سال جي آخري لکڻي..........#ذوالفقار_بھڻ
سال جي آخري لکڻي.......... #ذوالفقار_بھڻ آخرڪار ان نتيجي تي پھتس تہ مونکي لکڻ گھرجي.لکڻ زندگي آھي زندھ ماڻھو ئي لکندا آھن.نظم ھجي يا نثر پر لکڻ گھرجي.ھا لکڻ بامقصد ھوندو آھي بي مقصد بہ ھوندو آھي..ھر ليکڪ اديب نہ ھوندو آھي ۽ ھر اديب ليکڪ نہ ھوندو آھي.زرد ۽ لفافي صحافت کان ويندي درباري ۽ اخباري قوي ڪلا جي عرش تي عرش تان زميني تماشا ڏسندڙ تخليڪقار فن جو مداح ۽فنڪار پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪم ڪري رھيا آھن. منھنجون بي ترتيب لکڻيون ضروري ناھي تہ اوھان پڙھو ۽ اھو بہ ڪو ضروري ناھي تہ منھنجي لکڻي اوھان کي وڻي ۽ ائين بہ ناھي تہ جيڪر اوھان مونکي نہ پڙھيو تہ ڪو اوھان ھڪ سٺي لکڻي کي پڙھڻ کان محروم رھجي ويندا.فن ۽ فڪر جي اُڏام ضروري ناھي تہ ھرڪوئي سمجھي سگھي. ضروري ناھي جو ھر ليکڪ شيڪسپيئر،ٽالسٽائي،خليل جبران،ڪارل مارڪس،نٽشي گورکي .نام چومسڪي ۽ ارونڌتي راءِ ھجي.اھو بہ ضروروي ناھي ھر دور ۾ڪانٽ،جون لوڪي۽ سرتري ھجي.اھو بہ ضروروي ناھي تہ ھر دور ۾ ماسلو، لووين،فرئڊ ۽ اقبال جھڙو فلاسافر پيدا ٿئي.. ھا اھو بہ ضروري ناھي تہ ھر شاعر ۾ ڪيٽ ،رومي ۽ لطيف سرڪار ھجي. پر ھڪ ڳالھ ضرور چوندس تہ جيڪر لکڻ جو ڏانءُ اچ