ھوا ۾ سڏڪا،رات روئي ٿي
صدا ۾ سڏڪا، رات روئي ٿي

پريتم _توکي ياد ڪري ،ٿو شرير ٻري
نيڻ رتا ڇلڪيا ، رات روئي ٿي

وحشتون حسرتون رنجشون، ڀر ۾ ستل
در، درين ۾ کڙڪا ،رات رئي ٿي

پاڻ سان گڏ ،يادون به کڻي وڃ
ڪتيون ٽيڙو نڪتا،رات روئي ٿي

چنڊ جي وارن ۾، چاندني پائي ليئا
جوڀن ۾ الڪا ، رات روئي ٿي

ھوا ۾ سڏڪا، رات روئي ٿي
صدا ۾ سڏڪا، رات روئي ٿي

شاعري؛ ذوالفقاربھڻ —


Comments

Popular posts from this blog

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

About Zulifiqar Behan

دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —