Imdad Hussaini

 حال امداد جو پڇو ڇا ٿا

اڄ مڙئي سور ڪجهه سوايو آ...

27August 2022

ڏک ۽ افسوس واري خبر آهي تہ ناميارو  شاعر امداد حسيني اڄ صبح اٺين وڳي اسان کان وڇڙي ويو آهي....


انا للہ و انا الیہ راجعون


////

سنڌ جي صف اول جي شاعر امداد حسينيءَ جو اصل نالو سيد امداد علي شاھ ولد سيد فضل محمد شاھ آهي. پاڻ 10 مارچ 1940ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي  مڪتب ۾ ورتائين. ميٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ انٽرميڊيٽ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان ڪري، بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (سنڌي)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. شاگرديءَ واري عرصي ۾ سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ سنڌي لوڪ ادب رٿا ۾ نوڪري پارٽ ٽائيم ڪيائين، پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرين مقرر ٿيو. 1970ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو مقرر ڪيو ويو. 1973ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ سنڌي مقرر ٿيو. اتي نوڪريءَ دوران 1977ع کان 1979ع تائين ٽہ ماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ طور خدمتون سرانجام ڏنائين. حيدرآباد جهڙي ثقافتي مرڪز ۾ پليو نپنو ۽ گذريل ٽيهن سالن کان علم جي مرڪز ڄام شوري ۾ رهائش پذير هو. امداد حسينيءَ جي خاندان ۾ وڏا عالم، اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. سندس ڏاڏو علامہ اسدالله شاھ ”فدا“ پنهنجي دور جو جيد عالم ۽ سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ جو شاعر ٿي گذريو آهي. امداد جي شاعريءَ جو هڪ مختصر مجموعو، ”امداد آهي رول“ 1976ع ۾ سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد پاران ڇپيو. سندس طويل نظم ”شهر“ 1988ع ۾ لکيل ’شهر آشوب‘ مارچ 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو ”هوا جي سامهون“ روشني پبليڪيشن ڪنڊياري پاران 2000ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سندس شاعريءَ جو نئون مجموعو ”ڪرڻي جهڙو پل“. ٽکڙ پبليڪيشن پاران ڇپايل ڪتاب ”مئل ماڻهو، جيئري پيڙا“ هن سحر امداد سان گڏجي مرتب ڪيو آهي. ان کان علاوه مشهور سنڌي وير گاٿا ”دودي چنيسر“ جو اردوءَ ۾ ترجمو بہ سندس جو ڪيل آهي، جيڪو لوڪ ورثي اسلام آباد جو ڇپايل آهي. مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جو اردو ترجمو بہ سندس ڪيل آهي، جيڪو اڪادمي ادبيات اسلام آباد ڇپايو. احمد خان آصف جي ٻاراڻن ٻولن تي مشتمل ڇهن جلدن ۾ ڇپيل اهم تصنيف سنڌيڪا پاران امداد حسينيءَ ايڊٽ ڪئي آهي. اردو اڪيڊميءَ لاءِ ٻارن جي اردو نظمن جا چار ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل اٿس. امداد حسيني، بابا فريد ۽ ماڌو لال حسين جي پنجابي شاعريءَ کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. 

امداد حسيني بزم طالب الموليٰ حيدرآباد شاخ ۽ سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحاليءَ واري تحريڪ، سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ووٽر لسٽن جي ڇپائڻ واري تحريڪ ۽ ون يونٽ مخالف تحريڪ ۾ امداد حسينيءَ عملي طور ڀرپور بهرو ورتو. امداد حسينيءَ ”سانول“ جي نالي سان ڪهاڻيون بہ لکيون، ريڊيو لاءِ ناٽڪ، ڪهاڻيون ۽ گيت لکيائين. ريڊيو جي مقبول پروگرام ”جهڙا گل گلاب جا“ جا اڪثر اسڪرپٽ بہ امداد حسينيءَ جا لکيل آهن. امداد حسينيءَ ٽيليويزن لاءِ گيت ۽ ناٽڪ پڻ لکيا آهن. هن فلمن لاءِ گيت لکيا آهن، جن ۾ ڌرتي لال ڪنوار، سڄڻ سائين، حاضر سائين، جانيئڙا شامل آهن. 2000ع ۾ امداد حسينيءَ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مان رٽائرمينٽ ورتي. ان کان پوءِ بہ ڪانٽريڪٽ تي، ڪجھ عرصو اتي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. 2004ع کان 2006ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جي ٽن رسالن ٽماهي ”مهراڻ“، ماهوار ”سرتيون“ ۽ ”گل ڦل“ جي چيف ايڊيٽر جون ذميواريون نڀايائين، ان کان پوءِ ڪجھ عرصو اُتي چيف پبلڪيشن آفيسر پڻ رهيو، امداد حسيني سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. هن پنهنجي ادبي خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا آهن، جن ۾ ”طلوع پرائيز“، ”طالب الموليٰ اوارڊ“ ۽ ”نارائڻ شيام اوارڊ“، ”تمغه امتياز“2003ع ۽ ”جوش مليح آبادي اوارڊ“2007ع اهم آهن. امداد حسيني بنيادي طور هڪ شاعر آهي، پر تخليق سان گڏ، مختلف موضوعن تي بہ هن جو اهم ڪم موجود آهي. جهڙوڪ ٻولي، تنقيد، ٻارن جو ادب ۽ لطيفيات. امداد حسيني سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا“ ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ”انسائيڪلوپيڊيا شاھ عبداللطيف ڀٽائي“ جهڙين اهم رٿائن جي ايڊيٽرن واري سٿ ۾ شامل رهيو آهي .

Comments

Popular posts from this blog

شاعري جون صنفون

شيخ اياز shaikh ayaz

Sindhi Fonts Free download سنڌي فونٽ