Sunday, November 2, 2025

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

 هي ڪتاب انهن جي نانءُ



جيڪي علم جي واٽن تي روشنيءَ جا ڏيئا ٻاري، محبت، صبر ۽ جدوجھد سان قوم جي مستقبل کي سنوارين ٿا. جيڪي شاگردن جي ذهنن ۾ اميد جا گل پوکين ٿا ۽ تبديليءَ جو بنياد بڻجن ٿا.

 اوھان  جي محنت، علم ۽ خلوص کي هي ڪتاب خراجِ تحسين پيش ڪري ٿو.


سبق 1: بهترين استاد اهو آهي، جيڪو هر دل ۾ اميد جا ڏيئا ٻاري ٿو.

سبق 2: جيڪو ڪلاس کي صرف ڪمرو نه، پر خوابن جو جهان بڻائي ٿو.

سبق 3:جيڪو هر ٻار ۾ مستقبل جو ستارو ڏسي ٿو.

سبق 4: جيڪو مايوسيءَ کي حوصلي ۾ بدلائي ٿو.

سبق 5: جيڪو علم سان گڏ محبت سيکاري ٿو.

سبق 6:جيڪو شاگرد جي اکين ۾ پنهنجو مقصد لهي ٿو.

سبق 7:جيڪو وقت کان اڳ اچي ٿو ۽ سڀني کان پوء وڃي ٿو.

سبق 8:جيڪو هر شاگرد کي چوندو آهي: “تون ڪري سگهين ٿو!”


هن طرح جا 100 سبق ڪتاب ۾ تفصيل سان موجود آهن 

اڄ پنھنجي لاء ڪتاب گهرايو.👇🏻👇🏻

zulfiqarbehan@yahoo.com


#drzulfiqarbehan

Syed Pannah Ali Shahسيد پناھ علي شاھ جي سوانح عمري ۽ سماجي خدمتون

 سيد پناھ علي شاھ جي سوانح عمري ۽ سماجي خدمتون




سيد پناھ علي شاھ ولد ميرڪ اميد علي شاھ 6 جنوري 1914ع تي پيدا ٿيو. سندس ولادت لاڙڪاڻي جي "جاڙل شاھ بخاري" محلي ۾ ٿي. سندس تعلق سکر جي "ميرڪي سادات" خاندان سان ھو. سيد پناھ علي شاھ جو والد سيد اميد علي شاھ اصل ۾ پراڻي سکر ۾ آباد ھو پر پوءِ پاڻ سکر کي خيرآباد چئي لاڙڪاڻي ۾ ھميشہ لاءِ اچي سڪونت اختيار ڪيائين. سيد اميد علي شاھ کي ڪافي عرصو نرينو اولاد ڪونہ ٿيو. آخري عمر ۾ کيس ھڪ فرزند سيد پناھ علي شاھ نالي ڄائو جيڪو پنھنجي والدين جو اڪيلو اولاد ھو.

سيد پناھ علي شاھ پنھنجي ابتدائي تعليم سرائي شاھ محمد پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي مان ۽ ثانوي تعليم مدرسہ ھاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. جتان سن 1936ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. شاھ صاحب اعلٰي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جھونا ڳڙھ (ھندوستان) ويو. جتان سن 1943ع ۾ بي.اي. جو امتحان پاس ڪري، خيرپور رياست جي تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. پاڻ ناز ھاءِ اسڪول خيرپور ميرس ۾ انگلش ٽيچر مقرر ٿيو ۽ ان کان پوءِ، ٽريننگ ڪاليج خيرپور ميرس جي پرنسپال جي عھدي تي فائز ٿيو. سيد پناھ علي شاھ کي سن 1947ع ۾ ھزھائينيس مير علي مراد خان ٽالپر (خيرپور رياست جو والي) جي خاص ذاتي خدمت لاءِ مقرر ڪيو ويو. پاڻ چوويھ ئي ڪلاڪ ھزھائينيس سان گڏ رھندو ھو. ھزھائينيس جي ظاھري تعليم ۽ تربيت سان گڏ. سندس اخلاقي ۽ مذھبي تربيت پڻ شاھ صاحب جي حوالي ھئي. انھيءَ ڏس ۾ پاڻ ھڪ ڪامياب معلم ۽ اتاليق جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. 4 جون 1950ع ۾ کيس وري ساڳئي عھدي تي واپس موڪليو ويو. پاڻ سن 1954ع ۾ خيرپور رياست جي تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن(D.P.I)   مقرر ٿيو. سن 1955ع ۾ خيرپور رياست جي حڪومت طرفان کيس ٽريننگ ڪورس لاءِ آسٽريليا موڪليو ويو، جتان 1957ع ۾ واپس آيو ۽ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول خيرپور جو پرنسپال مقرر ٿيو.

پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ( 1947ع کان پوءِ) پاڪستان سرڪار جڏھن سابق اولھ پاڪستان جي سڀني صوبن کي پاڻ ۾ ملائي ون يونٽ جو قيام عمل آندو، تہ ان وقت خيرپور رياست جي اھا اڳوڻي حيثيت پڻ ختم ڪري، ان کي ھڪ ضلعي جي حيثيت ڏني ويئي. ان وقت شاھ صاحب کي سڀ کان پھريائين پشاور ڊويزن ۽ پوءِ راولپنڊي ڊويزن جو انسپيڪٽر آف اسڪولز مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ پنجن سالن تائين لاھور ڊويزن جو انسپيڪٽر آف اسڪولز ٿي رھيو. ان بعد حيدرآباد ۽ ڪراچي ڊويزن جو ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن(D.P.I)   مقرر ٿيو. پاڻ پھرين آگسٽ 1970 کان ٽيويھ فيبروري 1971 تائين گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجيوڪيشن (مين)، حيدرآباد ۾ پرنسپل جي عھدي تي رھيا. پاڻ 1970 جي تعليمي پاليسي جي تحت پھرين آڪتوبر 1970 تي ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن ايڪسٽينشن (اِن سروس ٽيچرس ٽريننگ) ۽ ايجوڪيشن آف اسپيشل چلڊرن جا ڊائريڪٽر مقرر ٿيا. 1972 جي تعليمي پاليسي تحت ھِن اداري جي نالي ۽ ڪردار تي نظرثاني ڪري نئون نالو تجويز ڪري ڊائريڪٽوريٽ آف بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ سنڌ جام شورو رکيو ويو. سيد پناھ علي شاھ ھن اداري جي باني ۽ پھرين سربراھ جي حيثيت سان 31 مارچ 1972 تائين ڊائريڪٽر جي اھم عھدي تي فائز رھيا. آخر ۾ سن 1973ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي جا سيڪريٽري مقرر ٿيا. پاڻ سٺ ورھين جي ڄمار ۾ سن 1974ع ۾ رٽائر ڪن ھا، پَر سندس تعليمي خدمتن ۽ ماھرانہ صلاحيتن جي ڪري، ان وقت جي حڪومت طرفان کيس چار سال وڌيڪ ملازمت ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. اھڙيءَ طرح، پاڻ سن 1978ع ۾ سنڌ صوبي جي تعليم کاتي ۾، سيڪريٽريءَ جي عھدي تان پينشن تي لٿا.

سيد پناھ علي شاھ آخري ۾ مسلم ڪوآپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي، حيدرآباد سنڌ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي. پاڻ پينشن تي لھڻ کان پوءِ سنڌ جي ڪيترن ئي تعليمي ادارن سان منسلڪ رھيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ توڙي سينڊيڪيٽ جو ميمبر ٿي رھيو. جنھن دوران يونيورسٽيءَ جي فلاح ۽ بھبود لاءِ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنائين. سندس تعليمي خدمتن جي مڃتا طور، تازو ماڊل اسڪول، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري  ۽ گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول اٽيچڊ ٽو گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجيوڪيشن (مين)، حيدرآباد جا نالا مٽائي سيد پناھ علي شاھ ماڊل اسڪول ڄام شورو ۽ سيد پناھ علي شاھ گورنمينٽ بوائز ھائير سيڪينڊري اسڪول اٽيچڊ ٽو گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجيوڪيشن (مين)، حيدرآباد رکيا ويا آھن.

شاھ صاحب ملازمت دوران انتظامي ڪمن ڪارين جي مشغولين سبب تصنيف ۽ تاليف جو ايترو ڪم نہ ڪيو، پر ان ھوندي بہ کيس حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ علم ادب سان تمام گھڻي رغبت رھندي ھئي. تحقيق ۽ تلاش ڪندي، سندس مرتب ڪيل ھڪ ڪتاب. چيدا شعر جي نالي سان معلوم ٿي سگھيو آھي. ھيءُ ڪتاب انگريزي چوٿين، پنجين ۽ ڇھين ڪلاس جي شاگردن لاءِ، نصاب طور ترتيب ڏنو ويو ھو. ھن ڪتاب ۾، سنڌ جي جن ناميارن شاعرن جا چونڊ ۽ چيدا شعر ڏنا ويا آھن، تن جا نالا ھي آھن: شاھ عبد اللطيف ڀٽائي، سچل، خليل، ضياءُ، نظامي، حامي ۽ سليم. ھيءُ ڪتاب ڪرائون سائيز جي 82 صحفن تي مشتمل آھي ۽ سنڌ اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، فريئر روڊ، سکر سنڌ مان شايع ٿيو. ھيءُ ڪتاب جنھن زماني ۾ ڇپبو، ان وقت رياست خيرپور جو وجود قائم ھو، ان کي رياست خيرپور جي تعليم کاتي جي طرفان نصاب طور اسڪولن لاءِ منظور ڪيو ويو ھو. سيد پناھ علي شاھ وٽ ھڪ بھترين ڪتبخانو پڻ ھو، جنھن ۾ ڪافي ناياب ۽ قيمتي ڪتاب موجود ھئا. شاھ صاحب پنھنجي انھيءَ گران قدر علمي ۽ ادبي خزاني مان 27 جنوري 1981ع تي ٽي سوء کن ڪتاب سنڌ جي مشھور علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تحقيقي اداري. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري کي عطيي طور ڏنا، جتي سندس نالي تي بُڪ ڪارنر قائم ٿيل آھي.

سيد پناھ علي شاھ اٽڪل 87 ورھين جي ڄمار ۾، 16 رمضان المبارڪ 1421ھ / 13 ڊسمبر 2000ع تي ھن فاني جھان مان رحلت ڪئي. کيس قدم گاھ مولا علي عليہ السلام، حيدرآباد سنڌ ۾ مدفون ڪيو ويو.

Social media courtesy

Saturday, August 9, 2025

Topic* : Learning Diversities in Classroom *Trainer* : Mr. Zulifqar Ali Behan *Participants* : SGA President, Vice Chairman, Principal & all teachers.

 استادن جي تربيتي ورڪشاپ جون تصويري جھلڪيون۔۔۔

استادن جي تربيتي ورڪشاپ دوران ورتل تصويرون.

 *Topic* : Learning Diversities in Classroom

 *Trainer* : Mr. Zulifqar Ali Behan

 *Participants* : SGA President, Vice Chairman, Principal & all teachers.

 *Venue* : Roshan Tara School Sachal Goth Karachi

 *Date* : 16-12-2023

Organizer: Coordinator Muhammad Qasim Khoso













استادن جي تربيتي ورڪشاپ جون تصويري جھلڪيون۔۔۔
استادن جي تربيتي ورڪشاپ دوران ورتل تصويرون.
 *Topic* : Learning Diversities in Classroom
 *Trainer* : Mr. Zulifqar Ali Behan
 *Participants* : SGA President, Vice Chairman, Principal & all teachers.
 *Venue* : Roshan Tara School Sachal Goth Karachi
 *Date* : 16-12-2023
Organizer: Coordinator Muhammad Qasim Khoso


Tuesday, July 22, 2025

About Zulifiqar Behan

 Profile # 225

ذوالفقار ولد محمد عثمان بھڻ، پهرين جون 1972ع تي ڳوٺ دورو بھڻ تعلقي موري، ضلعي نوشھري فيروز ۾ ڄائو. ھُنَ ابتدائي تعليم ڳوٺ دوري بھڻ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول موري مان 1988ع ۾ ڪيائين. انٽر مھراڻ ڪاليج موري مان 1990ع ۾ ڪيائين. سنڌي ادب ۾ ماسٽرس شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان، ايم ايڊ ڪراچي يونيوسٽي، جڌھن تہ ايم فل اقراء يونيورسٽي گلشن اقبال ڪراچي ۽ اڄ ڪلھ پي ايڇ ڊي ٽيچر ايجوڪيشن ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ڪري رھيو آھي.

نوڪريءَ جو تفصيل

پاڻ ھن وقت ايڊيشنل ڊائريڪٽر (اسٽيبلشمينٽ اڪائونٽس اينڊ پلاننگ) گريڊ 20 طور ڊائريڪٽوريٽ آف ڪريڪيولم اسيسمينٽ اينڊ ريسرچ سنڌ ڄامشورو ۾ خدمتون انجام ڏئي رھيو آھي. ڪراچي ۾ ھزارين استاد سندس شاگرد آھن جيڪي خدمتون انجام ڏيئي رھيا آھن. پاڻ 2000ع ۾ ليڪچرر طور نوڪري جو آغاز ڪيائين. 2006ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر کانپوء پرنسپل گورنمنٽ ايليمينٽري ڪالج لياري ۽ گورنمنٽ ڊويزل ايجوڪيشنل ٽيڪنالوجي ريسورس سينٽر (ڊيٽرڪ) ڪراچي جي سربراھ / ڊپٽي ڊائريڪٽر ۾ خدمتون انجام ڏئي چڪو آھي. سنڌي جي نصاب، استادن جي تربيت جي ڪورسن جي ڪتابن جي تياري ۾ ميمبر / ماھر طور خدمتون انجام ڏئي رھيو آھي. ھن ٽيچرز ٽريننگ انسٽيٽيوشن سنڌ حيدرآباد ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر طور پڻ ڪم ڪيو آهي.

ادبي سفر

ذوالفقار بھڻ شاعري لکڻ جي شروعات 1990ع ۾ انٽر واري دؤر ۾ / ڪاليج واري زماني ۾ ڪئي. سندن ادبي نالو ذوالفقار بھڻ آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ جو عھديدار جوائنٽ سڪريٽري ۽ اڄ ڪلھ سنڌي ادبي سنگت گلشن اقبال شاخ جو ڪائونسلر پڻ آھي. ذوالفقار بھڻ جي شاعريءَ جو ڪتاب “منھنجا خواب گلاب جھڙا” 2009ع ۾ دانش اڪيڊمي پبليڪيشن پاران شايع ٿي چُڪو آهي. ان کان علاوھ گڏيل شاعري جي ڪتاب پير پير جو پنھنجو پنڌ مرتب وفا گل محمد جمالي وفا پبليڪيشن شھداد ڪوٽ 2016ع. لکيل صنفون حمد، مرثيو، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، ٽيڙو، ھائيڪو، ٻہ سٽا، ٽہ سٽا، گيت، وائي، چوسٽو، غزل ريڊيو ٽي وي تي مختلف فنڪارن جي آواز ۾ سندس شاعري ڳائي وئي آھي. ڪراچي جي سماجي، تعليمي ۽ ادبي پروگرامن ۽ سرگرمين ۾ تمام گهڻو متحرڪ ڪردار رھيو آھي.  

اڄ 1 جون سندس سالگرہ آھي. کيس جنم ڏڻ جون مبارڪون.

سنڌ ايجوڪيٽرز سائين جن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ٿي.

Profile # 225

Today we introduce to you Sir Zulfiqar Ali Behan, who has a unique identity in Sindhi poetry & education.

Zulfiqar, son of Muhammad Usman Behan, was born on June 1, 1972 in village Doro Behan, taluka Moro, district Noushahro Feroze. He received his primary education from the village of Doro Behan. Matriculated from Government Boys High School, Moro in 1988. He passed intermediate examination from Mehran College, Moro in 1990. Masters in Sindhi Literature from Shah Abdul Latif University, Khairpur, M.Ed from Karachi University, M.Phil from Iqra University, Gulshan Iqbal, Karachi & nowadays he is doing Ph.D in Teacher Education from Karachi University.

Job Description 

Currently, he is serving in Grade-20 as Additional Director (Establishment, Accounts & Planning) at Directorate of Curriculum, Assessment & Research (DCAR) Sindh, Jamshoro with effect from March 28, 2025. Thousands of teachers in Karachi are his students who are rendering services. He started working as a lecturer in 2000. In 2006, after serving as an Assistant Professor, he also served as Principal at Government Elementary College, Lyari and Head/Deputy Director at Divisional Educational Technology Resource Centre (DETRC) Karachi. Serving as member/expert in preparation of textbooks for Sindhi curriculum, teacher training courses. He has also served as Additional Director at Teachers Training Institution Sindh Hyderabad from November 8, 2024 to March 27, 2025.

Literary Journey

Zulfiqar Behan started writing poetry in 1990 during his college days. His literary name is Zulfiqar Behan. He is also the official joint secretary of Sindhi Literary Sangat Karachi branch & now a councilor of Gulshan Iqbal branch of Sindhi Literary Sangat. Zulfiqar Behan's poetry book "My Dreams Like Gulab Bakhta" has been published by Danish Academy Publication in 2009. In addition to this, the book of joint poetry Peer Peer is written by Wafa Gul Mohammad Jamali Wafa Publication Shahdad Kot in 2016. His poetry has been sung in the voice of various artists on radio & television. He has played a very active role in the social, educational & literary programs & activities of Karachi.

Today June 1 is his birthday. Congratulations on your birthday.

Sindh Educators is proud to post about Mr. ZULFIQAR ALI BEHAN. We are pleased to have his profile on our page.

Sunday, July 20, 2025

Dr. Zulifiqar Behan,33rd Annual Convocation University of Karachi on 19 July 2025 @ Expo center Karachi


A Proud Milestone!

I’m truly humbled and overjoyed to share that I have officially received my PhD Degree in Education at the 33rd Convocation of the University of Karachi.
الحمدللہ رب العالمین









My doctoral research explored a crucial area in Teacher Education

Administrative Practices in Public Teacher Training Institutions of Sindh.


This study took a deep dive into how administrative systems, leadership styles, and decision-making processes impact the quality of pre-service teacher education in public institutions.

Dr. Zulifiqar Behan PhD degree awarded

I sincerely hope this research contributes to meaningful reforms in how teacher education is led and managed, especially in public-sector institutions across Sindh and beyond.

Thank you to everyone who supported me on this journey!

#PhD #TeacherEducation #EducationalLeadership #InstitutionalDevelopment #UniversityOfKarachi #Sindh #Pakistan #EducationReform #TeacherTraining

Wednesday, July 2, 2025

Great educationist of Pakistan Dr. U.A Issani Sb

 ضلع شڪارپور سان تعلق رکندڙ ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي


 پهريون فوجي آفيسر

عثمان علي عيساڻي ولد جي ٖ ايم عيساڻي، 27 مئي 1934ع تي ڊکڻ شهر ڀرسان ڳوٺ بڊي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو ٖ هن ابتدائي تعليم ديره دون اڪيڊمي ۽ لارينس ڪاليج مريءَ مان حاصل ڪئي ان بعد 1956ع ۾ فوجي ڪميشن ۾ سليڪٽ ٿي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول مان 13هين لانگ ملٽري ڪورس نمايان نمبرن ۾ پاس ڪري ليفٽننٽ بڻيو هو پهريون سنڌي فوجي آفيسر هو جنهن پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جو اعلئ اعزاز “ سورڊ آف آنر “ حاصل ڪيو ٖ هو ڪيپٽن جي عهدي تي پهچڻ بعد فوج کان پاڪستان جي سول سروس ۾ 1960ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر بڻيو گڏو گڏ تعليمي سلسلو بہ جاري رکيائين ايم. اي. سي (ايجوڪيشنل پلاننگ) برڪلي يونيورسٽي آمريڪا ٖ ماسٽرس ان هسٽري پنجاب يونيورسٽيءَ ۽ پي. ايڇ. ڊي نمل يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي پاڪستان جي چئني صوبن ۾ سول بيورو ڪريٽ طور ڪم ڪيو ٖ ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي ڪيترن ئي اهم عهدن تي ڪم ڪري چڪو آهي، جنهن دوران هن تعليمي ميدان ۾ سوين سنڌي نوجوانن جي مدد ڪئي ۽ نوجوانن کي روزگار سان لڳرايو. سندس اهم عهدن ۾ 1960ع ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ، ڊپٽي ڪمشنر/ ڪليڪٽر خيرپور 1966ع کان 1967ع تائين، سيڪريٽري تعليم، ايڊيشن چيف سيڪريٽري پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ٖ 2 دفعا چيف سيڪريٽري سرحد صوبو ٖ وفاقي سيڪريٽري خوراڪ، زراعت، حڪومت پاڪستان، سيڪريٽري، وزارت صحت، ريلويزي کاتي ۾ سيڪريٽري، سيڪريٽري جنرل اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاڪستان، پرنسپل سيڪريٽري ٽو وزيراعظم محمد خان جوڻيجو، بينظير ڀٽو صاحبہ کيس سيڪريٽري ايسٽيبلشمنٽ ڊويزن ۽ وزير اعظم نواز شريف کيس پرنسپل سيڪيريٽري مقرر ڪيو چيئرمين يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن، وائيس چانسلر قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد وغيره شامل آهن. کيس اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هي هڪ سنڌي آفيسر جي حيثيت ۾ ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ڊگهي عرصي لاءِ سي. ايس رهيو. عثمان علي عيساڻي سرحد صوبي جي اڳوڻي گورنر ليفٽننٽ جنرل فضل الحق سان گڏ فوج ۾ ڪميشن ڪئي هئي. اهو ئي سبب هو جو فضل الحق جيترا ڀيرا گورنر ۽ وڏو وزير رهيو، تيستائين ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي سرحد صوبي جو چيف سيڪريٽري رهيو. هن قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ وي. سي هجڻ دوران سنڌي نوجوانن لاءِ تعليمي ميدان ۾ دروازا کولي ڇڏيا ۽ کين روزگار ڏياريو. سندس علائقي جا ڪيترائي نوجوان اهم عهدن تي فائز آهن، جيڪو سندس محنت جو ئي نتيجو آهي.   ڊويزن جنرل ضياء جي لاڏاڻي بعد بينظير ڀٽو صاحبہ وزيراعظم بڻي تہ پاڪستان جي بيورو ڪريسي جي تاريخ ۾ پهريون دفعو هڪ سنڌي آفيسر ڪيپٽن عثمان علي عيساڻي کي سيڪريٽري ايسٽيبلشمنٽ ڊويزن مقرر ڪيو ٖ عٽمان علي عيساڻي صاحب هن وقت 90 سالن جي عمر ۾ زنده حيات اسلام آباد ۾ رهي ٿو

Friday, June 6, 2025

سنڌ م کجين جي مختلف قسمن جا نالا

 سنڌ م کجين جي مختلف قسمن جا نالا خاص ڪري 

💗🌴خيرپور ميرس جي مشهور سوغات کارڪون 🌴💗




خيرپور ميرس ۾ کجي جي فصل جي پيداوار کارڪن جون مختلف  جنسون آهن،


  کارڪن جي جنسن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا


1 اصيل 2 اصلي ڪڙھ، 3 اوطاقڻ، 4 اڇي مٺڙي، 5 ولائتڻ، 6 تار واري،7 ڀيڏر، 8 سپاري، 9 کر واري، 10 پٿري، 11 يونيورسٽي واري ڳاڙهي، 12 رنگل شاھ جي ڳاڙهي، 13 ڏيوڍي، 14 ڪربلائڻ، 15 رڪڻ، 16 ساوڙو، 17 ڳوڙهو، 18 عيدن شاھ، 19 لوڻ واري، 20 مديني واري، 21 بيگن، 22 ڊاک واري، 23 سائو کسي، 24 پير شاھ وريل واري، 25 ڪلھوڙي واري، 26 کر کارڪ واري، 27 سرمائڻ واري، 28ريوڙي،29 ولائتڻ ڪاري،30 کرمون، 31 گھوڙي واري، 32 ڏونگھي واري،33 ڪشمش، 34 نوري، 35 ڇپر واري، 36 کنڀاٽڙي، 37 ناريل، 38 اشرفي، 39 پير واري، 40 بونبڪ، 41 نبات، 42 ڪربلائڻ کرمي واري، 43 ھلوائڻ، 44 محمد بخش واري، 45 ماڇڻ، 46 گجر واري،47 فصلي، 48 پنج ميل، 49 ميکاني واري، 50 بصرو،51 ولائتڻ نالي واري، 52 ڦاپل واري،53 ولائتڻ ناسي رنگ واري، 54 الائڻ ڦڪي،55 لھر واري، 56 کوھ واري1، 57 کوھ واري2، 58 نقل ھوا واري، 59 ھوا واري اصل، 60 اڇو ساوڙو، 61 سگسته، 62 پستو، 63 چوپ، 64 اڇو بگڙو، 65 ننڍي چپر، 66 ننڍي بيگن، 67 زيتون، 68 جنڊاڻ واري، 69 نقل کر، 70 ڳاڙهي پير واري، 71 گلابڻ، 72 کير پيئڻ، 73 ناڙي واري، 74 گلابي، 75 ڪلمي شريف واري، 76 ٺوٺر، 77 پتاشو، 78 علي مردان واري، 79 نور محمد واري، 80 فتح علي واري، 81 بگ واري، 82 کنڀڙي،83 نقل ڪربلائڻ، 84 نقلي ڪڙھ، 85 ولائتڻ عيدگاھ واري، 86 کنڊ واري، 87 ولائتڻ وڻ واري، 88 صالح ڳوٺي، 89 احمد واري، 90 شاھ واري، 91 علي واري1، 92 علي واري2، 93 فيض واري، 94 نقل بصرو، 95 نقل ڏيوڍي، 96 آمروز، 97 نقل ساوڙو، 98 مبارڪ واري، 99 گل واري، 100 علم واري، 101 گندڙو، 102 ڀڳڙو، 103 الماس، 104 قاسماڻي، 105 ڊڪي واري، 106 ولائتڻ عبدالغني واري، 107 شاھن ميمڻ واري، 108 ڪاشو واري، 109 ڳڙ واري، 110 نقل ڦاپل، 111 مصري واري، 112 نقل ٺوٺر، 113 بادشاھڻ، 114 برفي، 115 دودي واري، 116 ڍنڍي واري، 117 جھنگي فصلڻ، 118 رسولي واري، 119 انگري، 120 ڄمون، 121 قسمت واري، 122 اصلي بيگن، 123 لڏون، 124 نختي، 125 لال واري، 126 سدا گلاب، 127 بنانا، 128 مٺي واري، 129 شڪري، 130 ڪول واري، 131 کيکڙو، 132 بادامڻ، 

Ayaz Ph Phulpoto