%B1%D8%A7%D9%84%D8%AF%D9%8A%D9%86