’’ووٽ‘‘ شاعراڻو پيغام:ذوالفقاربھڻ


’’ووٽ‘‘ شاعراڻو پيغام:ذوالفقاربھڻ
*************************

ووٽ قوم جي امانت آ
ووٽ مستقبل جي ضمانت آ
او ادا، او ڀيڻ
ووٽ ڪرڻ کان پھريان
وري وري سوچجان
ڪير يار آ، ڪير مڪار آ
سوچي سمجھي ووٽ ڪجان

برادرين ۾ ،ڇو پاڻ کي بند ڪيو اٿئي؟
ذات کان قومي مفاد اتم اٿئي....
پنھنجو فرض،
ڌرتيءَ جو قرض سمجھي لاھجان
او ادا، او ڀيڻ
ووٽ ڪرڻ کان پھريان
وري وري سوچجان
ڪير يار آ، ڪير مڪار آ
سوچي سمجھي ووٽ ڪجان

پنھنجو صرف ڀڀ ڀري
تنھنجي مٿي تان ڇت
پيرن ھيٺان زمين کسڪائي چڏي
اھڙي ڪردار کي کُٿو جواب ڏجان
او ادا، او ڀيڻ
ووٽ ڪرڻ کان پھريان
وري وري سوچجان
ڪير يار آ، ڪير مڪار آ
سوچي سمجھي ووٽ ڪجان


Comments

Popular posts from this blog

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

About Zulifiqar Behan

دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —