پيار پوکيون14-2-2012




پيار پوکيون14-2-2012
===========
صدين جي منافقت
ڪارو سج
بي نام لاش....
….ويساھ گھاتيون
سماج سارو
خاموش قبرن جو ڏيک
ڪا چڻنگ ٻاريون
ضعيف اکين ۾
اميدن جا
خواب جاڳايون
اَچُ سرخ چپن جا
پياسي عاشق
محبت جي
عالمي ڏڻ تي
پيار پوکيون
ڳاڙھو انقلاب آڻيون-




شاعري ذوالفقاربھڻ



اڄُ صُبحَ جي پھرين ڪرڻي



اڄُ صُبحَ جي
پھرين ڪرڻي
چونڊڙي پائي
ننڊ مان اٿاريو
ھوا جي جھوٽي
ڪن ۾ سَرِگوشي ڪئي
پيار ڀريو سلام
موبائيل اسڪرين تي
تنھنجو پيغام -
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ
 — 




سردُ موسم
سردُ احساس
روح روڙھيل
نيڻ ڀنل
خواب پنھنجا
ڪوريھڙي گھيريل
وشال آڪاش
وسيع ڌرتي
ھيڏا ستارا
نصيب پنھنجا
پو به اڃارا
ستمگرن جي
ديس ۾
ڏاڊو ڏکيو آ
‘نڪي ‘
خدائن کي چوڻ
ڏاڊو ڏکيو آ
اکين ۾ آرا
سمنڊ ويرن جيان
سڄڻ اوتارا
چئو سڄڻ کي
سيئن ُ سُڪايو
ڇوٿا سِڪايو
آسمان ڌرتيءَ
ميلاپ ڪيو آ
فطرت جا ھي
عجيب نظارا
نصيب پنھنجا
پو به اڃارا
1

تنھنجي وستيءَ ۾ او صاحب


تنھنجي وستيءَ ۾
او صاحب!!!
سياري جي
بارش ۾ ڏڪندي
سيءَ مئو آ
ڪو ڪالھ رات...
پر تو آ
محل ۾
کلندي، نچندي
بوتل ،جسم سان
گذاري رات
 — 



آزاد نظم
سالن کان پوءِ آيو آھين
ڪو ووٽ وٺڻ آيو آھين
اجرڪ ٽوپي اوڙھيل سائين
توکي ھٿ ٻڌان ٿو سائين
چو ٿو منھنجا سور جاڳائين
منھنجو ماس ٿو
صدين کان کائين
پوءِ به وري مڪاري ساڻ
ڪو ووٽ وٺڻ آيو ھين

ھي گھنج پيل
چھرا ڏس
ھي انگ اگھاڙا
ٻارڙا ڏس
آسنڌ سموري ڪيمپ
جو عڪس
توئي منھنجي سھڻي چمن کي
منھنجي مٺڙي سنڌ وطن کي
عالمي يتيمخانو بڻايو ھو
مون کي رت رئاريو تو
اڄ ايڏو مان به اياڻو ناھيان
توکي توکان وڌ سڃاڻان
چو ٿو ٺوھ ٺڳين جا ٺاھين
ڪو ووٽ وٺڻ آيو آھين

ھي سنڌ جو مستقبل
ھي ھوشو ھي ٻاگھل
علم قلم سان
ھنر عمل سان
پنھنجي ھمٿ سان
پنھنجي ماءُ جي
ٿڃ ملھائيندو
سنڌ بچائيندو
تون پنھنجو ڏي احوال
ڪيئن آيو آھين؟
ڪو ووٽ وٺڻ آيو آھين

شاعري ؛ذوالفقاربھڻ