Posts

دَردَ ئي درد آھن ، ھِنَ شھر ۾ ھَلُ اي دل، ڪنھن ڏور نگر ۾ ظالم حاڪم، ظالــم ماڻھو قھر ئي قھر آھِنِ ھن شھر ۾: Sindhi Poetry

Image
دَردَ ئي درد آھن ، ھِنَ شھر ۾ ھَلُ اي دل، ڪنھن ڏور نگر ۾ ظالم حاڪم، ظالــم ماڻھو قھر ئي قھر آھِنِ ھن شھر ۾ رشتا ناتا، مطلب جا سڀ ڪيڌيون اڪيلايون ھن وڳر۾ ماڻھوءَ ماڻھو ،ماس پيا روڙين سارا ڀريا  پيا آھن ، زھـــر ۾ رات به تنھا چنـــڊ به تنھا وحشتون ڊوڙن پيون  گھر ۾ ذوالفقار وقت جيان گذري ويو پوءِ به رھين ٿي ان جي سحر ۾ شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

’’ڊسمبر جيڪر نه اچي’’ ڊسمبر سنڌ کي سدائين سور ڏنا آھن. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي وچوڙي ڏکويل سنڌ کي ويتر ڏکارو ڪري ڇڏيو آھي. تعزيت قبول ڪندا.ذوالفقاربھڻ

Image
’’ڊسمبر جيڪر نه اچي’’ ڊسمبر سنڌ کي سدائين سور ڏنا آھن. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جي وچوڙي ڏکويل سنڌ کي ويتر ڏکارو ڪري ڇڏيو آھي. تعزيت قبول ڪندا.ذوالفقاربھڻ ۽ جڌھن سائين ھدايت بلوچ  Hidayat Baloch  ’’ويلنٽائن‘‘ ڏينھن تي فون ڪري سوڀو گيانچنداڻي جي عيادت ڪرڻ ساڻ ھلڻ جو چيو اسان سان گڏ محمد سليمان وساڻ Muhammad Suleman Wassan به ھو سندس لفظ ته 14-2-2012 منھنجا سرخا دوست ويلنٽائين مونسان ملھائڻ آيا آھن.پاڻ کي چڱوڀلو محسوس ڪيان ٿو. سوڀو گيانچنداڻي اسان به پنھنجي محبوب سان ويلنٽائين ملھايو ’’رھيا اٿئي رات، صبح ويندئي صابري لونءِ لونءِ منجھ لطيف چئي ڪر تنين جي تات سندي جوڳيان ذات،ٻئي ڀيري ڀاڳئين ملي‘‘  شاھ

sindhi poetry

Image
اندلٺي رنگ تنھنجي چولي تي منھن موڙ نه،اسان کان او سائين اچُ ته مُرڪي ملون، ’ھولي‘ تي شاعري؛ ذوالفقاربھڻ https://www.facebook.com/SindhiPoetryZulfiqarBehan  

نظم منھنجون سوچون

Image
منھنجون سوچون ڀٽڪنديون رھنديون آھن سمھنديون ناھن ڪڏھن تو وٽ  ڪڏھن ويرانن ۾ رلنديون رھنديون آھن منھنجون سوڇون ڪڏھن عرش ڪڏھن فرش ڪڏھن مڪان ڪڏھن لامڪان منھنجون سوچون ڀٽڪنديون رھنديون آھن بس ان وقت  وجود منھنجو ساڪن ٿي ويندو آ جڏھن منھنجي روح کي تون ڀاڪر پائي  سمھي رھندو آھين منھنجون سوڇون سوال اٿارينديون آھن جواب ڳولينديون آھن انائن جي سماج ۾ ڪروڌي ڪڙم ۾ ھي به سچ آ منھنجو ظاھر نردوش آ منھنجو باطن جيڪو مونکي نظر نه ايندو آ  مونتي حڪم ھلائيندو آ مونکي استعمال ڪندو آ ھا- سزا وار اھو آ منھنجو باطن ھُو، ظالم آ مظلوم به آ دوشي آ نردوش به آ ادني آ اعلي به آ جاھل آ عالم به آ حقير آ اتم به آ رئندو آ کلندو به آ مڪار آ محبتي به آ پر بي چين آ سچ جي تلاش ۾ اڻ ڏٺي مڪان ڏانھن  منھنجو سوچون مونسان پيار ڪنديو آھن مونسان جنگ ڪنديون آھن وري وري ڏوڪو کائڻ تي ڄاڻيندي، اڻ ڄڻائي تي منھنجون سوچون پيسيمسٽ آپٽيمسٽ  نگيٽو پازيٽو ترقي پسند تنگ نظر مونکي ھمٿائينديون آھن مونکي ڊيڄارينيون آھ

بس ڇا ڪيان يار...دل روئي ٿي.....

Image
شاعري؛ذوالفقاربھڻ بس ڇا ڪيان يار...دل روئي ٿي..... دل روئي نير وهائي ٿي..... انسان جي انسان هٿان تذليل ڏسي دل روئي ٿي.نير وهائي ٿي مان ته آدم آھيان، مرڻو ناھيان. ازل تائين رھڻو آھيان جڏھن ڪُن فيڪون جو اَمرُ ٿيو ھو مان تڏھن کان آھيان پوءِ به......... ڇا ڪيان.. پنھنجي بي وسي تي روئي ڏيان ٿو... مونکي ورھايو ويو آ، مذھبن ۾،ملڪن ۾، طبقن ۾،جنسن ۾، زبانن ۽ ذاتين ۾........ ڪنھن کي ڏوھ ڏيان؟ پنھنجي بي وسيءَ تي دل روئي ٿي..... نير وھائي ٿي بس ڇا ڪيان يار....

ڪُسن جنھن ڏيھ ۾, ڳڀرو ڏيھاڙي

Image
ڪُسن جنھن ڏيھ ۾, ڳڀرو ڏيھاڙي ڪھڙي ڏياري، ملھايان مان سنڌ ۾ شاعري؛ذوالفقاربھڻ

Happy Diwali to all my friends.ڏياريءَ جون واڌايون

Image
Happy Diwali to all my friends . Zulfiqar Behan . ************************************ اوھان دوستن کي ڏياريءَ جون واڌايون انڌيرا سدائين مقـــــــــدر ۾ ڇو؟ بس-پنھنجي حصي جو ڏيئـو ٻار جـــــڳ سمـــورو روشـــن ٿيندو. شاعري- ذوالفقار بھڻ

تنھنجو ذڪر، تنھنجي تعريف بيان ڪيان ٿو ماڻھو چون ٿا ، واھ جي شاعـــري ڪيان ٿو ذوالفقاربھڻ

Image
تنھنجو ذڪر، تنھنجي تعريف بيان ڪيان ٿو ماڻھو چون ٿا ، واھ جي شاعـــري ڪيان ٿو   ذوالفقاربھڻ  

پٿر جي ڪا دلڙي ھجي ھا روز ائين نه سوڳ ھجي ھا رشتا ناتا،پوشاڪ ته ناھن تن کي نڀائڻ، نه ڀو ڳ ھجي ھا ذوالفقاربھڻ

Image
پٿر جي ڪا دلڙي ھجي ھا روز ائين نه سوڳ ھجي ھا رشتا ناتا،پوشاڪ ته ناھن تن کي نڀائڻ، نه ڀو ڳ ھجي ھا ذوالفقاربھڻ  

ڀورو صبح-ڪاري رات

Image
ڀورو صبح-ڪاري رات ************** ڌرتي ماءُ جي ڀاڪُرُ مان جڏھن سندس ٻچي کي، ڇڪي ڪڊيو ويو...... ماءُ رڙيون ڪيون.... دانھون ڪيون...... ھن کي منھنجي ھنج ۾ رھڻ ڏيو.. ڏاڊو ٿڪل, ٽٽل آ، آرامي آ,منھنجو بچڙو... بيمار سوچ واري سماج سندس ھڪ نه ٻڌي.... وقت پنھنجو وار ڪيو............. ھوا ڌوڙ وسائي سورج گيڙو وڳو پاتو... چنڊ شرم وچان ڪڪرن ۾ منھن لڪايو... ڪاري رات ڀوري صبح کي، روئي بي حال ٿي وئي. شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

استاد کي سلام آ

Image
استاد کي سلام آ مان اندواھين ۾, ڀٽڪي رھيو ھُوس... شعور جا دروازا کوليا, منھنجي استاد ھُو جو روشنين جو امين آ, منھنجو رھبر منھنجو يقين آ منھنجو وار ُوارُ سندس قرضي اُنَ استاد کي سلام آ —