Tuesday, March 5, 2013

اَمن کي جيئرو ڪريون؛ شاعري؛ ذوالفقاربھڻ



اَمن کي جيئرو ڪريون؛ شاعري؛ ذوالفقاربھڻ
***************
اُميدن جا سڏڪا
مستقبل ڳڀا ڳڀا
نيڻ پاڻي جي درياءَ ۾ ٻڏل
جھورُ اکين جي آس
جلاوطن ٿي وئي
درد جون دونھيون گھرگھر
ريھون واڪا نڙيءَ نڙيءَ ڦاٿل
ڪنھن ماءُ جا اُلڪا
بيوھ جي درد جي پيمانو....
ڪاش ڪو سمجھي
يتيمي جو عذاب
ڪيئن تبديلي کان پوءِ
لڳندو آھي
ٽھڪن وارو گھر
ُسُڏڪن وارو گھر
ڪاش ڪو سمجھي...
وحشي قاتل
تو ۾ مون ۾ آھي لڪل
ڇونه ٿو مارين ان کي
ڪيسيتائين
آخر ڪيسيتائين
نامعلوميت جو رينگٽ
ھاڻي بند ڪر
اچُ،اچُ، اچُ
مصلحتون ٽوڙيون
موت کي دفن ڪري
اَمن کي جيئرو ڪريون

Let's Speak Sindhi language This 30-day easy course is designed for learners worldwide who wish to speak Sindhi with confidence

 Let's Speak Sindhi language This 30-day easy course is designed for learners worldwide who wish to speak Sindhi with confidence. Whethe...