نيــــــرو آڪاش پريشان پريشان
دَردَ ڌرتيءَ کي ڪو ٻڌائي، ھاءِ ھاءِ
ياد تنھنجي ٿــي ستائي، ھاءِ ھاءِ

ڇو لڇي ٿو،رڙي ٿو ھي سمنڊ
ھَٿُ ڪناري سان ڪيئن ملائي، ھاءِ ھاءِ
ياد تنھنجي ٿــي ستائي، ھاءِ ھاءِ

ڇو ڪري رقص ٿو شراب،بي حساب
ساقي جي نيڻ وچائي،ھاءِ ھاءِ
ياد تنھنجي ٿــي ستائي، ھاءِ ھاءِ

عشق آ، يار صليبُ مسيحا ، ڪائي
ريت ڪو ڪو ٿو نڀائي،ھاءِ ھاءِ
ياد تنھنجي ٿــي ستائي، ھاءِ ھاءِ

درد صحرا جيان طويل آ ‘ذوالفقار‘
پياس پو ڇونه ستائي ھاءِ ھاءِ
ياد تنھنجي ٿــي ستائي، ھاءِ ھاءِ

Comments

Popular posts from this blog

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

About Zulifiqar Behan

دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —