تون رات ھجين مان ڏينھن ھجان تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان





https://static.xx.fbcdn.net/rsrc.php/v3/yB/r/-pz5JhcNQ9P.png




تون رات ھجين مان ڏينھن ھجان
تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان




 




تون سياري جو سيءُھجين
مان تپش ھجان نينھن جيان،




تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان




 




تون صحرا جي  پياس ھجين
مان اڻ  مندائتو مينھن ھجان،




تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان




 




تون پيار ندي مون ڏي رڙندي اچين
مان سمنڊ جي پير بڻجي توسان ملان




تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان




 




مان مان نه ھجان، بس تون ھجين
ھا وحدت جي تصويرھجان




تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان




 




تون عشق ھجين مون لاءِ رئندو ھجين




مان ذوالفقارھجان تولاءِ رئان




تون مونکي ڳولين مان توکي ڳوليان




شاعري ذوالفقاربھڻ





Comments

Zeeshan Ali said…
واھ تمام بھترين مزو اچي ويو پھڻ سان ⁦♥️⁩👌👌

Popular posts from this blog

ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers

About Zulifiqar Behan

دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —دوست منھنجو سرمايو دوستي منھنجو ويساھ صبح جي مٺڙي ھوا منھنجي پيارن ڱي پھچاءِ منھجي دعــــــــــــــــــا شاعري. ذوالفقار بھڻ —