sndhi Ghazal

ڪيئن مڃان ھٿ جي لڪـــــيرن ۾ ناھين
تون ساھَ ۾ آھين منھنجي ويساھَ ۾ آھين

ضبط جا بند ٿا ٽُٽَنِ،پرواھ ڇا ماڻھون چَون
ڪجھ نظر ڪونه اچي جيڪر نگاھ ۾ آھين

مرڪ، خوشيون رنگ موسم جا ڀلي ڪھڙا ھجن
ھر گھڙي وَرَ  وَرَ، سمورن ماھ ۾ آھين

ھيءُ مِٽيءَ جو يار پتلو ،تنھنجي آڱر تي نچي
ھا- ۽  نه - جي ھر الستي  آ ھـــــــ ۾ آھين


ھونئن ته آ بيڪار ھي ”ذوالفقار“ اي دل
پوءِ به يوسف کي خريدڻ جي چاھ ۾ آھين

ڪيئن مڃان ھٿ جي لڪـــــيرن ۾ ناھين
تون ساھ ۾ آھين منھنجي ويساھ ۾ آھين


Comments

Popular posts from this blog

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

About Zulifiqar Behan

دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —