sindhi litrature andcritics

ڀڳت ڪبير جو فڪر - پروفيسر عطاءُ الله ابڙو

پروفيسر عطاءُ الله ابڙو
ڀــڳت  ڪبير جو فڪر
( هڪ اڀياس )
مذهب ۽  ان جي  ارتــقا
مذهب عربي زبان جو لفظ آهي جنھن جي اصطلاحي معنى آهي رستو يا واٽ. هونئن ته هن جا سوين قسم آهن پر تاريخ ۽ تحقيق مان معلوم ٿو ٿئي ته مذهب دنيا ۾ مختلف زمانن ۾ مختلف صورتون اختيار پئي ڪيون آهن. ڪٿي سج، چنڊ، ستارن جي پوڄا پئي ٿِي ته ڪٿي وري بتن ۽ تصويرن جِي. ڪن پھاڙن ۽ دريائن کي محترم ۽ متبرڪ پئي سمجهيو ته ڪن وري قبرن کي حاجت روا ۽ ڪي ٽن خدائن جا قائل پئي رهيا آهن، جيئن مسيحي وغيره ته ڪي وري توحيد جا قائل .
ڪن جو خيال آهي ته مذهب جي شروعات خواب کان ٿي، خواب ڏسڻ وارو ننڊ جي حالت ۾ بستري تي محو آرام هوندي به مختلف هنڌن جو سير ڪندو ٿو رهي پر سجاڳ ٿيڻ تي هو محسوس ٿو ڪري ته اهو ڪو ٻيو جھان هو جنھن مان هو هينئر، هينئر واپس وريو آهي. ان مان اهو نتيجو ٿو نڪري ته جسم کان علاوه ڪا ٻي شيءِ به آهي جيڪا خواب جي حالت ۾ جسم کان ٻاهر نڪري، سير سپاٽو ڪري جسم ۾ واپس موٽي ٿي اچي جنھن جو نالو ٻين لفظن ۾ روح آهي ۽ جڏهن روح هميشه لاءِ جسم کان ڌار ٿي وڃي ۽ واپس نه وري ته انھيءَ حالت جو نالو موت آهي .
هڪ ٻئي فرقي جو چوڻ آهي ته مذهب هڪ خداداد شيءِ آهي، انسان جي عقل ۽ فھم کان بلڪل مٿانھين. خدا تعالى مختلف زمانن ۾ مختلف قومن ڏانھن پنھنجا پيغمبر موڪليا جن کي الھام ذريعي رموزِ الاهي عطا ڪيو ويو ۽ انھن تي ڪلامِ الاهي توريت، زبور، انجيل مقدس ۽ قرآن مجيد نازل ٿيا. جيئن ته احڪام الاهي ۾ چون  و چرا جي گنجائش نه آهي. مذهب انساني ادراڪ کان مٿانھين شيءِ آهي ۽ عقل انساني محدود ۽ رموز  الاهي سمجهڻ کان قاصر، ڇو ته هيءَ اها ڳلي آهي جنھن ۾ اطاعت ۽ فرمانبرداري نھايت لازمي آهي. تڏهن  به ڪلامِ الاهي کي مڃڻ وارن کي به عقل انساني جي جاچ پڙتال  کان انڪار نه آهي ۽ خدا جو فرمانبردار کان فرمانبردار ٻانھو به پنھنجي عقل ۽ سوچ کان عاري ٿي نه ٿو سگهي، اهو ئي سبب آهي جو هر مذهب جا پيشرو هڪ ٻئي کي سمجهڻ بجاءِ هڪ ٻئي خلاف سرگرم عمل پئي رهيا آهن. ڀلا جي ويد هڪ آهي ته پوءِ ڇھه ساشتر ڇو؟ برهمڻ ۽ شودر جو فرق ڇو؟ سناتن ڌرم ۽ آريه سماج وادي هڪ ٻئي خلاف ڇو؟ شيعه ۽ سني جو اختلاف ڇا جو؟ ڪوئي مقلد آهي ته ڪو غير مقلد، ڪو آغاخاني آهي ته ڪو اثنا عشري. اسلام هڪ آهي ته ان ۾ ٻاهتر فرقا ڇو؟ جڏهن ته انھن مان هرهڪ فرقو پاڻ کي حق تي ۽ رضاءِ الاهي جو امين ۽ ٻين سڀني کي ناحق تي ۽ گمراهه سمجهي ٿو. انھيءَ حد تائين جو پنھنجي ئي مذهب وارن کي جيڪڏهن انھن جو فرقو ٻيو آهي ته انھن کي قتل ڪري پاڻ کي جنت جو حقدار سمجهي ٿو. تاريخ شاهد آهي ته جيتري خونريزي دنيا ۾ مذهب جي نالي تي ٿي آهي ايتري شايد ڪنھن به ٻئي سبب نه ٿي هجي .
حاصل مطلب هي آهي ته مذهبُ الھامي هجي يا انساني دماغ جي اختراع، ان جي اصولن جي تشريح ۽ ان جي معنى  ۽ مفھوم کي سمجهڻ جو دارومدار وري به انسان جي عقل ۽ فھم تي آهي. مذهبن جي ارتقائي تاريخ ٻڌائي ٿي ته تغير ۽ تبديلي انساني تمدن ۽ تھذيب جو جز لاينفڪ آهي. نظامِ دنيا جھڙي طرح اڳ هو، هاڻ به اهو ئي آهي ۽ آئنده به ائين ئي رهندو. اصلاح ڪرڻ وارن جي هميشه دنيا وارن مخالفت پئي ڪئي آهي. حضرت عيسى کي مصلوب ڪيو ويو، آنحضرت محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم کي هجرت ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. سوامي ديانند کي زهر ڏنو ويو، پر جيئن ته تبديلي ۽ اصلاح جي تقاضا فطرتِ انساني ۽ قانونِ قدرت طرفان هوندي آهي تنھنڪري مخالفت باوجود نون نون خيالن جي آبياري ٿيندي رهندي ۽ مذهبي پيشوائن جي تعداد ۾  به روز بروز اضافو ٿيندو رهندو.
هندو مذهب جي تاريخ ۾ ان جي ارتقا جا مدارج صاف نظر اچن ٿا. گوتم ٻڌ صاحب، شري شنڪر، رامانج صاحب، رامانند صاحب، گرو نانڪ صاحب، تلسي داس، راجا رام، سوامي ديانند ۽ ڀڳت ڪبير صاحب جن هڪ ئي زنجير جون ڪڙيون ۽ هڪ ئي مالھا جا موتي آهن. هر دؤر ۾ اهڙا روشن دماغ ۽ اعلى خيال بزرگ پيدا ٿيندا رهيا آهن جن دنيا جي مقرر ٿيل واٽ کان هٽي ڪري پنھنجو دڳ گهڙيو ۽ فرسوده رسمن ۽ رواجن کي ننديو ۽ دنيا کي مذهبي رياڪاري کان هٽي ڪري حق پرستيءَ جي تلقين ڪيائون ۽ انھن حق پرستن جي گروهه ۾ ڪبير صاحب جو مقام نھايت اعلى ۽ ممتاز آهي .
ڪبير صاحب جي زندگيءَ بابت ڪابه مستند معلومات نه ٿي ملي. نارائڻ شيام صاحب پنھنجي ڪتاب ”ڪبير“ جي صفحي 13 تي لکيو آهي، ته ڪبير صاحب تي هي نالو مٿس قاضيءَ رکيو هو جنھن کي قرآن شريف کولڻ سان ئي هي عربي لفظ سامھون آيو، جنھن جي معنى آهي ”وڏو“. ڪبير صاحب جن پنھنجي هڪ دوهي ۾، پنھنجي نالي جو ذڪر هن ريت آندو آهي:
ڪبير آنھه، ڪبير تون، تنھنجو نانءُ ڪبير،
رام رتــن تــڏهـن ملــي، پھـرين ڇُـٽي ســريـــر.
ڀڳت ڪبير صاحب جي زندگيءَ بابت ”آئين اڪبري“ جلد ٻئي ۾ صفحي 82 تي درج ٿيل آهي ته ”گهڻن جو خيال آهي ته ڪبير موحد اتي دفن ٿيل آهي ۽ ماڻھو اڄ تائين هن جي وچنن کي ورجائن ٿا ۽ هن جي خيالن کي صحيح سمجهن ٿا. هن جڏهن وفات ڪئي ته هندن هن کي جلائڻ چاهيو ۽ مسلمانن پورڻ .“
ڪبير صاحب جو ذڪر پڻ هڪ ٻئي ڪتاب ”دبستان مذاهب“ ۾ هن ريت اچي ٿو ته ”ڪبير ڪوري هڪ موحد جوڳي هو. چون ٿا ته هو مرشد جي تلاش ۾ مسلمانن توڙي هندو ڪاملن وٽ ويو، پر جنھن شيءِ جي کيس تلاش هئي سا نه ملي. آخرڪار هو هڪ روشن دل مرشد رامانند وٽ ويو“.
ڪبير صاحب جي تاريخ پيدائش ۾ اختلاف آهن. گهڻن مؤرخن جو خيال آهي ته ڪبـير صاحب سمبت 1455ع ۾ ڪاشيءَ ۾ جنھن کي اڄڪلهه بنارس سڏجي ٿو پيدا ٿيو ۽ سمبت 1575ع ۾ وفات ڪئي. ان حساب سان سندس عمر 120 سال ٿئي ٿي. ڪبير صاحب جي پوئلڳن ۾ سندس پيدائش متعلق هي پد مشھور آهي جيڪو سندس خاص شاگرد ڌرمداس سان منسوب آهي ته ”ڪبير صاحب 1455 سال گئے، سوموار کے دن جیٹھ صدی پورنماسی کو ظاہر ہوئے۔
”ھندوستان کے عظیم لوگ“  نالي ڪتاب جي صفحي نمبر 226 تي ڪبير صاحب جو جنم سن 1440ع ۽ وفات 1518ع ڄاڻائي وئي آهي .
ڪبير صاحب کي هندوستان جي اهم انقلابي مذهبي پيشوائن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هن پنھنجي دؤر جي ناموزون ۽ فرسوده اعتقادن، ريتن رسمن، سماجي لحاظ کان نقصان پھچائيندڙ طور طريقن کي سخت لفظن ۾ نندڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. هن اها ڪوشش ڪئي ته معاشري ۾ رائج غلط طبقاتي نظام ۽ فرسوده مذهبي رسمن کي ترڪ ڪري هڪ روحانيت سان ڀرپور سڌريل معاشرو قائم ڪجي. ڪبير صاحب جيئن ته بظاهر ڪنھن کان به تعليم حاصل ڪانه ڪئي هئي، ان ڪري سندس شاعريءَ ۾ ڪي خاص فني خوبيون نظر نه ٿيون اچن البته سندس شاعري ۾ اصلاح معاشره جو اهم پھلو هر هنڌ نمايان نظر اچي ٿو. هن جڳھه، جڳھه تي پنھنجي توضيحات سان گڏوگڏ ٻين عقيدن جي پوئلڳن تي به واضح لفظن ۾ اعتراض ڪيا آهن ۽ کين عملي زندگيءَ ۾ تبديلي آڻڻ تي زور ڀريو آهي. هن مذهبي حوالي سان ڪوڙي رک رکاءَ، رياء، ڪوڙ، تڪبر، فريب، ٻيائيءَ، شرڪ، منافقت مذهبي ننڍ وڏائيءَ ۽ ٻئي کي گهٽ سمجهڻ کي سخت لفظن ۾ ننديو آهي .
جيئن ته ڪبير صاحب اسلام بابت زياده ڄاڻ نه رکندو هئو ۽ نه ئي هن شايد ڪنھن مذهبي عالم جي صحبت اختيار ڪئي، پر جيئن ته انھيءَ دور ۾ غريب طبقي جا مسلمان مذهب طور اسلام اختيار ته ڪري چڪا هئا مگر انھن جو زياده ميل جول مذهبي پيروڪارن کان وڌيڪ جوڳين ۽ صوفين سان هو جن جي نظر ۾ هندو توڙي مسلمانن وچ ۾ ڪوبه فرق نه هيو. جيئن ته ڪبير صاحب انسانيت جو قائل هو ۽ هن جا شعر ان دؤر جي لحاظ کان اصلاحِ معاشره لاءِ رچيل هئا، هن ڪنھن کي گهٽ نه ٿي ڄاتو. هن هندو توڙي مسلمانن جي اندر جي اصلاح جي ڪوشش ڪئي ۽ انسان جي اندر اجارڻ جي ڳالهه ڪئي.
پاڻ فرمائي ٿو ته:
اول اللہ نور اپائیا، قدرت کے سب بندے،
ایک نور تے  سب جگ  اپجیا،  کون بھلے،  کون مندے۔
مطلب ته الله تعالى سڀ کان اڳ ۾ نور پيدا ڪيو، اسين سڀ ڌڻيءَ جا بندا آهيون، اسان سڀ هڪ ئي نور مان پيدا ٿيا آهيون تنھنڪري ڪوبه خراب يا ڀلو نه آهي.
ٻئي هنڌ فرمائي ٿو :
کبیرا  کھڑا بازار میں، سب کی مانگے خیر،
نا کسی سے دوستی، نا کسی سے بیر۔
مطلب ته مان سڀ جو خير بيٺو گهران، منھنجي نظر ۾ سڀ انسان هڪجھڙا آهن، منھنجي نه ڪنھن سان دوستي آهي ۽ نه ئي دشمني.
مالا میری لکڑ کی، دھاگے میں دئے پروئے،
من میں پاپ کی گھنڈی ہو، رام جپے کیا ہوئے۔
مطلب ته تسبيح منھنجيءَ جا مڻيا ڌاڳي ۾ پوتل آهن، منھنجو زور مڻين ڦيرائڻ تي آهي، پر اهو ڪھڙي ڪم جو؟ ڇو ته منھنجي من اندر ۾ ٻيائي آهي، گهنڊي آهي پوءِ رام  رام چوڻ ڪھڙي ڪم جو؟
ٻئي هنڌ فرمائي ٿو ته:
تن اجلو من میلو، بگلے جئسا بھیس،
اے بگلے سے کا گا بھلا، باہر بھیتر ایک۔
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته منافقيءَ ۽ رياڪاريءَ کان بچو، پنھنجي اندر کي اجاريو، ”ٻاهر هڪ ته اندر ٻِي“ واري ٻيائيءَ کان بچو، ٻگهي وانگر نه ٿيو، بلڪ ڪانءُ ٿيو جنھن جو اندر ٻاهر هڪ آهي .
ڪبير صاحب ذات پات جي چڪر کان آجو هو، گروءَ يا مرشد جي ضرورت، ڌڻي پاڪ جو خوبصورت تصور، تزڪيه نفس، ساهه وارن تي رحم ڪرڻ ۽ پنھنجي محنت ڪري حق حلال جي ڪمائي ڪري کائڻ هِن جو مسلڪ هو. هو مذهب جي جڙتو ٺيڪيدارن جي رياڪارين ۽ چالبازين جو ڪٽر مخالف هو، تنھنڪري هن مذهب جي تمام ظاهري بناوٽن، غلط عقيدن ۽ فرسوده رسمن جي مخالفت ڪئي، جيڪي انسان کي انسان کان جدا ڪن ٿيون ۽ انھن ۾ نفرت جو ٻج ڇٽين ٿيون. هو سڄي انساني برادريءَ کي هڪ سمجهي ٿو ۽ محبت کي هڪ عظيم ترين طاقت. هو ان خدا تي يقين رکي ٿو جيڪو سڀ جو خدا آهي. هن جي پيروڪارن جو چوڻ آهي ته هو مرڻ کان ٿورو وقت اڳ ڪاشي (بنارس) ڇڏي مگهر هليو ويو جتي سندس وفات ٿي. تنھن دؤر جي هندن جو عقيدو هو ته ڪاشي مذهبي اعتبار کان هڪ مقدس جڳھه آهي، اتي جيڪو به مرندو اهو سڌو بھشت ۾ ويندو پر جيئن ته ڪبير صاحب اهڙو ضعيف الاعتقاد هرگز ڪين هو ۽ اهڙن ڪمزور عقيدن کي نه مڃيندو هو، تنھنڪري هو مرڻ کان ٿورو وقت اڳ ڪاشي مان مگهر هليو ويو.
پاڻ فرمائين ٿا:
کیا کاشی، کیا اوسر مگھر، رام ہردے بس مورا،
جو کاشی تن تجے کبیرا، رامے کون نہورا۔
ڪبير صاحب جنھن ڪوري خاندان ۾ پرورش پاتي، اهو به مسلمان ٿي چڪو هو، سندس پرورش نيرو ۽ نيما نالي هڪ ڪوري ڪئي.
ڪبير صاحب محبت جي معاملي ۾ تمام گهڻو حساس هو. هن کي پنھنجي محبوب تي ته اعتماد هيو پر پاڻ تي نه. هن جو خيال هو ته خبر ناهي سندس محبوب کي الائجي ڇا پسند آهي، هو الائجي ڪنھن سان ۽ الائجي ڇا ۾ راضي آهي؟ خبر ناهي ته ان عجب محبوب سان ميلاپ الائجي ڪيئن ٿيندو؟ پاڻ فرمائي ٿو ته :
مَن پریت، نَہ پریم رَس، نا اِس تن میں ڈھنگ،
کیا جانوں اس پیوُسُوں، کیسی رہسِی سنگ۔
ڪبير صاحب هڪ طرف مذهبي  پنڊتن ۽ يوگين تي جرح ڪري ٿو ته ٻئي طرف وري شيخ جِي، ملان ۽ قاضين کي به معاف نه ٿو ڪري ۽ اها ئي بي پرواهي ۽ بي ريائي ڪبير صاحب جي تنقيد جي جان آهي. سچ پڇو ته ڪبير صاحب جھڙو بي باڪ نقاد هندي ادب توڙي سماج ۾ اڄ تائين پيدا ئي نه ٿيو آهي، جيڪو ايتري قدر بي پرواهيءَ ۽ بھادريءَ سان طنز جي پھلوءَ کي شاعريءَ جي روپ ۾ اجاگر ڪري سگهيو هجي.
ڪبير صاحب عشقِ الاھيءَ کي ئي سڀڪجهه سمجهي ٿو. سندس نظر ۾ ويد، شاستر، مالا (تسبيح)، مندر، مسجد، اوتار، نبي، پير، پيغمبر سڀني کان وڌيڪ الله تعالى جو عشق ئي آهي. هو سڀني مذهبي ڏيکائن ۽ تيرٿ ياترائن کي نامنظور ڪري ٿو ۽ صرف هڪ لافاني خدا جي محبت ۽ عشق کي اهميت ڏئي ٿو ۽ ان کي ئي پنھنجي حيات جو مقصد سمجهي ٿو. پاڻ فرمائي ٿو:
ٹھا کر پتھر، مالا لکڑ،  تیرتھ  ہیں  سب  پانی  کے،
لکھو مرئے، کرشن مرئے، مرئے راما بھائی رے،
کہے  کبیر     اس کو کیوں نہ پوجئے جس پہ موت نہ آئی ہو۔
هن جي نظر ۾ پير، پيغمبر، ملان، قاضي، روزا، نماز، اولھه ڏي منھن ڪري نماز پڙهڻ سڀ اجايا آهن. هو فرمائي ٿو ته جيڪڏهن هندن جو ڀڳوان مندر ۾ ۽ مسلمانن جو خدا مسجد ۾ رهي ٿو ته پوءِ انھن ٻنھي کان ٻاهر ڪنھن جي حاڪميت آهي ۽ اتي ڪير آهي جتي نه مند رآهي ۽ نه مسجد؟ هن جي خيال ۾ ڌڻي، رام، رحيم، ڪريم ۾ ڪوبه فرق نه آهي ۽ اهي سڀ ان سائينءَ جا پاڪ نالا آهن، تنھنڪري اي انسان تون انھيءَ جهڳڙي ۾ اصلي نه پئو ۽ ان هڪ سائينءَ سان لَـنءَ لڳاءِ ۽ هر وقت پنھنجيءَ دل ۾ ان جي پاڪ نالي جو ذڪر ڪندو رهه .
ہمرے رام، رحیم، کریما، کیشو، اللہ، رام ست سوئی،
بسمل میٹ پیمبر ایکے، اور نہ دوجا کوئی۔
(ڪبير) 
اهڙيءَ طرح ڪبير صاحب سڀني فرسوده مذهبي رسمن کي ترڪ ڪرڻ جي بي پناهه جرئت ڪئي. هن غير متزلزل اعتقاد سان گڏ راههِ عشق اختيار ڪئي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين فرسوده رسمن ۽ مذهبي بي راهه رويءَ خلاف وڙهندو رهيو. هو معرفت جو قائل هو. هن سڄي عمر سِرُ تِريءَ تي رکي، هڪ سچي سورمي جيان مخالفت جي ميدان ۾ برسرِ پيڪار رهيو. اهو هو ڪبير صاحب، سرتاپا ملنگ، فطرتاً بي پرواهه، طبيعت ۾ اڻ گهڙيل، پر مرشد جي اڳيان نميل، دل جو صاف، اندر جو نرم، پر ڏسڻ ۾ سخت. هن جيڪي ڪجهه چيو پنھنجي تجربي جي بنياد تي چيو، تنھنڪري هن جون ڳالھيون چڀندڙ ۽ طنز اندر ساڙيندڙ هئي. هن ۾ عجيب مستانه بي پرواهي هئي جنھن سبب هو دنيا ۾ ايتري وڏي پئماني تي صاحب توجهه رهيو. ڪبير صاحب ۾ حد درجي جي خود اعتمادي ۽ بي خوفي هئي. عبديت جي سيلاب ۾ به هن پاڻ کي ڪڏهن گهٽ نه سمجهيو. هن جي دل جنھن شراب ۾ مست ۽ مخمور هئي اها معرفت جي کير مان ڪشيد ڪئي وئي هئي. هو مصلحِ زمانا جھڙي طاقت ۽ خود اعتمادي ساڻ کڻي ميدان عمل ۾ آيو ۽ پاڻ کي هڪ زماني ساز شخصيت ثابت ڪيو. هو بظاهر پڙهيو لکيو ڪين هو، پر هن جا چيل وچن توڙي شبد زبان زد عام ۽ عوام الناس جي دلين تي نقش ٿيل آهن، جيڪي اڄ ڏينھن تائين مذهبي ڏڻن، توڙي عام ڪچھرين ۾ پيا ورجائجن. ڪبير صاحب جي ڀڄنن توڙي واڻين دنيا جي اهل علم ۽ فقرو نظر جو توجهه پاڻ ڏانھن ڇڪيو جيڪي ذات پات ۽ مذهبي منافرت کان بالاتر ۽ حقيقت تي مبني آهن، جن دنيا وارن کي، حقيقت توڙي معرفت جي واٽ ڏيکاري .
مھاتما يا الله وارا، ڪنھن به قوم، ڪنھن به مذهب، ڪنھن به ملڪ ۾ ڪھڙي به زماني ۾ آيا هجن پر هنن سڀني جو پيغام هڪ ئي رهيو آهي. سندن خاص پيغام اهو آهي ته اسان پنھنجي اندر ۾ ان مالڪ حقيقيءَ جو پيار پيدا ڪريون، ان جي عبادت ڪريون ۽ هن جسماني قيد کان روح کي آزاد ڪري، ان مالڪ حقيقيءَ سان ملايون. پر جيئن ته اسان هن دنياوي ڪاروبارن ۾ اهڙا ته اُلجهي ويا آهيون جو اسان کان هن دنيا ۾ اچڻ جو اصل سبب ئي وسري ويو آهي ته اسان کي ڇو پيدا ڪيو ويو آهي؟ اسان کي ڪرڻو ڇا آهي؟ ۽ ڇا نه ڪرڻو آهي؟ پر اسان هن دنياوي جھان ۾ مايا جي موهه ۾ ڦاسي، نفس جي چوڻ تي لڳي، اهڙا ته اياڻا ٿي پيا آهيون جو اسان کان اسان جو اصل مقصد به ڀلجي ويو آهي.
سڀني مھاتمائن يا الله جي نيڪ ٻانھن اسان کي اهو ٻڌايو آهي ته هي سنسار جيڪو اسان کي نظر اچي رهيو آهي، اهو ڪو پنھنجو پاڻ پيدا ڪونه ٿيو آهي، بلڪ هن کي بڻائڻ وارو ڪوئي نه ڪوئي ضرور آهي. اهو ڪير آهي؟ اهو ڌڻي پاڪ آهي، جنھن جا بيشمار نالا آهن جيڪي محبت ۽ پيار ۾ مختلف ٻولين ۾ مختلف رکيا ويا آهن  ۽ اسان جو وجود انساني، ان مالڪ حقيقيءَ جو مظھر آهي جيئن ڪنھن وڏي ڊگهي وڻ جو وجود ڪنھن ننڍڙي ٻج جو مظھر آهي. جنھن مان هو ڦٽي نڪري، وڌي ويجهي هڪ قدآور وڻ بڻيو. پر اسان ان مالڪ حقيقيءَ کان وڇڙي هن دنيا جي لوڀ، لالچ جي ڄار ۾ ڦاسي، نفسِ اماره جي وڪڙ ۾ ڦاسي، غلط ڪارين ۾ پئجي ويا آهيون. نيڪ عمل ڪرڻ اسان کان پڄن ئي ڪونه ۽ اسان جو روح به هن نفس سان ٻٽ بڻجي ويو آهي. جيئن ته ”دنيا آخرت جي کيتي آهي ”الدنيا مزرعة الآخرة“ مطلب ته اسان جيڪو عمل هت ڪنداسين، ٻئي جھان ۾ اسان کي ان جو صلو ملندو. چڱو عمل ڪبو ته چڱو ڦل ملندو پر جي بد عمل ڪبو ته ان جي سزا اتي ضرور ملندي. ڀلا جـَوَ پوکي ڪڻڪ جو فصل ته حاصل ڪري ڪين سگهبو. اهڙيءَ طرح اسان پنھنجي ڪيل ڪرتوتن جي جزا ۽ سزا جا پاڻ ذميوار آهيون. ڀلا هن دوکي باز دنيا ۾ اچي ڪري انسان سک ۽ آرام ڪيئن ٿو حاصل ڪري سگهي؟
الله وارا فرمائين ٿا ته، هيءَ دنيا ڏک ۽ سک جو گهر آهي. گناهه ۽ ثواب ڪرڻ ڪري اسان هن دنيا ۾ ڏک ۽ سک پسي رهيا آهيون. شيخ سعديرح فرمايو آهي ته، ”درين دنيا ڪسي بي غم نه ديدم“ مطلب ته هن دنيا ۾ ڪنھن کي به بي غم نه ڏٺوسين. هونئن به هيءَ دنيا ڏکن سکن جي سيج آهي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته، ”ان مع العسر يسراً“ بيشڪ ڏکن سان گڏ سک آهن. ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته:
ڏُک سُکنِ جي سونھَن، گهوريا سُکَ ڏُکن ريءَ .  (ڀٽائي)
هيءَ دنيا اڄ تائين نه ڪڏهن جنت نما بڻي آهي ۽ نه ڪڏهن بڻجي سگهي ٿي. ڪبير صاحب فرمايو آهي ته :
تن دھر سکھیا کوئی نہ دیکھا، جو دیکھا سو دکھیا ہو،
کہے کبیر سکل جگ دکھیا، سنت سکھی من جیتی ہو۔
پر اصلي سک ۽ آرام انھن کي نصيب ٿيو آهي جن پنھنجي رب پاڪ کي راضي ڪيو آهي، انھيءَ جي عبادت ۽ ذڪر ۾ وقت گذاريو آهي، پر اسان اڄ جا انسان اها ڳالهه وساري ويٺا آهيون ته ذڪرِ الاهيءَ ۾ دلين جو سڪون آهي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته ”الا بذڪر الله تطمئن القلوب“ خبردار دليون الله پاڪ جي ذڪر سان ئي آرام وٺن ٿيون. پر اسان ان مالڪ حقيقيءَ کي وساري دنياوي سامانن ۾ دلين جو سڪون ڳولي رهيا آهيون، جيڪو هرگز، هرگز ممڪن نه آهي، جيتوڻيڪ ان هڪ مالڪ حقيقي کان سواءِ هن دنيا جي هر شيءِ کي فنا آهي، ڪابه شيءِ هتي هميشه رهڻ واري نه آهي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته ”کـُلُ مـَن عليها فانِِ وَ يـَبقى وَجھُ ربک ذوالجلال والاکرام“ مطلب ته هر شيءِ کي فنا آهي ۽ هميشه باقي رهڻ واري الله تعالى جي پاڪ ذات آهي. ڪبير صاحب فرمايو آهي ته :
یہ تن ہے کاغذ کی پڑیا، بوند پڑت گل جاؤ گے،
کہت کبیر سنو بھائی سادھو، اک نام بنا پچھتاؤگے۔
اسان جو هي جسم به هڪ ڏينھن فنا ٿي ويندو. دنيا جي ڪابه شيءِ پيار ڪرڻ ۽ دل ڏيڻ جي قابل نه آهي، سواءِ ان حقيقي مالڪ جي جيڪو هميشه رهڻ وارو آهي .  ڪبير صاحب فرمايو :
مالا لکڑ، ٹھاکر پتھر، تیرتھ ہیں سب پانی کے،
کرشن مرئے، لکھو مرئے، مرئیے راما بھائی رے،
کہے کبیر اس کو کیوں نہ پوجئے، جس پر موت   نہ آئی ہو۔
ذات  پات
الله وارا چون ٿا ته ان مالڪ حقيقيءَ جي ڪا ذات، مذهب، يا ملڪ نه آهي نه ئي سندس ڪور رنگ روپ آهي، هي سڀ ذات پات جا جهيڙا جڳهڙا، انسان جا پنھنجا پيدا ڪيل آهن. ڌڻي پاڪ صرف انسان پيدا ڪيا ۽ انسان وري پنھنجو پاڻ کي، ذات پات، قوم، رنگ، نسل جي بنياد تي ورهاست ڪري، اختلافن ۾ الجهي پيا. مرڻ کان پوءِ سڀ ڪجهه هڪ لاش جي صورت ۾ ٿي وڃي ٿو. اڳلي جھان رڳو عملن جي پڇا ٿيندي، ڪوئي ذات نه پڇندو تڏهن ته ڀٽائي صاحب فرمايو ته :
”ڪوئي نه پڇي ذات، جو وهي سو لھي.“  (شاهه)
وري ڪبير صاحب فرمايو ته :
”جات پات پوچھے نہ کوئی، ہرکو بھجئے سو ہرکا ہوئے“
سائين بلها شاهه فرمايو :
”عملان  اتے  ہون نبیڑے، کھڑیاں رہن گئیاں ذاتان“
ڌڻي اسان ۾  ئي وسي  ٿو
مھاتما يا الله وارا چون ٿا ته جنھن ڌڻيءَ کي اسان ڳولڻ چاهيون ٿا ، اهو ته اسان ۾ ئي موجود آهي. ڪبير صاحب فرمايو :
تیرا سائین تجھ میں جیوں  پہپن میں بانس   جيئن گلن ۾خوشبو موجود آهي تيئن تنھنجو مالڪ به تو ۾ وسي ٿو. هي جيڪو اسان جو سرير آهي مالڪ جو گهر آهي، صرف ان کي ياد ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان وتون ٿا هن پاڪ هستيءَ کي هنن ظاهري اکين سان سنسار ۾ ڳوليندا پر جي دل جي اکين سان کيس جاچبو ته هو اسان کان جدا نه آهي .
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته :
جیوں تل مانہیں تیل ہے، جیوں چقمق میں آگ،
تیرا پریتم تجھ میں، جاگ سکے تو جاگ۔
وري ٻئي هنڌ ڪبير صاحب فرمايو :
جیوں نینن ماں پتلی، تیوں خالق گھٹ مانہیں،
مورکھ لوگ جانت ناہیں، باہر ڈھونڈن جائیں۔
اسين اياڻا آهيون جو پنھنجي جيءَ ۾ جهاتي پايون ئي نه ٿا، وتون ٿا مالڪ سائينءَ کي ٻاهر ڳوليندا، ان هرڻ جيان جنھن جي دن ۾ کٿوري موجود آهي پر هو اياڻو وتي ٿو کٿوري کي گاهن ۾ ووڙيندو.
جيئن ڪبير صاحب فرمايو :
تیرا   سائیں  تجھ  میں  جیوں  پہپن  میں  باس،
کستوری کا مرگھہ جیوں، پھر پھر سونگھے گھاس۔
قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته، ”نحن اقرب اليھ من حبل الوريد“.
ترجمو: اسين اوهان کي ساهه جي رڳن کان به ويجها آهيون.
سائين بلھا شاهه فرمايو:
بلہا شاہ اساں تئیں وکھ نہیں، بن شوہ تہیں دوجا ککھ نہیں،
پر ویکھن والی اکھ نہیں، تائیں جان جدائیاں سہندی  اے۔
ڪبير صاحب فرمايو:
وستو کہیں، ڈھونڈھے  کہیں، کیہی   بدھی آوے ہاتھ،
کہے کبیر تب پائیے، جب بھیدی لیجئے ساتھ۔
مطلب ته شيءِ هڪ هنڌ رکي آهي پر ان جي ڳولا ٻيءَ جاءِ تي ٿي رهي آهي، ته پوءِ اها ڪيئن هٿ ايندي. ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته جيسين ڄاڻو، رهبر، سونھون يا مرشد ساڻ نه هوندو تيستائين اها مطلب واري شيءِ  هٿ  ڪين ايندي .
خودي يا تڪبر جي رڪاوٽ
هاڻي دل ۾ هي خيال ٿو اچي ته جيڪڏهن ڌڻي تعالى هرهڪ جي دل ۾ موجود آهي ته پوءِ اسان هن کي پنھنجي اندر ۾ ڏسي ڇو ڪونه ٿا سگهون، اسان جي اندر ۾ آخر اها ڪھڙي شيءِ آهي جا رڪاوٽ ڪيو ويٺي آهي ۽ اها ڪيئن دور ٿي سگهي ٿي ؟ روح به هن سرير ۾ موجود آهي ته ڌڻي پاڪ به، پوءِ آخر انھن ٻنھي جو پاڻ ۾ ميلاپ ڇو ڪونه ٿو ٿئي؟ ته پوءِ معلوم ٿو ٿئي ته اهو نفس ئي آهي جيڪو رڪاوٽ بڻيو ويٺو آهي. نفس، تڪبر ۽ هٺ ڇڏي ئي نه ٿو، دوئي دور ڪري ئي نه ٿو ۽ اها ئي خودي، تڪبر حقيقت ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي، جيئن ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته :
ڪين مائيندا من ۾، خودي ۽ خدا،
ٻن ترارين جاءِ، ڪانھي هڪ مياڻ ۾.
ڪبير صاحب فرمايو:
پیا چاہے پریم رس، راکھا چاہے مان،
ایک میان میں دو کھڑک، دیکھا سنا نہ کان۔
اسان جيئري ئي نرواڻ، ڇوٽڪارو يا نجات پائي سگهون ٿا پر جي اسان جي اندر مان اها خودي، تڪبر ۽ ٻيائيءَ واري رڪاوٽ دور ٿي وڃي. هاڻي ڏسڻو هي آهي ته آخر اها خودي آهي ڪھڙي شيءِ؟ هي جو اسان سڄو ڏينھن وتون ٿا اهو سوچيندا ته هيءَ منھنجي اولاد آهي، مال آهي، ملڪيت آهي، حقيقت ۾ اهو سڀ ڪجهه ته انھيءَ ڌڻيءَ جو ڏنل آهي، ان ڪري اهو ئي ان جو مالڪ آهي، پر اسان پاڻ کي ان سائينءَ کان جدا سمجهي ويٺا آهيون. دنيا جي موهه، پيار ۾ ايترو ته ڦاسجي ويا آهيون جو رات جو خواب ۾ به اهي اسان کي نظر اچن ٿيون. اسان پنھنجي من ۾ انھن فاني شين کي وسايو ويٺا آهيون، جيڪڏهن اسان پنھنجي من کي، دل کي پنھنجي قبضي ۾ ڪريون ۽ هر وقت پنھنجي مالڪ کي ياد ڪريون ته جيڪر اسان پنھنجي منزل ماڻي وٺون ۽ اهو ئي من، نفس اصل ۾ اسان جو دشمن آهي جنھن جي تابع ٿي ڪري اسان غلط ڪم ڪريون ٿا. هي نفسُ مايا جي موهه ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ وڃي ٿو غلطين تي غلطيون ڪندو ۽ حقيقي منزل کان ڏور ٿيندو. الله وارن جو فرمان آهي ته ”پنھنجو پاڻ سڃاڻ“. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته، ”من عرف نفسھُ‘ فقد عرف ربھ’‘“ ترجمو: ”جنھن پنھنجو پاڻ سڃاتو بيشڪ ان پنھنجي رب کي سڃاتو.“
هاڻي اسان جي روح جو اهو حال آهي جو مايا جي موهه ۾ ڦاسي، نفس جي تابع ٿي چڪو آهي ۽ نفس وڃي ٿو هن کان غلط ڪم ڪرائيندو، جو نيٺ سزا جي لائق بڻجيو وڃي، تنھنڪري اسان کي پنھنجي نفس تي قبضو ڪرڻو آهي، ظلم، زيادتيءَ ۽  برائي کان بچڻو آهي، نيڪ عمل ڪري حياتيءَ کي سڦل بڻائڻو آهي. هرهڪ مذهب جو اهو ئي مقصد آهي. من کي قابو ڪرڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته هر وقت ان ڌڻيءَ کي ياد ڪرڻ، ورد ۽ ذڪر ڪرڻ، ان جي پاڪ نالي کي دل ۾ سمائڻ، پنھنجي ڌيان کي ان مالڪ جي طرف موڙڻ ۽ دل مان دنياوي شين جو موهه ڪڍڻ، ائين ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪنھن مرشد ڪامل جي ضرورت آهي .
ڪبير صاحب فرمايو ته :
ست سنگ کی آدھی گھڑی، آدھی کی پن آدھ،
کبرا سنگت سادہ کی، کٹے کوٹ اپرادھ۔
مطلب ته مالڪ سائينءَ جي ذڪر فڪر عبادت ۾ اڌ گهڙي يا ان جو به اڌ وقت ۽ الله وارن جي نيڪ صحبت ڪروڙين گناهن کي ختم ڪري ڇڏيندي .
مرشد يا هاديءَ جي صحبت
جنھن مالڪ اسان سڀني کي پيدا ڪيو آهي، ان جي نالي جو ذڪر ڪرڻ ۽ ان جي قرب حاصل ڪرڻ لاءِ مرشد يا هاديءَ جي صحبت اختيار ڪرڻ نھايت ضروري آهي ۽ اهو ئي ان راز کان آشنا ڪندو. انھن ڪامل مرشدن جي سنگت ۽ صحبت کان سواءِ ڌڻيءَ جو قرب ۽ ڇوٽڪاري جي واٽ جو ملڻ مشڪل بلڪ ناممڪن آهي. الله تعالى سان ملڻ لاءِ، الله وارن جو در هرگز نه ڇڏجي ڇو ته اهي ئي ٻانھي کي پنھنجي حقيقي مالڪ سان ملائيندا. ڪنھن بزرگ فرمايو آهي ته :
یک زمانا صحبت با اولیا،
بہتر از صد سال طاعت بے ریا۔
مطلب ته الله وارن ڪامل ولين جي هڪ گهڙي جي صحبت به سؤ سال بي ريا عبادت کان بھتر آهي .
فريد صاحب فرمايو :
فریدا شکر، کھنڈ، نوات، گڑ، ماکھیوں، ماجھا ددھ،
سبے   وستو مٹھیاں، رب نہ پجن تدھ۔
اهي ئي الله وارا آهن جيڪي اسان جي اندر ۾ ان مالڪ سائينءَ جي ذڪر فڪر جو شوق پيدا ڪن ٿا، اسان جي دلين کي مالڪ ڏي رجوع ڪن ٿا ۽ اسان جي نفس جي اصلاح ڪري، اسان جي دلين کي الاهي ذڪر جي دولت سان مالا مال ڪري سڪون قلب عطا ڪري مالڪ سان ملائين ٿا. مرشد يا گروءَ لاءِ ڪبير صاحب فرمائين ٿا ته :
سونا کائی نہ لگے، لوہا گھن نہیں کھائے،
برا بھلا جو گورو بھگت، کبھوں نرک نہ جائے۔
وري ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
گورو بن مالا پھیرتے، گورو بن کرتے گیان،
گورو بن   سب  نشپھل گیا،  پوچھو وید پوران۔
جنھن کي سچو ڪامل مرشد نصيب نه ٿيو، اهو وڏو بي نصيب آهي، تنھنڪري اسان سڀني کي اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته ڪنھن الله واري سالڪ، رهبر، ڪامل مرشد جي تلاش ڪريون جيڪو اسان جي اندر جي تار کي مالڪ سان جوڙي، مولا ملائي،  ڇو ته ٻي ڪابه شيءِ اسان کي اهڙي سچي ۽ حقيقي خوشي نه ٿي ڏئي سگهي.
سائين بلھا شاهه فرمايو آهي ته :
بن مرشد بلہا، تیری ایویں گئی عبادت کیتی۔
وري ٻئي هنڌ فرمائين ٿا:
 بلہا شاہ دی سنو حکایت، ہادی پھڑیا ہوئی ہدایت،
میرا سائیں شاہ عنایت، اوہو لنگھاوے پار۔
الله وارا مرشد ڪامل اسان جي اندر ڪا شيءِ گهوٽي ڪونه ٿا وجهن، بلڪ اسان جي وجود ۾ ئي موجود دل کي مالڪ جي ياد ڏياري، ان کي ذڪر ۾ محو ڪري کيس حقيقي معنى ۾ جياري، زنده ڪري مالڪ سائينءَ سان ناتو جوڙين ٿا. اهڙيءَ طرح ٻانھي ۽ مالڪ جو رابطو پيدا ٿئي ٿو. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته ”فاذڪروني اذکرکم“ ترجمو: ”تون مون کي ياد ڪر ته مان توکي ياد ڪريان.“ اهاواٽ مرشد رهبر ئي وٺرائي سگهي ٿو، جنھن سان ٻانھي کي پنھنجو وڇڙيل رب پاڪ ملي سگهي ٿو ۽ انسان جي اصلي ۽ حقيقي منزل به اها ئي آهي. ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته :
گرو، گوبند، دونوں کھڑے میں کاکے لاگوں پائے،
بلہاری اس گورو دیو کے، جن گوبند دیو بتائے۔
ڪبير صاحب جو درس به اهو آهي ته ”هٿ هاج ۾ هجن پر دل خدا پاڪ جي ذڪر ۾ مشغول هجي.“ جيئن ڪنھن فارسي واري بزرگ فرمايو آهي ته ”دل به يار، دست به کار“ اهڙيءَ طرح ڪبير صاحب درويشانه زندگي بسر ڪئي، پاڻ ڪورڪو پيشو ڪندا هئا، ڪپڙو اڻي بازار ۾ وڪرو ڪري گذر بسر ڪندا هئا، رامانند صاحب جا مريد هئا، ذڪر فڪر به ڪندا هئا ته دنياداريءَ سان به نباهيائون .
ڪبير صاحب جن مرشد، گرو، رهبر جا تمام گهڻو قائل هئا. پاڻ فرمائن ٿا ته :
کبیر سنگت سادہ کی، جؤ کی بھوسی کھائے،
کھیر، کھانڈ، بھوجن ملے، ساکت سنگ نہ جائے۔
مطلب ته جوَن جي بي مزه ماني کائي به وقت گذاريو پر مرشد ڪامل جي صحبت کي نه ڇڏيو، پر جي ٻئي هنڌ سٺا سٺا طعام کائڻ لاءِ ملن ته به اوڏانھن هرگز نه وڃو .
الله وارا فرمائين ٿا ته توهان دنيا ۾ اهڙيءَ طرح وقت گذاريو جيئن مسافر هجو. پاڻ کي دنياوي سک آرام ۾ نه ڦاسايو. جھڙيءَ طرح ڪنول جوگل پيدا ته پاڻيءَ ۾ ٿيندو آهي پر پاڻ پاڻيءَ کان مٿي ۽ آزاد بيٺو هوندو آهي، توڙي جو انھيءَ جي پاڙ ۽ ڏانڊي پاڻيءَ ۾ ٻڏل هونديون آهن يا جھڙيءَ طرح مرغابي يا ٽٻڻي پکي پاڻيءَ ۾ رهڻ باوجود به هن جا پر آلا نه ٿا ٿين ۽ هو ڦر ڪري اڏامي ٿي وڃي. اهڙيءَ طرح اسان کي به هن دنيا ۾ رهڻ جي باوجود پنھنجي دل کي الله پاڪ جي ذڪر ۽ ياد ۾ محو رکي هن ڪُوڙي دنيا کان پار اڪرڻو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته جيئن ماکيءَ جي مک ماکيءَ ڪناري ويھي، ان جي مٺاڻ مان محظوظ به ٿيندي رهندي آهي ۽ پنھنجي مرضيءَ تي صحيح سلامت اڏري به ويندي آهي، پر جي اها مک ماکيءَ ۾ ڪري پوي ته ان مان ان جو نڪرڻ محال بلڪ ناممڪن آهي، نيٺ اها اتي ئي ڦٿڪي ڦٿڪي ان ۾ ئي مري ويندي، تنھنڪري اسان کي هن عارضي دنيا ۾ رهندي به دنياداريءَ ۾ پاڻ نه ڦاسائڻو آهي. پنھنجي خيال جو توجهه مالڪ جي ياد سان هميشه جوڙي رکڻو آهي ۽ مرشدن جو به اهو ئي فرمان آهي ته پنھنجن هٿن سان محنت ڪري حق حلال ڪمائي زندگيءَ جو گاڏو هلايو ۽ مالڪ کي هميشه ياد ڪندا رهو، ڇو ته اها ئي راهه نجات آهي .
ڪامل يا سچو مرشد
سچي مرشد لاءِ ڪبير صاحب فرمايو آهي ته:
سادھو     بھوکا     بھاؤ   کا،   دھن   کا   بھوکا   ناہ،
دھن   کا   بھوکا   جو   پھرے،   وہ   تو   سادھو   ناہ۔
مطلب ته مرشد هرگز، هرگز لالچي نه هجي. مرشد اهڙو هجي جيڪو پنھنجي مريدن کان هرگز نه گهري. جيڪڏهن اهڙو ڪوئي مرشد آهي ته ان کان پري ڀڄو ڇو ته مرشد جو ڪم آهي ڏيڻ، ۽ نه وٺڻ. مرشد اهو هجي جو لاطمع هجي، پنھنجي محنت جي ڪمائي ڪري کائي ۽ جيون مالڪ جي ذڪر فڪر عبادت ۾ گذاري ۽ مريدن جي سيوا ڪري.
پاڻ فرمائن ٿا ته :
شش کو ایسا چاہئے، گورو کو سروسیہ دے،
گورو کو ایسا چاہئے، شش کا کچھو نہ لے۔
وري ٻئي هنڌ فرمائي ٿو :
کبرا   سوئی   پیر   ہے،   جو   جانے   پر   پیر،
جو   پر   پیر   نہ   جانئے،   سو   کافر   بے   پیر۔
پاڻ پنڻ کي خراب سمجهي فرمائي ٿو:
مانگن مرن سمان ہے مت کوئی مانگے بیکھ،
مانگن تئيں مرن بھلا، یہ ست گورو کی سیکھ۔
وري پاڻ ٻئي هنڌ هيئن فرمائين ٿا:
مرجاؤں مانگوں نہیں، اپنے تن کے کاج،
پر مارتھ کے کارنے، موہے نہ آوے لاج۔
مطلب ته، مان مرڻ پسند ڪريان ٿو پر پنڻ نه، سو به پنھنجي لاءِ پر ٻين جي ڀلي لاءِ پنندي مون کي شرم ڪين اچي .
انساني زندگيءَ جو  مقصد
الله تعالى هن دنيا جي تخليق ڪري هن کي چوراسي لک جوڻين ۾ ورهائي رکيو آهي. انھن جي ترتيب ڪجهه هن ريت آهي 1. ٽيھه لک قسم جا نباتات يا مختلف وڻ ٻوٽا.  2. ستاويھه لک مختلف قسم جا حشرات الارض يا ڪيڙا ماڪوڙا. 3. چوڏهن لک قسم جا پکي پکڻ.  4.نوَ لک قسم جا پاڻيءَ جا جاندار.  5. چار لک قسم جا چوپايا، جن، ڀوت، ديو، انسان وغيره، پر انھن سڀني صورتن ۾ انسان کي وڌيڪ فوقيت حاصل آهي ۽ انساني جامو سڀني کان وڌيڪ عزت ۽ اڪرام وارو آهي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته،”لقد خلقنا الانسان في احسن تقويم“. ترجمو: تحقيق اسان انسان کي زور سھڻو ڪري پيدا ڪيو آهي.“ مطلب ته سڀني کان وڌيڪ فضيلت انسان کي ئي حاصل آهي.“ قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته ”خلقت الجن والانس الاليعبدون“ ترجمو: ”اسان جنن ۽ انسانن کي پنھنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيو آهي.“ ۽ انساني زندگيءَ جو نصب العين به اهو ئي آهي ته انسان پنھنجي مالڪ کي ياد ڪري، ان جي پاڪ نالي جو هر وقت ورد ڪري، عبادت ڪري، مالڪ سان دل جو ڳانڍو ڳنڍي، ان جي رضا حاصل ڪري ۽ ان جو قرب حاصل ڪري. اسان کي گهرجي ته هن انساني جامي جو قدر ڪريون. هن سھڻي صورت جي عزت رکون. مالڪ جي رضا حاصل ڪريون، دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ٿي پنھنجي زندگيءَ جو حقيقي مقصد حاصل ڪريون. ڪبير صاحب به اسان کي اهو ئي درس ڏئي ٿو ته انسان اشرف المخلوقات آهي. مالڪ سائين انسان کي پنھنجي پسند جي صورت عطا ڪئي آهي تنھنڪري انسان کي پنھنجو قدر ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهو انساني زندگيءَ جو موقعو ۽ روپ بار، بار ڪونه ملندو. جيئن ڪبير صاحب فرمايو :
کبیر مانس  جنم  درلبھ  ہے   ملے  نہ  بارمبار،
جیوں پھل پاکے، بھویں گرے، بہور نہ لاگے ڈار۔
ترجمو: هي انساني روپ اڻ لڀ آهي، اهو هر، هر ڪونه ملندو، جھڙيءَ طرح ميوو پچڻ کان پوءِ زمين تي ڪري ٿو ته اهو وري ٻيھر ٽاريءَ تي لڳي نه ٿو سگهي، تنھنڪري اسان جيڪڏهن هن انساني صورت واري حياتي ضايع ڪري ڇڏي ته پوءِ اهو موقعو وري وري ڪونه ملندو، تنھنڪري اسان کي اهي عمل ڪرڻا آهن جن جي سبب اسان جو ميلاپ پنھنجي حقيقي مالڪ سان ٿئي، ڇو ته هيءَ دنيا خواب مثال آهي، جيڪو رات جو انسان ننڊ ۾ ته ڏسي ٿو پر ان جي ڪابه حقيقت نه آهي، تنھنڪري هن انساني زندگي، روپ، سروپ جو قدر ڪري، هي مليل قيمتي موقعو هرگز نه وڃائڻ گهرجي.
ڪبير صاحب هن دنيا جي حقيقت سمجهائيندي فرمائي ٿو ته :
کیا لے کرجنم لیؤ ہے، کیا لے کر چلے جاؤ گے،
مٹھی باندھ کر جنم لیو  ہے ہاتھ پسارے جاؤ گے،
کہت کبیر سنو بھائی سادھو، اک نام بنا پچھتاؤ گے۔
ترجمو: جڏهن تون ڄائو هئين ته ڇا کڻي آيو هئين ۽ وري جڏهن هن جھان مان گذاري ويندين ته ڇا ساڻ نيندين، ڄمڻ وقت تنھنجون مُٺيون بند هيون ۽ وڃڻ وقت تنھنجا هٿ کليل هوندا، تنھنجو هي جسم ڪاغذ جو ٺھيل آهي جو مينھن جي هڪ ڦـُڙي پوڻ سان ڳري ويندو. تنھنڪري تون اي دوست هر وقت پنھنجي مالڪ جي نانءَ جو ذڪر ڪر. نه ته ڏاڍو پڇتائيندين .
ٻئي هنڌ ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته :
پانچ پھردھندے گیا، تین پھر رہے سوئے،
اکو گھڑی بھی نہ ہر بھجئے، مکت تئہ کئہ ہوئے۔
ترجمو: ڏينھن رات جا اٺ پھر ٿين ٿا، انھن مان پنج پھر تو ڌنڌي ۾ ضايع ڪيا، باقي ٽي پھر غفلت جي ننڊ ستو رهين، تو ته هڪ گهڙي به  ڌڻيءَ کي ياد ڪونه ڪيو، ته پوءِ ڀلا تنھنجو ڇوٽڪارو ڪيئن ٿيندو؟ تنھنڪري اسان کي هر وقت پنھنجي مٺي رب کي ياد ڪرڻ گهرجي، ان جي عبادت ڪرڻ گهرجي، آخر ته موت اچڻو آهي، ائين نه ٿئي جو بعد ۾ پڇتائڻو پوي. جيڪڏهن هن دنيا جي مال دولت ڪنھن سان گڏ وڃڻي هجي ها ته پوءِ گهڻا ئي اها پاڻ سان کڻي وڃن ها.
جيئن ڪبير صاحب فرمايو آهي ته :
کوڑی کوڑی کر مایا جوڑی، جوڑی لکھ کروڑ،
چلتی بار کچھ نہ لیوگے، لی لنگوٹی توڑ۔
ترجمو: يار تو ته پائي پائي ڪري لک، ڪروڙ گڏ ڪيا، پر جڏهن هتان هلندين ته هٿين خالي ويندين، اها لنگوٽي به توکان لاهي، خالي ڪري موڪليندا.
ڪنھن شاعر جو شعر آهي ته :
اجڑ  گیا  وہ  باغ   جس   کے   لاکھ   مالی   تھے،
سکندر جب گیا دنیا سے دونوں ہاتھ خالی تھے۔
هيءَ دنيا عارضي آهي، فاني آهي، هت هميشه لاءِ ڪوئي رهڻو نه آهي. هرهڪ مسافر آهي، تنھنڪري آخرت جو ثمر تيار ڪر ۽ دنيا لاءِ ايترو فڪرمند نه ٿيءُ .
انڪساري يا عاجزي (نـمرتا)
سڀئي الله وارا بزرگ اهو پيغام ڏين ٿا ته هن انساني وجود ۾ ئي مالڪ سائينءَ جي تلاش ڪريو پر اسان پنھنجي مٺڙي مالڪ جي ڳولا بجاءِ هن دنيا جي موهه ۽ پيار ۾ ڦاسي ان حقيقي مالڪ کي وساري ويٺا آهيون. اسان نفساني تڪبر ۽ وڏائيءَ جي ڄار ۾ ڦاسي، انھن عارضي شين تي ڀروسو ڪري ويٺا آهيون جھڙيءَ طرح، ڌن، دولت، حسن جواني، طاقت، دنياداري، اقتدار جو نشو، ڪرسيءَ جو خمار وغيره. جڏهن ته اهي سڀ شيون ناپائدار، بيوفا، بي بقا ۽ عارضي آهن.
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته :
لکڑی کہے لہار کو، تو کیا جارے موہے،
اک دن ائسا ہوئے گا، میں جاروں گی توہے۔
ترجمو: لوهار ڪاٺيءَ کي ساڙي ڪوئلو ٿوڪري، پر ڪاٺي به لوهار کي چوي ٿي ته ياد رک، هڪ ڏينھن اهڙو به ايندو جو مان به توکي جلائي ڪوئلو ڪنديس .
وري ٻئي هنڌ ڪبير صاحب فرمائي ٿو:
ماٹی کہے کمہار کو، تو کیا روندے موہے،
اک دن ائسا آئے گا،  میں روندوگی توہے۔
ترجمو: مٽي ڪنڀر کي چوي ٿي ته تون مون کي ڳوهي ڳوهي ٿانوَ ٿو ٺاهين، پر ياد رک هڪ ڏينھن اهڙو به آخر ايندو جو مان توکي ڳوهيندس.
الله وارا انھيءَ ڪري اسان کي هميشه اهو درس ڏين ٿا ته پنھنجي من ۾ هميشه عاجزي نمرتا، نوڙت، نياز، انڪساري پيدا ڪريو، ڇو ته مالڪ سائين کي، تڪبر، هٺ، وڏائي هرگز نـه ٿي وڻي . پڪ ڄاڻج ته تڪبر جاهلن جي خصلت آهي. شيخ سعديرح جو شعر آهي ته ،
تکبر مکن زینہار اے پسر،   تکبر بود عادت جاہلان،
تکبر نہ آید زصاحب دلان،  تکبر عزازیل راخوار کرد،
بزندان لعنت گرفتار کرد۔
ترجمو: اي پٽ، تڪبر ڪڏهن به اختيار نه ڪر، ڇو ته اها جاهلن جي عادت آهي. اهو صاحب دل الله وارن جي ويجهو به نه ٿو اچي، ان تڪبر شيطان کي خوار ڪيو ۽ کيس لعنت جي قيد ۾ گرفتار ڪيو.
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته :
کبیر سب تئيں ہم برے، ہم تج بھلو سب کوئے،
جن ائسا کر بوجھیا، متر ہمارا سوئے۔
ترجمو: ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته سڀ کان آءٌ خراب آهيان، مون کان سواءِ سڀ ڀلا آهن، جنھن پاڻ کي ائين ڄاتو، اهو ئي منھنجو مِٽ آهي. وري ٻئي هنڌ ڪبير صاحب فرمايو ته :
برا   جو   دیکھن   میں   چلا،   برا   نہ   ملیا  کوءِ،
جب من کھوجا          آپنا، مجھ سے برا نہ کوءِ۔
حاصل مطلب هي آهي ته نفس جي چوڻ تي لڳي ڪري تڪبر، غرور هرگز نه ڪرڻ گهرجي. ڇو ته اها خراب عادت آهي بلڪ انسان کي ان ميويدار وڻ جيان ٿيڻ گهرجي، جيڪوعاجزيءَ جو اعلى مثال آهي. ڪبير صاحب فرمايو :
کبیرا تو ائسا کر جئسا ورکھ کرے،
آپ جلے دھوپ میں، اوراں چھاؤں کرے۔
شيخ سعدي رح فرمايو:
” نہد شاخ پر میوہ سر  بر   زمین۔ “
مطلب ته وڻ ۾ ميوو پيدا ٿيندو آهي ته ٽاريون انسانن کي فائدي پھچائڻ لاءِ هيٺ جهڪي اينديون آهن . ڌڻيءَ کي عاجزي ۽ نمرتا ڏاڍي پسند آهي .
ڌڻي تعالى جي  مهرباني
جڏهن انسان ۾ نياز، نوڙت، عاجزي ۽ انڪساري اچي ويندي آهي تڏهن هو مالڪ سائينءَ جي عبادت ۽ انھيءَ جي محبت ۾ مستغرق ٿي ويندو جيڪو صرف ۽ صرف کيس الله وارن جي صحبت مان ئي حاصل ٿيندو، سو به تڏهن جڏهن اها مھرباني به مالڪ سائين پاڻ ڪري ۽ اهڙو ڪامل بزرگ، الله وارو هن کي ملائي، ڇو ته هدايت ۽ رهنمائي به ان مالڪ سائينءَ  جي هٿ وس آهي، قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته ”من يھده الله فلا مضل لھ’‘، و من يضللھُ فلا هادي لھ’‘.“ ترجمو: ”جنھن کي الله تعالى هدايت ڪري پوءِ ان کي ڪير گمراهه ڪري ۽ جنھن کي هو مالڪ سائين گمراهه ڪري پوءِ ان کي هدايت ڪرڻ وارو ڪوبه نه آهي.“
ڀٽائي صاحب فرمايو ته :
سوئي راهه رد ڪري، سو ئي رهنما،
و تعزمن تشاء، و تذل من تشاء.
جيئن ته اسان دنيا جا انسان مايا جي موهه ۾ ڦاسي پنھنجي مالڪ حقيقيءَ کي وساري ويٺا آهيون. جيڪڏهن مالڪ سائين مھرباني ڪري، اسان جي خيالن کي موڙي، دنياداريءَ کان هٽائي پنھنجي ياد ۽ محبت ۾ محو ڪري ته پوءِ آخرت اجري ٿي سگهي ٿي ۽ اهو سڀ ڪجهه انھيءَ مالڪ مٺڙي جي هٿ وس آهي.  قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته ”و تعز من تشاء و تذل من تشاء بيدک الخير انک على کل شيءِِ قدير.“  مطلب ته عزت ۽ ذلت ان سائين جي هٿ آهي ۽ بيشڪ اهو ئي هر شيءِ تي قادر آهي .
جيئن ڪبير صاحب فرمايو :
صاحب سے سب  ہوت  ہے  بندے تے کچھو ناہیں،
رائی تے پربت کرے، پربت رائی مانہیں۔
وري ٻئي هنڌ ڪبير صاحب فرمايو:
نہ کچھو کیا، نہ کرسکے، نہیں کچھو کرنے جوگ،
جوکچھو کیا، ہری کیا، دوجا تھاپے لوگ۔
اڃا اڳتي ڪبير صاحب فرمايو:
جو  کچھو  کیا،  سو   تم   کیا،   میں   کچھو   کیا   نانہیں،
کہو  کہیں  میں  کیا،  تم  ہی  تھے  مجھ  مانہیں۔
الله  وارن جو پيغام يا سنيهو
هرهڪ الله واري جو اهو فرمان آهي ته ڌڻي تعالى هڪ آهي، اسان جو روح توڙي وجود ان سائينءَ جو پيدا ڪيل آهي ۽ ان سان ئي ملي ڪري اسان موت ۽ حيات جي قيد کان آزاد ٿي سگهون ٿا. اهو مالڪ سائين هر ساهواري ۾ موجود آهي. اسان جي من اندر ڪا رڪاوٽ يا کوٽ آهي، جنھنڪري اسان پنھنجي مالڪ سائينءَ جي ديدار کان محروم آهيون ۽ اها ڪمي يا رڪاوٽ مالڪ جي ذڪر ڪثير ڪمائڻ سان ئي دور ڪري سگهون ٿا ۽ الله وارن جي صحبت ۽ سنگت ۾ رهڻ سان ئي اسان پنھنجي مالڪ کي پائي سگهون ٿا. شرط اهو آهي ته پنھنجي من اندر جي اصلاح ڪرڻي پوندي. ڪبير صاحب فرمايو :
نہائے دھوئے کیا بھیا، جومن سے میل نہ جائے،
میں سدا جل میں رہے، دھوئے بانس نہ جائے۔
ترجمو:  هر هر وهنجڻ سان ڇا ٿيندو جيستائين اندر جو مير نه ويندو. مڇي به ته سدائين پاڻيءَ ۾ رهي ٿي تنھن هوندي به ان مان ڌپ نه ٿي وڃي .   ٻئي هنڌ ڪبير صاحب فرمايو:
مالا میری  لکڑ کی دھاگے میں دیئے پروئے،
من میں پاپ کی گھنڈی ہو، رام جپے  کیا  ہوئے۔
مطلب  ته تسبيح جا مڻيا ته ڌاڳي ۾ پوتل آهن، پر منھنجي من اندر گناهن جي گهنڊي آهي، رام رام ڪرڻ پوءِ ڀلا ڪھڙي ڪم جو؟
اڳتي وري ڪبير صاحب فرمائي ٿو:
مالا پھیرت جگ بھیا، پھرا نہ من کا پھیر،
کرکا منکا ڈاردے، من کا منکا پھیر۔
مطلب ته توکي  تسبيح ڦيرائيندي ڪو زمانو گذريو پر تنھنجي من اندر جو ڦيرو ڪين ڦريو، سڌارو نه ٿيو، هاڻي اها تسبيح جي ڦير گهير ڇڏي ڏي، پنھنجي من اندر جي مڻڪي کي ڦيراءِ يعني پنھنجي اندر جي اصلاح ڪر .
مذهبي ڇوت ڇات يا تفرقي بازي
ڪبير صاحب جن مذهبي ڇوت ڇات يا اوچ نيچ جا هرگز قائل نه هئا. قصو ڪن ٿا ته هڪ دفعي هڪ برهمڻن جو ٽولو گنگا نديءَ ڪناري ويٺو پاڻ ۾ ڪچھري ڪري رهيو هو ۽ گنگا جي پاڻيءَ جي تعريف ڪري رهيو هو ته هن ۾ اشنان ڪرڻ سان انسان جا سڀ گناهه ڌوپي ٿا وڃن. ايتري ۾ انھن برهمڻن مان هڪ ڄڻي گنگا جل گهريو. ڪبير صاحب به انھن جي ڀر ۾ ويھي انھن جون ڳالھيون ٻڌي رهيو هو، سو هڪدم اٿي پاڻيءَ جو لوٽو گنگا جل مان ڀري آيو ۽ اچي ان برهمڻ کي ڏيڻ جي ڪيائين. جيئن ته ڪبير صاحب ڪوري هو ۽ برهمڻ ان گهٽ ذات وارن جون هٿ لاتل شيون ڪين واپرائيندا هئا، تنھنڪري ان برهمڻ به ڪبير صاحب جو اهو آندل پاڻي ڪين پيتو ۽ الٽو ڪبير صاحب تي ناراض ٿي پيو. تنھن تي ڪبير صاحب ان برهمڻ کي چيو ته توهان ته اجهو اهو پئي فرمايو ته گنگا جل استعمال ڪرڻ سان انسان جي گناهن جي گندگي صاف ٿي وڃي ٿي. جيڪڏهن هي پاڻي منھنجي هن ٿانءَ کي پاڪ نه ٿو ڪري سگهي ته پوءِ هن جي تعريف ڪرڻ ته اجائي آهي .
ڪبير صاحب جيئن ته نھايت صاف گو ۽ کرو انسان هو، هرهڪ کي سچ چئي ڏيندو هو، تنھنڪري هندو توڙي مسلمان ٻئي هن کان ناراض رهندا هئا. هو بت پرستيءَ جو ڪٽر مخالف هو. هن جو فرمان آهي ته :
دنیا بڑی بانوری  پتھر پوجنے جائے،
گھر کی چکی کوئی نہ پوجے جس کا پیسا   کھائے۔
مطلب ته دنيا  ديواني آهي جو پٿر پوڄڻ مندرن ۾ ٿي وڃي، جي هروڀرو کين پٿر پوڄا ئي ڪرڻي آهي ته پوءِ گهر ۾ پيل جنڊ کي ڇو نه ٿي پوڄي جيڪو کين اٽو پيھي هنن جو پيٽ ته ڀري ٿو. مطلب ته ڪنھن ڪم ته اچي ٿو . ٻئي هنڌ ڪبير صاحب فرمايو ته :
پاہن پوجے ہری ملے، تو میں پوجوں پہاڑ،
تاتے یہ چاکي بھلی، پیسا کھائے سنسار۔
مطلب ته اگر پٿر پوڄڻ سان ڌڻي ملي ته پوءِ مان سڄو پھاڙ ڇو نه پوڄيان. ان کان ته جنڊ ڀلو جنھن جو پيٺو ته سنسار کائي پيٽ ڀري ٿو .
ڪبير صاحب جو چوڻ آهي ته اول الله تعالى نور پيدا ڪيو ۽ اسين سڀ ان جا بندا آهيون ۽ اسان مان ڪوبه گهٽ وڌ نه آهي. جيئن هي دوهو آهي:
اول اللہ نور اپائیا، قدرت کے سب بندے،
ایک نور تے سب جگ اپجیا، کون بھلے، کون مندے۔
اسان سڀ انسان پاڻ ۾ برابر آهيون، ڪوبه گهٽ وڌ نه آهي. ڀلي اهو شاهه هجي يا گدا، برهمڻ هجي يا کتري يا شودر، سڀ تخم آدم جي پيداوار آهيون، مـُٽ، گونھن سان ڀريل آهيون. مٿان چمڙيءَ جو پوش آيل آهي. ڪبير صاحب جو دوهو ملاحظه فرمايو :
ایک بوند، ایک مل موتر، ایک چام کا گودا،
ایک جوتی کے ہیں سب اپجا، کون باہمن، کون سودا۔
ڪبير صاحب جو ڪلام ظاهر ڪري ٿو ته هن جي دل ۽ دماغ تي اسلام جو گھرو اثر هو. هو توحيد جو پرچارڪ هو، بت پرستيءَ جو ڪٽر مخالف ۽ ذات پات جي فرق کان بنھه آجو ۽ انڪاري هو. هو هڪ سچو ۽ کرو انسان هو. هن هميشه انسان ذات کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هندو توڙي مسلم، برهمڻ توڙي شودر جي وچ ۾ فرق کي مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن هميشه اهڙن سڀني فرسوده عقيدن، رسمن توڙي رواجن جي مخالفت ڪئي، جيڪي انسان کي انسان کان جدا ڪن ٿا ۽ نفرت جو ٻج ڇٽين ٿا. هو سڄي انساني برادريءَ کي هڪ سمجهي پيو، محبت ۽ ڀائيچاري کي عظيم ترين طاقت ۽ هو ان خدا جي تلقين ۽ تقليد ڪري ٿو جيڪو سڀني جو خدا آهي.
ڪبير صاحب جي تعليم ۽ تـلقين
ڪبير صاحب پنھنجي تلقين ۾ ٻن ڳالھين تي وڌ ۾ وڌ زور ڏنو آهي ته هن ڪائنات جو خالق مالڪ هڪ آهي جنھن جو ڪوبه مـَٽ ثاني يا شريڪ نه آهي. هو پنھنجي ٻانھنِ سان پيار ڪري ٿو، ۽ هن جي ديدار لاءِ صرف سچي پيار جي ضرورت آهي، عشق جي ضرورت آهي. ڪنھن به وسيلي يا سفارش جي ضرورت نه آهي .
ڪبير صاحب ”همه اوست“ واري صوفياڻي نظرئي جو به قائل آهي. هن جي خيال مطابق ”خالق، مخلوق ۾ سمايل آهي ۽ مخلوق، خالق ۾“. اهي ٻئي هڪ ٻئي کان الڳ نه آهن، بس اگر خوديءَ جو پردو هٽي وڃي ۽ معرفت جي اک کلي پوي ته پوءِ ”همه اوست“ جي حقيقت عيان ٿي ويندي، گمراهيءَ جا بادل هٽي ويندا. هو فرمائي ٿو ته جيڪڏهن دنيا جو موهه، لوڀ، غصو، تڪبر ۽ شھوت انسان مان نڪري وڃي ٿي ته پوءِ هن کي پنھنجي حقيقي منزل يعني مالڪ سائينءَ جو ديدار ضرور نصيب ٿيندو.
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته :
صاحب میرا        ایک ہے، دوجا کہا نہ جائے،
دوجا صاحب جو کہوں، صاحب کھرا رسائے۔
مطلب ته منھنجو مالڪ هڪ آهي، ٻيو چئي نه ٿو سگهان، جي چوان ٻيو ته پوءِ منھنجو مالڪ ناراض ٿي ويندو .
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته :
جنم مرن سے رہت ہے، میرا صاحب سوئے،
بلہاری اس پیو کے، جن سرجا سب کوئے۔
مطلب ته منھنجو مالڪ ڄمڻ، مرڻ کان پاڪ آهي. ان محبوب تان صدقي وڃان جنھن سڀ ڪنھن کي پيدا ڪيو .
سوئی میرا ایک تو، اور نہ دوجا کوئے،
دوجا صاحب جو کہے، دوجا کل کا ہوئے۔
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته منھنجو هڪ تون ئي مالڪ آهين، ٻيو ڪوئي نه آهي پر جي ڪوئي ٻيو چوي ته پوءِ اهو پاڻ   ٻن جو (حرامي) آهي .
تیرا سائین تجھہ میں، جیوں پهپن میں باس،
کستوری کا مرگھ جیوں، پھر  پھر ڈھونڈے گھاس۔
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته تنھنجو مالڪ تو ۾ وسي ٿو جيئن گلن ۾ خوشبو، پر تون اڻڄاڻيءَ ۾ هن کي هيڏي هوڏي پيو ٿو ڳولين. جھڙيءَ طرح هرڻ جي دن ۾ کٿوري موجود آهي پر هو بيخبريءَ ۾ هيڏي هوڏي گاهه ۾ ٿو ڳولي .
جا کارن جگ ڈھونڈیا، سو تو گھٹ ہی مانھ،
پردہ دی آ بھرم کا، تاتے سوجھت نانھ۔
ڪبير صاحب فرمائي ٿوته جنھن جي ڪارڻ تو هي سڄو جڳ جھان ووڙيو، اهو ته تو ۾ ئي موجود آهي، شڪ جو پردو هٽاءِ ”ته تو ۾ ديرو دوست جو.“
جیوں تل ماہیں تیل ہے، جیوں چقمق میں آگ،
تیرا سائین تجھ میں، جاگ سکے تو جاگ۔
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته جيئن ترن ۾ تيل ۽ چقمق ۾ باهه موجود آهي تيئن تنھنجو ڌڻي به تو  ۾ ائين وسي ٿو، ڳولڻ چاهين ته ڳول .
جیون نینن  مان پوتری، تیوں خالق گھٹ مانہیں،
مورکھ لوگ جانت نانهیں، باھر ڈھونڈن جا نہیں۔
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته جيئن اک ۾ ماڻڪي موجود آهي، تيئن خالق دل ۾ موجود آهي، اياڻا ماڻھو ڄاڻن نه ٿا، وتن ٿا ٻاهر ڀٽڪندا ۽ ڳوليندا.
گمراہ دنیا دیہرے سیس نواون جائے،
ہردے ہی ماں ہری بسیں، توتان ہی لولائے۔
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته گمراهه دنيا مندرن ۾ وتي ٿي مٿو ٽيڪيندِي. دل ۾ ئي ته ڌڻي وسي ٿو، تون لنءُ انھيءَ سان لاءِ .
موکو کہاں ڈھونڈے رے بندے، میں تو تیرے پاس میں،
نا میں دیول، نا میں مسجد، نا کعبہ، نا کیلاس میں۔
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته اي منھنجا ٻانھا، تون مون کي ڪٿي ٿو ڳولين، مان ته تنھنجي ڀرسان آهيان، مان نه مندر، نه مسجد، نه ڪعبي ۽ نه ڪيلاش پربت تي آهيان .
کبیر پاہن پرمیشور کیا، پوجے سب سنسار
اس بھروسے جو رہے، بوڈے کالی دھار
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته سڄو سنسار پٿر کي ڌڻي بڻائي ويٺو پوڄي. ان ڀروسي جيڪو لڳو ته اهو وڏي ڀنور ۾ وڃي ٻڏندو .
کہت کبیر سنو    نر، نروے، پر ہو ایک کی کرنا،
کیول نام جپہو رے پرانی تب ہی نہچے ترنا۔
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته اي انسانو، نر توڙي ناري ٻڌو، ان هڪ مالڪ جي عبادت ڪريو. ان سائينءَ کي ياد ڪريو، تڏهن توهان جو ٻيڙو تري پار پوندو .
کبیر پریت ایک سیوں کئے، آن دٻدھا جائے،
بھاویں لامبے کیس کر، بھاویں گھرر منڈائے۔
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته اٿي جاڳ اي پيارا، مالڪ جي بندگي ڪر، جنھن جي ياد ڪرڻ سان تنھنجا سڀ ڏک لھي ويندا، جڏهن تنھنجي دل ۾ مالڪ سائين موجود ٿيندو ته ٻرندڙ باهه به وسامي ويندي .
لوٹ سکے تو لوٹ لے رام نام کی لوٹ،
پیچھے پھر پچھتاؤگے، جب پران جائینگے چھوٹ۔
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته اگر تون لٽڻ چاهين ٿو ته اي انسان ڌڻيءَ جي پاڪ نالي کي لٽي وٺ نه ته پوءِ ڏاڍو پڇتائيندين جڏهن ساهه نڪري ويندئي .
کبیر سوتا کیا کرے، اٹھ کے جپو مرار،
اک دن سوون ہوئے گو، لامبے گوڈ پسار۔
ڪبير صاحب چوي ٿو ته پيارا سمھي ڇو ٿو وقت ضايع ڪرين. اٿي پنھنجي ڌڻيءَ کي ياد ڪر، ڇو ته هڪ ڏينھن آخر توکي هميشه لاءِ ڊگها گوڏا ڪري سمھڻو پوندو .
کبیر رام نہ چیتیو، پھریا لالچ ما نہیں،
پاپ کرنتا مرگیا، اودہ پنی کھن ما نہیں۔
ڪبير افسوس جو تو ڌڻيءَ کي ياد ئي نه ڪيو، دنيا جي لالچ ۾ ڦرندو رهين. گناهه ڪندي ڪندي نيٺ مري وئين، تنھنجي عمر پل ۾ پوري ٿي وئي.
کبیر ہر کا سمرن جو کرے، سکھیا سو سنسار،
اِت   اُت   کتہی   نہ   ڈولئے،   جس   راکھے   سرجنہار۔
ڪبير پنھنجي ڌڻيءَ جي جيڪو عبادت ڪندو سو ئي سنسار ۾ سکي رهندو، جنھن کي خدا رکي، هِن توڙي هن جھان ۾ اهو ڪڏهن لوڏو نه کائيندو . قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته ”الا تطمئن القلوب بذکر الله“ ترجمو: ”خبردار ڌڻي جي ذڪر ڪرڻ سان بيشڪ دليون سڪون حاصل ڪن ٿيون .“
کبیر ایہہ تن جائے گا، سکہو تو لہور بہور،
نانگے پاؤں تے گئے، جن کے لاکھ کروڑ۔
ڪبيرَ هڪ ڏينھن هن فاني دنيا مان هليو ويندين، ٿي سگهئي ته نيڪ عمل گڏ ڪري وٺ. جيڪي لکن ڪروڙن جا مالڪ هئا، اهي به آخر پيرين اگهاڙا هليا ويا.
کبیرا جل پہرے کا پرے، پان سپاری کھائے،
ایکس ہرکے نام بن  ٻاندھے جم پُر جائے۔
ڪبير، اڇا اجرا ڪپڙا پايو وتين ٿو پان سوپاري کائيندو. ان هڪ مالڪ جي نالي ورتي بنا، ٻڌي جھنم ۾ اڇليندئي .
کبیر دین گنوایا دنی سیوں، دنی نہ چالی ساتھ،
پائے کہاڑا ماریا، غافل اپنے ہاتھ۔
ڪبير دين وڃايوسين دنيا خاطر، اها به ساڻ نه هلي. پنھنجي هٿ سان پير پنھنجي تي ڪھاڙو هنيوسين، غفلت ڪئي سين .
کبیر جس مرنے تے جگ ڈرے میرے من آنند،
مرنے ہی تے پائیے، پورن پرمانند۔
ڪبير جنھن مرڻ کان جڳ ڊڄي ٿو اهو منھنجي لاءِ خوشيءَ جو ڏينھن ٿيندو، ڇو ته مرڻ سان ئي سھڻي رب پاڪ سان ملڻ ٿيندو .
ڀڳتي ۽ پريم (عبادت ۽ پيار)
ڀڳتي ڪبير صاحب جو خاص موضوع رهيو آهي. ڀڳتيءَ جي معنى آهي عبادت. ڪبير صاحب وري وري مختلف ۽ متعدد طريقن سان ڀڳتيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. ڪڏهن ڌڻيءَ کي مالڪ ۽ پاڻ کي انھيءَ جو ٻانھو، ڪڏهن عاشق ته ڪڏهن معشوق چئي پنھنجو رشتو مالڪ سان جوڙيو اٿس. ۽ ايستائين جو پاڻ کي مالڪ جو ڪتو به سڏيو اٿس، جيڪو انتھائي عاجزي ۽ ڪسر نفسيءَ جو ڪم آهي ۽ پنھنجي نفس کي حقير ڄاڻايو اٿس، جيئن هيٺين دوهي ۾ آهي :
کبیر  کتيا   رام   کا،   متیا میرا   نائوں،
گلے   ہمارے   جیوری،   جہہ کھچے   تہہ   جاؤں۔
ڪبير صاحب جي ڀڳتي بي غرض ۽ سچي محبت سان ٽمٽار آهي.
پاڻ فرمائي ٿو ته :
جب لگ ہے بیکنٹھ کی آسا،
تب لگ نہ ہری چرن نواسا۔
جيسين تنھنجي دل ۾ بھشت جي تمنا آهي، تيسين تون ڌڻيءَ پاڪ جي قدمن کي ڇھي به نه ٿو سگهين .
لنواري واري بزرگ خواجه محمد زمان رح جو شعر آهي ته :
عارف ۽ عشاق، پسڻ گهرن پرينءَ جو،
جنت جا مشتاق، اڃا اورانھان ٿيا.
ڪبير صاحب فرمائي ٿو:
جب لگ بھگتی سکام ھئہ، تب لگ نشفل شیو،
کہہ کبیر وہ کیوں ملے، نشکامی نج دیو۔
ڪبير صاحب فرمايو ته مطلب واري عبادت ڪنھن ڪم جي نه آهي . ڇو ته اهو مالڪ سان پيار نه پر واپار آهي، صرف بي غرض ۽ خلوص ڀري ڀڳتي، عبادت سان ئي ڌڻيءَ جو قرب حاصل ٿي سگهي ٿو .
ڪبير صاحب عشق الاهيءَ کي ئي اعلى ۽ افضل سمجهي ٿو.
استاد بخاريءَ فرمايو ته :
پيار ڏئي پوءِ پيار گهرين ٿو، حيف هجئي ’استاد‘،
عاشق ناهين، شايد آهين، يار وڏو واپاري.
مطلب ته پيار، پريم ڏي وٺ جو وکر ناهي بي غرض دوستي ئي سچي دوستي سڏجي ٿي، ڇو ته هي وڻج واپار نه آهي .
جب لگ ناتا جگت کا تب لگ بھگت نہ ہوئے،
ناتا توڑے ہری بھجے، بھگت کہاوے سوئے۔
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته جيستائين تنھنجو ناتو دنيا سان ڳنڍيل آهي، تيستائين تون ڀڳت يعني عابد ٿي نه ٿو سگهين، جيڪو دنيا کان ناتو ٽوڙي مالڪ سان جوڙيندو اهو ئي ڀڳت ڪوٺبو .
کامی، کرودھی،   لالچی، ان تین بھگت نہ ہوئے،
بھگتی کرے کوئی سورما، جاتی، برن کل کھوئے۔
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته شھوت پرست انسان، ڪاوڙيل ۽ لالچي يا لوڀي اهي ٽيئي ڀڳت ٿي نه ٿا سگهن. ڀڳت اهو بھادر ٿي سگهي ٿو جيڪو ذات پات جي چڪر کان آجو هجي .
جل جیوں پیارا ماچھری، لوبھی پیارا دام،
ماتا پیارا بالکا، بھگت پیارا نام۔
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته جيئن مڇيءَ کي پاڻيءَ سان پيار آهي، تيئن لوڀيءَ کي پئسي سان، امڙ کي پنھنجي ٻچي سان ۽ ڀڳت کي ڌڻيءَ جي پاڪ نالي سان پيار آهي .
یہ تو   گھر  ہے   پریم   کا،   خالہ  کا    گھر    نانہن،
سیس   اتارے بھوئیں دھرے، تب پیٹھے گھر مانہن ۔
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته هي جھان محبتن جو آهي، ڪنھن جي ماسيءَ جو گهر نه آهي، پنھنجو سر قربان ڪري ڌرتيءَ تي ڌري، پوءِ پريم گهر ۾ گهري .
ڀٽائي صاحب فرمايو ته :
پتنگ چائين پاڻ کي، ته اچي آگ اجهاءِ،
پچڻ گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ.
ڪبير صاحب فرمايو ته هيءَ دنيا شراب جي بٺي آهي، گهڻا ئي اچي ويٺا جيڪو سِرَ جو  سودو ڪندو اهو ئي پيئندو، نه ته ائين ئي رهجي ويندو.
کبیر بھاٹی کلال کی، بہو تک بیٹھے آئے،
سر سونپے سوئی پیوے، نہیں تو پیا نہ جائے۔
ڪبير صاحب فرمايو ته:
پریم نہ باڑی اوپجے، پریم نہ ہاٹ بکائے،
راجا، پرجا، جوہی رچے، سیس دئے لے جائے۔
پريم واڙيءَ ۾ نه ٿو پيدا ٿئي ۽ نه هٽ جو وکر آهي، راجا توڙي رعيت جيڪو چاهي سر ڏئي وٺي وڃي .
ڀٽائي صاحب فرمايو:
عشق ناهي راند، جا کيڏن ڳڀرو،
سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿئي.
ڪبير صاحب فرمايو ته :
جب میں تھا تب ہری نہیں، اب ہری ہم ناہ،
پریم   گلی   اتی   سانکری،     تا    میں   دونہ   سماءِ۔
جڏهن  مان هيس ته ڌڻي نه هيو، هاڻي مالڪ سائين آهي ته آءٌ نه، ڇو ته مون پنھنجي خودي مٽائي ڇڏي آهي، تڏهن ئي مالڪ جو پيار حاصل ٿيو آهي. ڇو ته پريم ڳلي ايتري ته سوڙهي آهي جو ان ۾ ٻئي جي گنجائش نه آهي يعني خودي، وڏائي ۽ تڪبر جي هوندي مالڪ جو ملڻ ممڪن ئي نه آهي .
جيئن هن بيت ۾ ڏنل آهي ته :
ڪين مائيندا من ۾، خودي ۽ خدا،
ٻن ترارين جاءِ، ڪانھي هڪ مياڻ ۾.   (شاهه)
ڪبير صاحب فرمايو ته :
پیا چاہے پریم رس، راکھا چاہے مان،
ایک میان میں دو کھڑک، دیکھا سنا نہ کان۔
ته پريم رس پيئڻ چاهين ته وڏائي ڇڏ، ان کان بچ، ڇو ته هڪ مياڻ ۾ ٻن تلوارن جي جاءِ نه ٿيندي آهي .
ڪبير صاحب فرمايو ته :
جاگھٹ پریم نہ سنچرے، سو گھٹ جان مسان،
جیسے کھال لہار کی، سانس لیت بن پران۔
ته جنھن دل ۾ پيار نه ٿو سنجري، اها دل مساڻ مثل آهي، جيئن لوهار جي ڌُوڪڻي يا ڌمڻ بغير ساهه جي ساهه کڻي ٿي .
کبیر پیالہ پریم کا انتر لیا لگائے،
روم روم میں رم رہا  اور  امل  کیا کھائے۔
ڪبير پريم جو پيالو پي ڇڏيو آهي، هن جي نس نس ۾ رام سمائجي ويو آهي، هاڻي هو اڃا ٻيو ڪھڙو نشو چکي ؟
راتا ماتا نام کا، پیا پریم اگھائے،
متوالا دیدار کا، مانگے مکت بلائے۔
مطلب ته هو نالي ۾ ئي مگن آهي، پريم جو پيالو پيتو اٿس، بس هو پنھنجي مالڪ جي ديدار جو تمنائي آهي، هن کي ڇوٽڪاري جي ڳڻتي نه آهي .
پریتم کو     پتیاں لکھوں، جو کہوں ہوئے   بدیس،
تن میں، من میں، نین میں، تاکو کیہا سندیس۔
اگر منھنجو محبوب پرديس هجي ته کيس خط لکان پر هو ته منھنجي تن من ۾، اکين ۾ وسي ٿو، پوءِ ڀلا هن سڄڻ ڏي ڪھڙا قاصد اماڻيان ؟
اگن آنچ سہنا سگم، سگم کھڑک کی دھار،
نيھں نبھاون ایک رس، مہا کٹھن بیوپار۔
مطلب ته باهه جو تئه سھڻ يا تلوار جي ڌار، اهي ٻئي ڪم آسان آهن، پر نينھن نڀائڻ سو به هڪ ڪرو، نھايت اوکو آهي .
بھگتی، مکتی مانگوں نہیں، بھگتی دان دے موه،
اور کوئی یاچوں نہیں، نس دن یاچوں توہ۔
مطلب ته مان ، توکان مالڪ سائين دنيا جو سک آرام نه ٿو طلبيان، مون کي صرف پنھنجو ڌيان، فڪر، سوچ دان ۾ عطا ڪر. مون کي ٻيو ڪجهه نه ٿو گهرجي، بس توکي ئي ڏينھن رات چاهيان ٿو .
کبیر پاپی بھگت نہ بھاوئی، ہر پوجا نہ سہائے،
مکھی چندن پر ہرے، جہہ بگھند تہہ جائے۔
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته پاپيءَ کي ڌڻيءَ جي عبادت وڻيئي ڪونه، جيئن مک چندن کان پري ۽ گند ڏانھن ڀڄندي آهي .
نام بھجو، من بس کرو، یہی بات ہے تنت،
کاہے کو پڑہ  پچ مرو، کوٹن گیان گرنتھ۔
هر وقت ان مالڪ جي پاڪ نالي جو ورد ڪريو ۽ پنھنجي نفس تي قبضو ڪريو. اها ئي اصلي ڳالهه آهي. ڇا  لاءِ ڪروڙين ڪتاب پڙهي پاڻ کي پريشان ڪيو اٿئي .
ڀٽائي صاحب فرمايو ته :
اکر پڙهه الف جو، ورق سڀ وسار،
اندر تون اجار، پنا پڙهندين ڪيترا.
ڪبير صاحب فرمائي ٿو ته :
پڑھ   پڑھ   کے   پتھر   بھئے   لکھ   لکھ،   بھئے   جو   اینٹ،
کبرا،   انتر   پریم   کی،   لاگی   ایک   نہ   چھینٹ۔
ڪبير تنھنجي دل پڙهي، پڙهي پٿر ٿي وئي ۽ لکي لکي سِرَ، پر تنھنجي من اندر ۾ پريم جي هڪڙي بوند به نه سمائي آهي .
ڪبير صاحب جي  شاعري
پھرين ڳالهه ته ڪبير صاحب ڀڳت هو ۽ نه شاعر، هن جيڪڏهن شاعري به ڪئي ته شاعر سڏرائڻ لاءِ نه، بلڪ اها هن جي اظھارِ خيال جو هڪ مضبوط ذريعو هئي. هن دنيا کي تلقين ڪرڻ لاءِ ۽ پنھنجن خيالن کي مؤثر انداز ۾ اظھارڻ لاءِ شاعريءَ کي پنھنجو وسيلو بڻايو. هُو قدرتي شاعر هو، هن نه ڪنھن شاعر جي شاگردي اختيار ڪئي ۽ نه هن جي شاعري ڪا ڇند وديا جي محتاج هئي. هو شاعريءَ جي فن کان بلڪل آزاد هو. هن جو توجهه فقط پنھنجي نقطهء نظر کي مؤثر انداز ۾ پيش ڪرڻ هو. هو پڙهيل ڪين هو. هن جيڪي ڪجهه چيو اهو هن جي فطرت ۽ سوچ جو عين عڪاس هو، ان ۾ شاعري ايتري نه آهي جيتري ”ڀڳتي“. سندس شاعري عوام الناس کي موهيندڙ، سادي ۽ فڪرانگيز هئي، جيڪا هن جي طبيعت وانگر کري، بي ريا ۽ حق سچ جي پرچارڪ هئي. هو زماني جي ڏيک ويک جو قائل هرگز نه هو. هن کي صرف حق جي تلاش هئي ۽ ڳولا هئي ته بس ڌڻيءَ جي پريم جي. هن نصيحت ڀريل نڪتن کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ پنھنجي شاعري ۾ عام سادا مثال ۽ تشبيھون ڪم آنديون ۽ انھن شين جو ذڪر عام ڪيو اٿس جيڪي روزمره جي زندگيءَ ۾ نظر اچن ٿيون. مثلاً: ڪنڀارڪي مٽي، لوهر جو ذڪر، اَن پيھڻ وارو جنڊ، ويد جو نبض تپاسڻ، چندن جي خوشبو، چوگان جو کيل. مطلب ته هن عام شين کي پنھنجي شاعري ۾ خوب ڪتب آندو آهي، مثال طور :
مٹی کہے کمہار کو، تو کیا روندے موہے،
اک دن ائسا آئے گا، میں روندوں گی توہے۔
*
لکڑی کہے لہار کو تو کیا جارے موہے،
اک دن ائسا آئے گا میں جاروں گی توہے۔
*
پاہن   پوجے   ہری ملے تو میں پوجوں پہاڑ،
تاتے   یہ   چاکی   بھلی،   پیسا کھائے سنسار۔
*
کبرا بید بلائیا، پکڑ کے دیکھی بانھ،
بیدن بید نہ جانئے، کرک کلیجے مانھ۔
*
چندن گیا چامار کے گھر، نت نت ٹانکے چام،
چندن بچارا کیا کرے، پڑا جو نیچ سے کام۔
*
بھگتی گیند چوگان کی، بھاوے کوئی لے جاوے،
کہہ کبیر کچھ بھید نہیں، کہہ رنک، کہه رائے۔
ڪبير صاحب جي زبان عام ۽ عوامي هئي، هن جيڪي ڪجهه چيو عوامي زبان ۾ چيو. هو ڀڳت ۽ صوفي منش انسان هو. هن لفظن جي ڪاريگري ڪانه ڪئي، جيڪي لفظ ان دؤر ۾ مروج هئا، هن انھن کي انھيءَ ئي انداز ۾ ڪتب آندو. ڪٿي ڪٿي هن نظم ۾ رواني پيدا ڪرڻ لاءِ لفظن کي ٽوڙي مروڙي به پيش ڪيو. مثلاً ڪبير کي ڪبرا، ڪبيرا، ڪاشيءَ کي ڪاسي، خزانه کي کجانه، زماني کي جمانا، زمين کي جمي، بدلي کي بدليا، محل کي محليا وغيره .
ڪبير صاحب جيئن ته سنتن، ساڌن، صوفين، جوڳين جي سنگت ۾ گهڻو رهيو ۽ سير و سفر ڪيو تنھنڪري مختلف علائقن جي ٻولي ۽ لھجو اختيار ڪيو. هن پنھنجي شاعريءَ ۾ عربي، فارسي ۽ ٻين مختلف زبانن جا سوين لفظ استعمال ڪيا. وڏي مزي جي ڳالهه ته ڪبير صاحب پنھنجي شاعريءَ ۾ سمجهه کان مٿي ۽ ابتيون سبتيون ڳالھيون به ڪيون آهن. مثلاً، جيئن ڪوئو  ٻليءَ کي کائي ويو، سمنڊ، لھر ۾ سمائجي ويو، شاعريءَ جي هن رنگ کي الٽ وانسي يا الٽ واڻي چئبو آهي يعني ابتي ڳالهه ڪرڻ. مثال لاءِ هي شعر حاضر آهي .
رنگی کو نارنگی کہیں چلتی کو گاڑی،
بنے دودھ کو کھویا، دیکھ کبیرا       رویا۔
ڪبير صاحب جو ڪلام ان ڳالهه جو مظھر آهي ته هو فطرتي ۽ الھامي شاعر هو. سندس شاعري ڪنھن ڪوشش جو سبب نه هئي. هن جو ڪلام هن جي دل جي گھرائين مان نڪري، ٻڌندڙ جي دل ۽ دماغ ۾ گهريو ۽ گهر ڪيو وڃي ۽ اهو ئي هن جي شاعريءَ جو اعجاز آهي .
اسان اهو نه ٿا چئي سگهون ته ڪبير صاحب جو ڪو اهو ارادو هو ته ڪنھن نئين مذهب يا فرقي جو بنياد وجهي، تڏهن به مگهر جي علائقي ۾ هڪ گروهه هن جي نالي پٺيان ”ڪبير پنٿي“ سڏائي ٿو. بنارس ۾ ڪبير چورا، اهو مقام آهي جتي ويھي ڪبير صاحب دين ڌرم جي تعليم ڏيندو هو. اتي هڪ سکيا گهر ٺاهيو ويو آهي جتي ڪبير صاحب جي چاکڙي به تبرڪ طور پيل آهي. هت هر سال جنوري مھيني ۾ ميلو لڳايو وڃي ٿو.
ڪبير صاحب هندو مسلم اختلاف کي دور ڪرڻ ۽ هندن ۾ اوچ نيچ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اسان لاءِ هڪ اهڙو مثال قائم ڪري ويو جيڪو انسان ذات لاءِ روشن چراغ جي حيثيت رکي ٿو. ڪبير صاحب کي هر مذهب جا ماڻھو هڪ خدا رسيده بزرگ، بيباڪ مصلح ۽ حق گو تسليم ڪن ٿا. هن جا هزارين شعر اهل هندستان توڙي ٻيءَ دنيا کي زباني ياد آهن .
توڙي جو ڪبير پنٿي پاڻ کي هندو سمجهن ٿا پر تنھن هوندي به وحدانيت کي مڃڻ، بت پرستيءَ کان دوري ۽ ذات پات کان بيزاري هنن کي هڪ خاص الڳ سڃاڻپ بخشين ٿيون ۽ اهو ئي سبب آهي جو ڪبير صاحب کي هندستان ۾ عظيم ترين صوفي ۽ مذهبي مصلح مڃجي ٿو.
بابا گرونانڪ صاحب به، ڪبير صاحب کي ان جي اصلاحي شاعريءَ جي حوالي سان تعريفي انداز ۾ ياد ڪيو آهي. سندس فرمان آهي ته ڪبير صاحب جي شاعريءَ تي عالمگير انسانيت ۽ همه گير محبت جو رنگ حاوي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هندو توڙي مسلم ٻئي ڪبير صاحب جو احترام ڪن ٿا ۽ اهو ڪبير صاحب لاءِ هڪ منفرد اعزاز آهي.
رابندر ناٿ ٽئگور به ڪبير صاحب کان متاثر هو. هن پنھنجي دوست موهن سين کي مشورو ڏنو ته هو هندستان ۽ خاص ڪري بنگال جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ گهمندڙ ڦرندڙ جوڳين ۽ ساڌن کان ڪبير صاحب جو ڪلام هٿ ڪري، ترتيب ڏئي. نيٺ اهو ڪم 1911ع ۾ پايئه تڪميل تي پھتو ۽ ان جو بنگالي ترجمو 1911ع ۾ ڪلڪتي ۾ چئن جلدن ۾ شايع ٿيو. ٽئگور وري، ان مجموعي مان ڪبير صاحب جي هڪ ســؤ چــونــڊ نــظــمـن جو خوبصورت انگريزي ترجمو ڪري 1914ع ۾ “One Hundred Poems of Kabir”  (ڪبير صاحب جا هڪ سئو بيت) جي عنوان سان ڇپايو .
ڪبير صاحب جو گانڌي صاحب به وڏو احترام ڪندو هو. گانڌي صاحب اها ڳالهه ٻڌائي ماڻھن کي نھايت حيران ڪري ڇڏيو ته گانڌي صاحب جي ماتا صاحبه  به ڪبير پنٿي هئي ۽ اهو انڪشاف هڪ انگريز مصنف بارٿ وال (Barthwall)  پنھنجي ڪتاب ”گاندهي اور ڪبير“ ۾ ڪيو آهي . هونئن به گانڌي صاحب جي ذهني سوچ کي اجاگر ڪرڻ وارا جيڪي سبب هئا، انھن مان مضبوط ترين اثر ڪبير صاحب جو هو. گرو گرنـٿ صاحب ۾ شامل ڪبير صاحب جي ڪلام کي ”سنت ڪبير“ جي نالي سان جدا شايع ڪيو ويو آهي.
اها ته خبر نه آهي ته ڪبير صاحب جون فڪري پاڙون ڪٿي هيون، بھرحال ان کي سنتن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ڪبير صاحب پاڻ کي رامانند صاحب جو عقيدتمند ظاهر ڪري ٿو ۽ ان کي ئي پنھنجو حقيقي مرشد مڃي ٿو. هونئن بغير مرشد جي هئڻ کي برصغير ۾ سٺي نگاهه سان نه ٿو ڏٺو وڃي.
ڪبير صاحب جيتري قدر روحاني اصلاح تي زور ڏئي ٿو اوترو ئي ٻاهر جي ڀيٽ ۾ اندر کي يعني باطن کي اهميت ڏئي ٿو. هو الله وارن جي صحبت يعني ست سنگ جو قائل آهي. هن پنھنجي ڪلام ۾ هنڌين ماڳين سچن ۽ نيڪ ٻانھن جي سنگت جو ذڪر ڪيو آهي، جيئن هن شعر ۾ آهي:
رام بلاوا بھجيا، وانچ کبیرا   روئے،
جو سکھ سادہ سنگت میں، سو بیکنٹھ نہ ہوئے۔
تخلص جو  مسئلو
شاعر پنھنجي شعر جي آخري سِٽَ ۾ خاص ڪري پنھنجو نالو شامل ڪندو آهي، هي رواج شاعر جي حق ملڪيت کي ظاهر ڪري ٿو جيڪو قديم زماني کان مروج آهي. ڪبير صاحب  جن به پنھنجن دوهن ۾ پنھنجو نالو شعر جي منڍ ۾ استعمال ڪيو آهي، جيڪا هن جي فن ۽ فڪر جي جدت آهي ۽ تمام گهٽ ائين ٿيو آهي جو هن شعر جي ٻيءَ سِٽَ ۾ پنھنجو نالو شامل ڪيو هجي . ڪبير صاحب جي ڪلام پڙهڻ کان پوءِ اهو چوڻ بلڪل درست ٿيندو ته ڪبير صاحب بيشڪ هندستان جي عظيم ترين شاعرن مان هڪ هو .
ڪبير جو فلسفو
اڄ جو انسان پنھنجي سياسي، سماجي، نفسياتي، توڙي مذهبي متڀيدن ۾ وڃي ٿو ڏينھون ڏينھن منجهندو ۽ ڦاسندو. هو پنھنجي ئي هٿان ٺاهيل ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ انسان ڌڻيءَ کي ويجهي ٿيڻ بجاءِ وڃي ٿو ويتر کانئس پري ٿيندو. انسان جي اصل عظمت ان جي انسانيت ۾ ئي لڪل آهي ۽ بھترين مطالعو به اهو آهي ته انسان پاڻ کي سڃاڻي ۽ دل آشڪار ٿئي ۽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه فھم ڪونه آهي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته ”من عرف نفسھ’‘ فقد عرف ربھ’‘ “ ترجمو: ”جنھن پاڻ سڃاتو بيشڪ انھيءَ پنھنجي رب کي سڃاتو.“ ڀٽائيءَ صاحب به فرمايو آهي ته :
روزا ۽ نــمــازون، ايءُ پـــڻ چــڱـــو ڪــــم،
اهو ڪو ٻيو فھم، جنھن سان پسجي پرينءَ کي.
ڪبير صاحب ئي اهو عظيم انسان آهي جنھن ان فھم کي عالم آشڪار ڪيو. هو حق ۽ سچ جو حامي، ذاتي ڀيد ڀاوَ کان آجو، هندو مسلم تفريق جو انڪاري، سچو توحيد پرست ۽ ڀڳتيءَ جو قائل هو. وڏي مزي جي ڳالهه ته ڪبير صاحب هميشه پاڻ کي جلاهو ڪري سڏيو آهي ۽ ڪٿي به پاڻ کي هندو يا مسلمان ڪري ڪين سڏيو آهي. مطلب ته هو مذهبي ڪٽرپڻي جو قطعي قائل ڪين هو. جيئن هيٺ ڏنل آهي: 
ہندو کہو تو ہوں نہیں، مسلمان بھی ناھیں،
پانچ     تتو     کا     پوتلا،   غیبی    کھیلے    مانھیں۔

No comments: