Posts

ھر ڏينھن عيد سعيد ٿي ويندو پر من اندرجو جانور ذبح ڪرـ

Image
 عيد جون  مبارڪون ھر ڏينھن عيد سعيد ٿي ويندو پر من اندرجو جانور ذبح ڪرـ #EidMubarakToAll  Every day will become the day of Eid. Just slaughter your inner animal. #zulfiqarbehan   عيد جون  مبارڪون ھر ڏينھن عيد سعيد ٿي ويندو پر من اندرجو جانور ذبح ڪرـ #EidMubarakToAll Every day will become the day of Eid. Just slaughter your inner animal. #zulfiqarbehan, 

ڇو ٿي ڄڻيئي اھڙي ڌيئر امان... زينت صديقيء جو آواز

Image

شاعري جون صنفون

 شعري اصطلاح ۽ شاعري جون صنفون سهيڙ: سر عبدالحئي سومرو سنڌي شعري اصطلاح ۽ شاعري جون صنفون تعارف شاعريءَ کي پنهنجو هڪ خاص علم ٿيندو آهي، جيڪو هر ملڪ ۽ ٻوليءَ جي مزاج مطابق ترتيب ڏنل هوندو آهي. اسان جي سنڌي شاعرن وٽ شاعري جي وزن جا عام طور تي ٻه سرشتا رائج آهن. هڪ آهي عربي فارسي ” علم عروض“ ۽ ٻيو آهي هندي ” ڇندو ديا“ ۽ موسيقيءَ جو وزن. هر ٻوليءَ جي لفظي ۽ صوتي جوڙ جڪ جون تقاضائون ئي شاعر کي مجبور ڪنديون آهن ته هو شعر جو ڪهڙو علم ۽ قاعدو پنهنجي شاعريءَ لاءِ استعمال ڪري. اسان سنڌي شاعريءَ جو مطالعو ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته اها هندي ڇند توڙي فارسي علم عروض، ٻنهي تي رچي وئي آهي ۽ اڄ به رچي وڃي ٿي. اسان هتي شعري اصطلاحن ۽ شاعري جي ڪجھه صنفن جو ذڪر ڪنداسين.   عروض هيءُ هڪ اهڙي قسم جو علم آهي جنهن کي سمجھڻ سان موزون شاعري ڪري سگھجي ٿي. ڇاڪاڻ ته هن علم کي سمجھڻ سان بحر ۽ وزن جي خبر پوي ٿي. عروض معنى “بلندي” . شاعريءَ جي هن نموني جي ابتدا عرب جي سر زمين کان شروع ٿي. هن جو موجد مڪي شريف جو خليل ابن احمد هو. جنهن شاعري لاءِ ڪجهه اصول ۽ قانون ٺاهيا. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته عرب پنهنجي خيمي کي جيڪا و

سال جي آخري لکڻي..........#ذوالفقار_بھڻ

Image
  سال جي آخري لکڻي.......... #ذوالفقار_بھڻ آخرڪار ان نتيجي تي پھتس تہ مونکي لکڻ گھرجي.لکڻ زندگي آھي زندھ ماڻھو ئي لکندا آھن.نظم ھجي يا نثر پر لکڻ گھرجي.ھا لکڻ بامقصد ھوندو آھي بي مقصد بہ ھوندو آھي..ھر ليکڪ اديب نہ ھوندو آھي ۽ ھر اديب ليکڪ نہ ھوندو آھي.زرد ۽ لفافي صحافت کان ويندي درباري ۽ اخباري قوي ڪلا جي عرش تي عرش تان زميني تماشا ڏسندڙ تخليڪقار فن جو مداح ۽فنڪار پنھنجي پنھنجي حصي جو ڪم ڪري رھيا آھن. منھنجون بي ترتيب لکڻيون ضروري ناھي تہ اوھان پڙھو ۽ اھو بہ ڪو ضروري ناھي تہ منھنجي لکڻي اوھان کي وڻي ۽ ائين بہ ناھي تہ جيڪر اوھان مونکي نہ پڙھيو تہ ڪو اوھان ھڪ سٺي لکڻي کي پڙھڻ کان محروم رھجي ويندا.فن ۽ فڪر جي اُڏام ضروري ناھي تہ ھرڪوئي سمجھي سگھي. ضروري ناھي جو ھر ليکڪ شيڪسپيئر،ٽالسٽائي،خليل جبران،ڪارل مارڪس،نٽشي گورکي .نام چومسڪي ۽ ارونڌتي راءِ ھجي.اھو بہ ضروروي ناھي ھر دور ۾ڪانٽ،جون لوڪي۽ سرتري ھجي.اھو بہ ضروروي ناھي تہ ھر دور ۾ ماسلو، لووين،فرئڊ ۽ اقبال جھڙو فلاسافر پيدا ٿئي.. ھا اھو بہ ضروري ناھي تہ ھر شاعر ۾ ڪيٽ ،رومي ۽ لطيف سرڪار ھجي. پر ھڪ ڳالھ ضرور چوندس تہ جيڪر لکڻ جو ڏانءُ اچ

مورو منھنجي من ۾ _مورو منھنجي روح ۾ #ذوالفقار_بھڻ

Image
  مورو منھنجي من ۾ _مورو منھنجي روح ۾ #ذوالفقار_بھڻ موري جو نالو ٻڌندي يا مورو طرف ايندي دل تيز ڏڙڪڻ لڳندي آھي. جنم ڀومي جي ڇڪ، سٽ ئي ڪجھ اھڙي ٿيندي آھي. مورو سنڌ جي وچ سينڌ ۾ آھي. ان ڪري سنڌ جي نقشي تي سھڻو بہ لڳندو آھي.سھڻو انڪري بہ لڳندو آھي جوموري جي ماڻھن زندگي جي سمورن ونھوارن ۾ پاڻ مڃايو آھي. ۽ اڄ بہ سموري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ۽ تقريبن ھر شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن. سنڌوءَ جوڀن دادو مورو پل خيالن جي لار ۾ گيت منھنجا تو وٽ ايندا ھوا جي اڏار ۾ گيت منھنجا تو وٽ ايندا‌ ذوالفقاربھڻ موري جو ماضي ھڪ شاھڪار فخر واري تاريخ رکي ٿو. جنھن ۾ مذہبي ، سياسي ، سماجي ۽ ادبي خدمتو سرفھرست آھن. موري جي شھيدن، اديبن ،تاجرن ، سرمائيڪارن ،سياستدانن قانوندانن ۽ تعليمدانن وطن کي سنوارڻ ۾ پنھنجو ڀرپور حصو ملايو آھي.جڏھن تہ موري جي مزدورن ، ھارين ۽ ڪاريگرن ڪلاڪارن ۽ فنڪارن پنھنجو پاڻ مڃايو آھي. جت لڪ لڳي جت اڪ تپن، سو ديس مسافر منهنجوڙي، جت سج ڦلا ٿي نڪري ٿو، ۽ آگ الا ٿي نڪر ي ٿو، جت ڏينهن ڪڙهائي جئين ڪڙهن، سو ديس مسافر منهنجوڙي، اياز ڪالھ 02_1_ 2021 مورو مئٽرڪ 88 پرائمري گروپ جي سڄاڻ س

شيخ اياز shaikh ayaz

Image
  شيخ اياز اڄ ۽ سڀاڻي جو شاعر ڊاڪٽر فهميده حسين ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته شيخ اياز جديد سنڌ جو قومي شاعر آهي جنهن کي اسين اڄ ۽ سڀاڻي جو شاعر چئي سگهون ٿا، ڪيئي سال اڳ پاڻ تي ٿيندڙ سخت تنقيدن جي جواب ۾ هن چيو هو. تون جي مون کي ڪو نه مڃيندين مون کي ڪا پرواهه نه آهي آءٌ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي مون تي ميڙو مچڻو آهي. تازو حيدرآباد ۾ ڪيفي خانه بدوش پاران ٿيل ”اياز ميلي“ سندس چيو سچ ڪري ڏيکاريو ۽ اڄ سنڌ ۾ سندس اهڙي مڃتا ٿي آهي جهڙي شايد اڳ ۾ ڪڏهن به ڪا نه ٿي، زنده قومن جي اها نشاني هوندي آهي ته اهي پنهنجن قومي هيرن کي اهڙي مڃتا ڏين ۽ ڏيارين جيڪا اهي لهڻن ٿا، شيخ اياز سنڌ جو آواز بڻجڻ وارو اهو شاعر آهي جنهن پنهنجي وطن جي سونهري مستقبل ۽ سماجي انصاف واري آدرش جا سپنا پنهنجي اکين ۾ سجائي انهن جي ساڀيان لاءِ انقلاب جا گيت ڳايا، هن پنهنجي سماجي، سياسي ۽ قومي فڪر کي نوجوان نسل ۾ عام ڪرڻ لاءِ قوميت ۽ قوم دوستيءَ جي رومانس کي سنڌي شاعريءَ جو حصو بنايو، جيئن لاکيڻي لطيف مارئيءَ جي ڪردار کي مارن ۽ ملير سان محبت جو استعارو بنايو هو، تيئن اياز پنهنجي شاعريءَ کي سنڌ ۽ ان جي ماڻهن جي آزاديء