Sunday, November 2, 2025

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

 هي ڪتاب انهن جي نانءُ



جيڪي علم جي واٽن تي روشنيءَ جا ڏيئا ٻاري، محبت، صبر ۽ جدوجھد سان قوم جي مستقبل کي سنوارين ٿا. جيڪي شاگردن جي ذهنن ۾ اميد جا گل پوکين ٿا ۽ تبديليءَ جو بنياد بڻجن ٿا.

 اوھان  جي محنت، علم ۽ خلوص کي هي ڪتاب خراجِ تحسين پيش ڪري ٿو.


سبق 1: بهترين استاد اهو آهي، جيڪو هر دل ۾ اميد جا ڏيئا ٻاري ٿو.

سبق 2: جيڪو ڪلاس کي صرف ڪمرو نه، پر خوابن جو جهان بڻائي ٿو.

سبق 3:جيڪو هر ٻار ۾ مستقبل جو ستارو ڏسي ٿو.

سبق 4: جيڪو مايوسيءَ کي حوصلي ۾ بدلائي ٿو.

سبق 5: جيڪو علم سان گڏ محبت سيکاري ٿو.

سبق 6:جيڪو شاگرد جي اکين ۾ پنهنجو مقصد لهي ٿو.

سبق 7:جيڪو وقت کان اڳ اچي ٿو ۽ سڀني کان پوء وڃي ٿو.

سبق 8:جيڪو هر شاگرد کي چوندو آهي: “تون ڪري سگهين ٿو!”


هن طرح جا 100 سبق ڪتاب ۾ تفصيل سان موجود آهن 

اڄ پنھنجي لاء ڪتاب گهرايو.👇🏻👇🏻

zulfiqarbehan@yahoo.com


#drzulfiqarbehan

Syed Pannah Ali Shahسيد پناھ علي شاھ جي سوانح عمري ۽ سماجي خدمتون

 سيد پناھ علي شاھ جي سوانح عمري ۽ سماجي خدمتون




سيد پناھ علي شاھ ولد ميرڪ اميد علي شاھ 6 جنوري 1914ع تي پيدا ٿيو. سندس ولادت لاڙڪاڻي جي "جاڙل شاھ بخاري" محلي ۾ ٿي. سندس تعلق سکر جي "ميرڪي سادات" خاندان سان ھو. سيد پناھ علي شاھ جو والد سيد اميد علي شاھ اصل ۾ پراڻي سکر ۾ آباد ھو پر پوءِ پاڻ سکر کي خيرآباد چئي لاڙڪاڻي ۾ ھميشہ لاءِ اچي سڪونت اختيار ڪيائين. سيد اميد علي شاھ کي ڪافي عرصو نرينو اولاد ڪونہ ٿيو. آخري عمر ۾ کيس ھڪ فرزند سيد پناھ علي شاھ نالي ڄائو جيڪو پنھنجي والدين جو اڪيلو اولاد ھو.

سيد پناھ علي شاھ پنھنجي ابتدائي تعليم سرائي شاھ محمد پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي مان ۽ ثانوي تعليم مدرسہ ھاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. جتان سن 1936ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. شاھ صاحب اعلٰي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جھونا ڳڙھ (ھندوستان) ويو. جتان سن 1943ع ۾ بي.اي. جو امتحان پاس ڪري، خيرپور رياست جي تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. پاڻ ناز ھاءِ اسڪول خيرپور ميرس ۾ انگلش ٽيچر مقرر ٿيو ۽ ان کان پوءِ، ٽريننگ ڪاليج خيرپور ميرس جي پرنسپال جي عھدي تي فائز ٿيو. سيد پناھ علي شاھ کي سن 1947ع ۾ ھزھائينيس مير علي مراد خان ٽالپر (خيرپور رياست جو والي) جي خاص ذاتي خدمت لاءِ مقرر ڪيو ويو. پاڻ چوويھ ئي ڪلاڪ ھزھائينيس سان گڏ رھندو ھو. ھزھائينيس جي ظاھري تعليم ۽ تربيت سان گڏ. سندس اخلاقي ۽ مذھبي تربيت پڻ شاھ صاحب جي حوالي ھئي. انھيءَ ڏس ۾ پاڻ ھڪ ڪامياب معلم ۽ اتاليق جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. 4 جون 1950ع ۾ کيس وري ساڳئي عھدي تي واپس موڪليو ويو. پاڻ سن 1954ع ۾ خيرپور رياست جي تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن(D.P.I)   مقرر ٿيو. سن 1955ع ۾ خيرپور رياست جي حڪومت طرفان کيس ٽريننگ ڪورس لاءِ آسٽريليا موڪليو ويو، جتان 1957ع ۾ واپس آيو ۽ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول خيرپور جو پرنسپال مقرر ٿيو.

پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ( 1947ع کان پوءِ) پاڪستان سرڪار جڏھن سابق اولھ پاڪستان جي سڀني صوبن کي پاڻ ۾ ملائي ون يونٽ جو قيام عمل آندو، تہ ان وقت خيرپور رياست جي اھا اڳوڻي حيثيت پڻ ختم ڪري، ان کي ھڪ ضلعي جي حيثيت ڏني ويئي. ان وقت شاھ صاحب کي سڀ کان پھريائين پشاور ڊويزن ۽ پوءِ راولپنڊي ڊويزن جو انسپيڪٽر آف اسڪولز مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ پنجن سالن تائين لاھور ڊويزن جو انسپيڪٽر آف اسڪولز ٿي رھيو. ان بعد حيدرآباد ۽ ڪراچي ڊويزن جو ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن(D.P.I)   مقرر ٿيو. پاڻ پھرين آگسٽ 1970 کان ٽيويھ فيبروري 1971 تائين گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجيوڪيشن (مين)، حيدرآباد ۾ پرنسپل جي عھدي تي رھيا. پاڻ 1970 جي تعليمي پاليسي جي تحت پھرين آڪتوبر 1970 تي ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن ايڪسٽينشن (اِن سروس ٽيچرس ٽريننگ) ۽ ايجوڪيشن آف اسپيشل چلڊرن جا ڊائريڪٽر مقرر ٿيا. 1972 جي تعليمي پاليسي تحت ھِن اداري جي نالي ۽ ڪردار تي نظرثاني ڪري نئون نالو تجويز ڪري ڊائريڪٽوريٽ آف بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ سنڌ جام شورو رکيو ويو. سيد پناھ علي شاھ ھن اداري جي باني ۽ پھرين سربراھ جي حيثيت سان 31 مارچ 1972 تائين ڊائريڪٽر جي اھم عھدي تي فائز رھيا. آخر ۾ سن 1973ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي جا سيڪريٽري مقرر ٿيا. پاڻ سٺ ورھين جي ڄمار ۾ سن 1974ع ۾ رٽائر ڪن ھا، پَر سندس تعليمي خدمتن ۽ ماھرانہ صلاحيتن جي ڪري، ان وقت جي حڪومت طرفان کيس چار سال وڌيڪ ملازمت ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. اھڙيءَ طرح، پاڻ سن 1978ع ۾ سنڌ صوبي جي تعليم کاتي ۾، سيڪريٽريءَ جي عھدي تان پينشن تي لٿا.

سيد پناھ علي شاھ آخري ۾ مسلم ڪوآپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي، حيدرآباد سنڌ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي. پاڻ پينشن تي لھڻ کان پوءِ سنڌ جي ڪيترن ئي تعليمي ادارن سان منسلڪ رھيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ توڙي سينڊيڪيٽ جو ميمبر ٿي رھيو. جنھن دوران يونيورسٽيءَ جي فلاح ۽ بھبود لاءِ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنائين. سندس تعليمي خدمتن جي مڃتا طور، تازو ماڊل اسڪول، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري  ۽ گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول اٽيچڊ ٽو گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجيوڪيشن (مين)، حيدرآباد جا نالا مٽائي سيد پناھ علي شاھ ماڊل اسڪول ڄام شورو ۽ سيد پناھ علي شاھ گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪينڊري اسڪول اٽيچڊ ٽو گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجيوڪيشن (مين)، حيدرآباد رکيا ويا آھن.

شاھ صاحب ملازمت دوران انتظامي ڪمن ڪارين جي مشغولين سبب تصنيف ۽ تاليف جو ايترو ڪم نہ ڪيو، پر ان ھوندي بہ کيس حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ علم ادب سان تمام گھڻي رغبت رھندي ھئي. تحقيق ۽ تلاش ڪندي، سندس مرتب ڪيل ھڪ ڪتاب. چيدا شعر جي نالي سان معلوم ٿي سگھيو آھي. ھيءُ ڪتاب انگريزي چوٿين، پنجين ۽ ڇھين ڪلاس جي شاگردن لاءِ، نصاب طور ترتيب ڏنو ويو ھو. ھن ڪتاب ۾، سنڌ جي جن ناميارن شاعرن جا چونڊ ۽ چيدا شعر ڏنا ويا آھن، تن جا نالا ھي آھن: شاھ عبد اللطيف ڀٽائي، سچل، خليل، ضياءُ، نظامي، حامي ۽ سليم. ھيءُ ڪتاب ڪرائون سائيز جي 82 صحفن تي مشتمل آھي ۽ سنڌ اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، فريئر روڊ، سکر سنڌ مان شايع ٿيو. ھيءُ ڪتاب جنھن زماني ۾ ڇپبو، ان وقت رياست خيرپور جو وجود قائم ھو، ان کي رياست خيرپور جي تعليم کاتي جي طرفان نصاب طور اسڪولن لاءِ منظور ڪيو ويو ھو. سيد پناھ علي شاھ وٽ ھڪ بھترين ڪتبخانو پڻ ھو، جنھن ۾ ڪافي ناياب ۽ قيمتي ڪتاب موجود ھئا. شاھ صاحب پنھنجي انھيءَ گران قدر علمي ۽ ادبي خزاني مان 27 جنوري 1981ع تي ٽي سوء کن ڪتاب سنڌ جي مشھور علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تحقيقي اداري. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري کي عطيي طور ڏنا، جتي سندس نالي تي بُڪ ڪارنر قائم ٿيل آھي.

سيد پناھ علي شاھ اٽڪل 87 ورھين جي ڄمار ۾، 16 رمضان المبارڪ 1421ھ / 13 ڊسمبر 2000ع تي ھن فاني جھان مان رحلت ڪئي. کيس قدم گاھ مولا علي عليہ السلام، حيدرآباد سنڌ ۾ مدفون ڪيو ويو.

Social media courtesy