سردُ موسم
سردُ احساس
روح روڙھيل
نيڻ ڀنل
خواب پنھنجا
ڪوريھڙي گھيريل
وشال آڪاش
وسيع ڌرتي
ھيڏا ستارا
نصيب پنھنجا
پو به اڃارا
ستمگرن جي
ديس ۾
ڏاڊو ڏکيو آ
‘نڪي ‘
خدائن کي چوڻ
ڏاڊو ڏکيو آ
اکين ۾ آرا
سمنڊ ويرن جيان
سڄڻ اوتارا
چئو سڄڻ کي
سيئن ُ سُڪايو
ڇوٿا سِڪايو
آسمان ڌرتيءَ
ميلاپ ڪيو آ
فطرت جا ھي
عجيب نظارا
نصيب پنھنجا
پو به اڃارا
1

Comments

Popular posts from this blog

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

About Zulifiqar Behan

دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —