Zulfiqae behan Poetry



تون چوين ٿو
سنڌو ماتا کي ڪپي
حصا ڪيون
ڪنڌ ڌڙ ٽنگون ٻانھون
جدا جدا ڪيون
رت سان غسل ڪيون
ڪو ڀڀڙ ڀڙڪايون.........
اڻ ڄاڻ
پيٽ باھ پٺيان ڊڪندڙ
ڌرتي ڌڻي کي
…….ڊڪايون
تون سمجھين ٿو
ھي نسل در نسل
ڪين مٽبا
قڇڙوڇڙ رھندا
….تون
نفرت جو ٻج پوکي
محبت لڻندين؟
سچ تاريخ ۾ ڦٽڪاريو ويندين
سنڌ قائم رھندي
جيسين دنيا رھندي
تون ملامتن سان دفنايو ويندين
تون ملامتن سان دفنايو ويندين

Comments

Popular posts from this blog

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

About Zulifiqar Behan

دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —