اَمن کي جيئرو ڪريون؛ شاعري؛ ذوالفقاربھڻ



اَمن کي جيئرو ڪريون؛ شاعري؛ ذوالفقاربھڻ
***************
اُميدن جا سڏڪا
مستقبل ڳڀا ڳڀا
نيڻ پاڻي جي درياءَ ۾ ٻڏل
جھورُ اکين جي آس
جلاوطن ٿي وئي
درد جون دونھيون گھرگھر
ريھون واڪا نڙيءَ نڙيءَ ڦاٿل
ڪنھن ماءُ جا اُلڪا
بيوھ جي درد جي پيمانو....
ڪاش ڪو سمجھي
يتيمي جو عذاب
ڪيئن تبديلي کان پوءِ
لڳندو آھي
ٽھڪن وارو گھر
ُسُڏڪن وارو گھر
ڪاش ڪو سمجھي...
وحشي قاتل
تو ۾ مون ۾ آھي لڪل
ڇونه ٿو مارين ان کي
ڪيسيتائين
آخر ڪيسيتائين
نامعلوميت جو رينگٽ
ھاڻي بند ڪر
اچُ،اچُ، اچُ
مصلحتون ٽوڙيون
موت کي دفن ڪري
اَمن کي جيئرو ڪريون

Comments

Popular posts from this blog

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

About Zulifiqar Behan

دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —