نظم منھنجون سوچون

منھنجون سوچون
ڀٽڪنديون رھنديون آھن
سمھنديون ناھن
ڪڏھن تو وٽ 
ڪڏھن ويرانن ۾
رلنديون رھنديون آھن
منھنجون سوڇون
ڪڏھن عرش
ڪڏھن فرش
ڪڏھن مڪان
ڪڏھن لامڪان
منھنجون سوچون
ڀٽڪنديون رھنديون آھن

بس ان وقت  وجود منھنجو
ساڪن ٿي ويندو آ
جڏھن منھنجي روح کي
تون ڀاڪر پائي 
سمھي رھندو آھين
منھنجون سوڇون

سوال اٿارينديون آھن
جواب ڳولينديون آھن
انائن جي سماج ۾
ڪروڌي ڪڙم ۾
ھي به سچ آ
منھنجو ظاھر نردوش آ
منھنجو باطن
جيڪو مونکي نظر نه ايندو آ 
مونتي حڪم ھلائيندو آ
مونکي استعمال ڪندو آ
ھا- سزا وار اھو آ
منھنجو باطن
ھُو، ظالم آ
مظلوم به آ
دوشي آ
نردوش به آ
ادني آ
اعلي به آ
جاھل آ
عالم به آ
حقير آ
اتم به آ
رئندو آ
کلندو به آ
مڪار آ
محبتي به آ
پر بي چين آ
سچ جي تلاش ۾
اڻ ڏٺي مڪان ڏانھن
 منھنجو سوچون
مونسان پيار ڪنديو آھن
مونسان جنگ ڪنديون آھن
وري وري ڏوڪو کائڻ تي
ڄاڻيندي، اڻ ڄڻائي تي

منھنجون سوچون
پيسيمسٽ
آپٽيمسٽ
 نگيٽو
پازيٽو
ترقي پسند
تنگ نظر
مونکي ھمٿائينديون آھن
مونکي ڊيڄارينيون آھن
سچ لکندس
 دوست ناراض ٿي ويندا
تنھا ٿي ويندس
وري دليل ڏينديون آھن
خدا به ته اڪيلو آ
مصلحتون،ماڻھپو
قائدا ،قانون
مذھبي ،سماجي
ٻنڌڻ
..................منھنجي آزادي
منھنجون سوچون
ڦيرائي جُز کان
ڪُل طرف
آڻينديون آھن
منھنجون سوچون
ڀٽڪنديون رھنديون آھن
سمھنديون ناھن


Comments

Popular posts from this blog

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

About Zulifiqar Behan

دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —