Posts

مورو منھنجي من ۾ _مورو منھنجي روح ۾ #ذوالفقار_بھڻ

Image
  مورو منھنجي من ۾ _مورو منھنجي روح ۾ #ذوالفقار_بھڻ موري جو نالو ٻڌندي يا مورو طرف ايندي دل تيز ڏڙڪڻ لڳندي آھي. جنم ڀومي جي ڇڪ، سٽ ئي ڪجھ اھڙي ٿيندي آھي. مورو سنڌ جي وچ سينڌ ۾ آھي. ان ڪري سنڌ جي نقشي تي سھڻو بہ لڳندو آھي.سھڻو انڪري بہ لڳندو آھي جوموري جي ماڻھن زندگي جي سمورن ونھوارن ۾ پاڻ مڃايو آھي. ۽ اڄ بہ سموري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ۽ تقريبن ھر شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن. سنڌوءَ جوڀن دادو مورو پل خيالن جي لار ۾ گيت منھنجا تو وٽ ايندا ھوا جي اڏار ۾ گيت منھنجا تو وٽ ايندا‌ ذوالفقاربھڻ موري جو ماضي ھڪ شاھڪار فخر واري تاريخ رکي ٿو. جنھن ۾ مذہبي ، سياسي ، سماجي ۽ ادبي خدمتو سرفھرست آھن. موري جي شھيدن، اديبن ،تاجرن ، سرمائيڪارن ،سياستدانن قانوندانن ۽ تعليمدانن وطن کي سنوارڻ ۾ پنھنجو ڀرپور حصو ملايو آھي.جڏھن تہ موري جي مزدورن ، ھارين ۽ ڪاريگرن ڪلاڪارن ۽ فنڪارن پنھنجو پاڻ مڃايو آھي. جت لڪ لڳي جت اڪ تپن، سو ديس مسافر منهنجوڙي، جت سج ڦلا ٿي نڪري ٿو، ۽ آگ الا ٿي نڪر ي ٿو، جت ڏينهن ڪڙهائي جئين ڪڙهن، سو ديس مسافر منهنجوڙي، اياز ڪالھ 02_1_ 2021 مورو مئٽرڪ 88 پرائمري گروپ جي سڄاڻ س

شيخ اياز shaikh ayaz

Image
  شيخ اياز اڄ ۽ سڀاڻي جو شاعر ڊاڪٽر فهميده حسين ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته شيخ اياز جديد سنڌ جو قومي شاعر آهي جنهن کي اسين اڄ ۽ سڀاڻي جو شاعر چئي سگهون ٿا، ڪيئي سال اڳ پاڻ تي ٿيندڙ سخت تنقيدن جي جواب ۾ هن چيو هو. تون جي مون کي ڪو نه مڃيندين مون کي ڪا پرواهه نه آهي آءٌ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي مون تي ميڙو مچڻو آهي. تازو حيدرآباد ۾ ڪيفي خانه بدوش پاران ٿيل ”اياز ميلي“ سندس چيو سچ ڪري ڏيکاريو ۽ اڄ سنڌ ۾ سندس اهڙي مڃتا ٿي آهي جهڙي شايد اڳ ۾ ڪڏهن به ڪا نه ٿي، زنده قومن جي اها نشاني هوندي آهي ته اهي پنهنجن قومي هيرن کي اهڙي مڃتا ڏين ۽ ڏيارين جيڪا اهي لهڻن ٿا، شيخ اياز سنڌ جو آواز بڻجڻ وارو اهو شاعر آهي جنهن پنهنجي وطن جي سونهري مستقبل ۽ سماجي انصاف واري آدرش جا سپنا پنهنجي اکين ۾ سجائي انهن جي ساڀيان لاءِ انقلاب جا گيت ڳايا، هن پنهنجي سماجي، سياسي ۽ قومي فڪر کي نوجوان نسل ۾ عام ڪرڻ لاءِ قوميت ۽ قوم دوستيءَ جي رومانس کي سنڌي شاعريءَ جو حصو بنايو، جيئن لاکيڻي لطيف مارئيءَ جي ڪردار کي مارن ۽ ملير سان محبت جو استعارو بنايو هو، تيئن اياز پنهنجي شاعريءَ کي سنڌ ۽ ان جي ماڻهن جي آزاديء