Saturday, August 6, 2011

Zulfiqae behan Poetry



تون چوين ٿو
سنڌو ماتا کي ڪپي
حصا ڪيون
ڪنڌ ڌڙ ٽنگون ٻانھون
جدا جدا ڪيون
رت سان غسل ڪيون
ڪو ڀڀڙ ڀڙڪايون.........
اڻ ڄاڻ
پيٽ باھ پٺيان ڊڪندڙ
ڌرتي ڌڻي کي
…….ڊڪايون
تون سمجھين ٿو
ھي نسل در نسل
ڪين مٽبا
قڇڙوڇڙ رھندا
….تون
نفرت جو ٻج پوکي
محبت لڻندين؟
سچ تاريخ ۾ ڦٽڪاريو ويندين
سنڌ قائم رھندي
جيسين دنيا رھندي
تون ملامتن سان دفنايو ويندين
تون ملامتن سان دفنايو ويندين

No comments:

Let's Speak Sindhi language This 30-day easy course is designed for learners worldwide who wish to speak Sindhi with confidence

 Let's Speak Sindhi language This 30-day easy course is designed for learners worldwide who wish to speak Sindhi with confidence. Whethe...