نيــــــرو آڪاش پريشان پريشان
دَردَ ڌرتيءَ کي ڪو ٻڌائي، ھاءِ ھاءِ
ياد تنھنجي ٿــي ستائي، ھاءِ ھاءِ

ڇو لڇي ٿو،رڙي ٿو ھي سمنڊ
ھَٿُ ڪناري سان ڪيئن ملائي، ھاءِ ھاءِ
ياد تنھنجي ٿــي ستائي، ھاءِ ھاءِ

ڇو ڪري رقص ٿو شراب،بي حساب
ساقي جي نيڻ وچائي،ھاءِ ھاءِ
ياد تنھنجي ٿــي ستائي، ھاءِ ھاءِ

عشق آ، يار صليبُ مسيحا ، ڪائي
ريت ڪو ڪو ٿو نڀائي،ھاءِ ھاءِ
ياد تنھنجي ٿــي ستائي، ھاءِ ھاءِ

درد صحرا جيان طويل آ ‘ذوالفقار‘
پياس پو ڇونه ستائي ھاءِ ھاءِ
ياد تنھنجي ٿــي ستائي، ھاءِ ھاءِ

Comments

Popular posts from this blog

شاعري جون صنفون

شيخ اياز shaikh ayaz

Sindhi Fonts Free download سنڌي فونٽ