مورو منھنجي من ۾ _مورو منھنجي روح ۾ #ذوالفقار_بھڻ
مورو منھنجي من ۾ _مورو منھنجي روح ۾ #ذوالفقار_بھڻ موري جو نالو ٻڌندي يا مورو طرف ايندي دل تيز ڏڙڪڻ لڳندي آھي. جنم ڀومي جي ڇڪ، سٽ ئي ڪجھ اھڙي ٿيندي آھي. مورو سنڌ جي وچ سينڌ ۾ آھي. ان ڪري سنڌ جي نقشي تي سھڻو بہ لڳندو آھي.سھڻو انڪري بہ لڳندو آھي جوموري جي ماڻھن زندگي جي سمورن ونھوارن ۾ پاڻ مڃايو آھي. ۽ اڄ بہ سموري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ۽ تقريبن ھر شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن. سنڌوءَ جوڀن دادو مورو پل خيالن جي لار ۾ گيت منھنجا تو وٽ ايندا ھوا جي اڏار ۾ گيت منھنجا تو وٽ ايندا ذوالفقاربھڻ موري جو ماضي ھڪ شاھڪار فخر واري تاريخ رکي ٿو. جنھن ۾ مذہبي ، سياسي ، سماجي ۽ ادبي خدمتو سرفھرست آھن. موري جي شھيدن، اديبن ،تاجرن ، سرمائيڪارن ،سياستدانن قانوندانن ۽ تعليمدانن وطن کي سنوارڻ ۾ پنھنجو ڀرپور حصو ملايو آھي.جڏھن تہ موري جي مزدورن ، ھارين ۽ ڪاريگرن ڪلاڪارن ۽ فنڪارن پنھنجو پاڻ مڃايو آھي. جت لڪ لڳي جت اڪ تپن، سو ديس مسافر منهنجوڙي، جت سج ڦلا ٿي نڪري ٿو، ۽ آگ الا ٿي نڪر ي ٿو، جت ڏينهن ڪڙهائي جئين ڪڙهن، سو ديس مسافر منهنجوڙي، اياز ڪالھ 02_1_ 2021 مورو مئٽرڪ 88 پرائمري گروپ جي سڄاڻ س