حال امداد جو پڇو ڇا ٿا اڄ مڙئي سور ڪجهه سوايو آ... 27August 2022 ڏک ۽ افسوس واري خبر آهي تہ ناميارو شاعر امداد حسيني اڄ صبح اٺين وڳي اسان کان وڇڙي ويو آهي.... انا للہ و انا الیہ راجعون //// سنڌ جي صف اول جي شاعر امداد حسينيءَ جو اصل نالو سيد امداد علي شاھ ولد سيد فضل محمد شاھ آهي. پاڻ 10 مارچ 1940ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي مڪتب ۾ ورتائين. ميٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ انٽرميڊيٽ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان ڪري، بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (سنڌي)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. شاگرديءَ واري عرصي ۾ سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ سنڌي لوڪ ادب رٿا ۾ نوڪري پارٽ ٽائيم ڪيائين، پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرين مقرر ٿيو. 1970ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو مقرر ڪيو ويو. 1973ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ سنڌي مقرر ٿيو. اتي نوڪريءَ دوران 1977ع کان 1979ع تائين ٽہ ماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ طور خدمتون سرانجام ڏنائين. حيدرآباد جهڙي ثقافتي مرڪز ۾ پليو نپنو ۽ گذريل ٽيهن سالن کان علم جي مرڪز ڄام شوري ۾ رهائش پذير هو. امداد حسينيءَ جي خاندان