صدا ۾ سڏڪا، رات روئي ٿي
پريتم _توکي ياد ڪري ،ٿو شرير ٻري
نيڻ رتا ڇلڪيا ، رات روئي ٿي
وحشتون حسرتون رنجشون، ڀر ۾ ستل
در، درين ۾ کڙڪا ،رات رئي ٿي
پاڻ سان گڏ ،يادون به کڻي وڃ
ڪتيون ٽيڙو نڪتا،رات روئي ٿي
چنڊ جي وارن ۾، چاندني پائي ليئا
جوڀن ۾ الڪا ، رات روئي ٿي
ھوا ۾ سڏڪا، رات روئي ٿي
صدا ۾ سڏڪا، رات روئي ٿي
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ —
