آزاد نظم 22-8-2011
تيل،رت، ست
دولت،مملڪت
وحشت،دھشت، بربريت
او انسانيت جي رت جا پياسي
مونکي امن گھرجي،
سک گھرجي
سلامتي گھرجي
سنسار سڄو
شانتي گھرجي
پنھنجا نظام
پاڻ وٽ رک
مونکي انسانيت جو
نظام گھرجي
مونکي امن گھرجي

او ڪلاچيءَ جا ويري
منھنجي بابا
منھنجي ڀاءُ
منھنجي پٽ
منھنجي ور
منھنجي اميدن
منھنجي خوشين
جو ناحق خون ڪيو تو
آمونکي رت رئاريو تو
او انسانيت جي رت جا پياسي
مونکي امن گھرجي
سک گھرجي
سلامتي گھرجي
سنسار سمورو
شانتي گھرجي

Comments

Popular posts from this blog

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

About Zulifiqar Behan

دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —