Posts

Sindhi Ghazal By Zulfiqar Behan

Image
اسان جيان اسانجا نصيب غريب رھيا وفائن جا جفائن جا قصا عجيب رھيا سُکُ، شانتي سُڃَ ۾ ڀٽڪي ٿڪجي پيا ڇانوَ ٿڌڙي ھيرَ ، چوماسا به رقيب رھيا قدم قدم قلمَ جي حرمت وڪڻندڙ وقت جي ستم ظريفي سي اديب رھيا سور وڌندو رھيو مفلس تي وياج وانگر سڀ ڇڏي ويا پر درد ئي حبيب رھيا وقت ڪٽيندو رھيو عمرگھٽجندي رھي روح پٿر جا سھي تن ۾ به فريب رھيا فڪر معاش منھنجي تخليق کي قتل ڪيو ذوالفقار تنھنجي نظمن ۾ به عيب رھيا شاعري؛ ذوالفقاربھڻ —  
Image
مسلم، ھجين،ھندو ھجين يا ڀلي عيسائي انتھاپسندي پکيڙي تو آ، انسانيت لڄائي پيار,امن،مرڪ وڻي سونھن ھر ھڪ کي- تو ڇو آھي , نفرت جي باھ ڀڙڪائي ؟؟ شاعري؛ ذوالفقاربھڻ  

الائي ڇونٿا توکي نظر اچن;شاعري؛ذوالفقاربھڻ

Image
الائي ڇونٿا توکي نظر اچن;شاعري؛ذوالفقاربھڻ ************************** ******* الائي ڇونٿا توکي نظر اچن منھنجي شھر ۾ روز ٿا شاھزيب قتل ٿين ڪو ڏينھن ناھي خالي ڪنھن رات ناھي ناغو ڪي ڦوھ جوانيٕ ۾ ڪي معصوم ٿا اجل ٿين لائي ڇونٿا توکي نظر اچن ڪنھن يتيم جي دانھن ڪنھن ماءُ جا سڏڪا ڪنھن بيوھ جازلف پريشان ھت پنج ئي وقت پيا رت سان غسل ٿين الائي ڇونٿا توکي نظر اچن قاتل پوء به قاتل آھي شھري توڙي ڳوٺاڻو آھي ماءُ کان ڀل تون پڇي ڏس نٿا سُورَ وڇوڙي جا سڦل ٿين الائي ڇونٿا توکي نظر اچن منھنجي شھر ۾ روز ٿا شاھزيب قتل ٿين  

Happy New Year to All my friends

Image
الودع 2012......ڀليڪار2013 قدم قدم امتحان ،گھڙي گھڙي گھاوَ ڏکن سيکاريا وانوَ،صبر جا سورن ۾ شاعري ذوالفقاربھڻ

اچ فيسبڪ بازار گھمون Sindhi Poetry about facebook

Image
اچ فيسبڪ بازار گھمون جتي ھرڪو پنھنجي تعريف , ٻڌڻ لاء،داڻو ، ڄار اڇلي شڪار ڳڻي رھيو آ جتي ھر ڪنھن کي ڪوجھو ئي سھي پر پنھنجو پيارو آ جتي ھر قسم جو وکر کپائڻ لاء، واڏا وڏا ڊنگ ننڊون ڦٽائي رھيا آھن اچ فيسبڪ بازار گھمون جتي سچ ۽ ڪوڙ سڳا ڀائر آھن جتي وقت جا اشراف به وھڪري ۾ وھي ويندا آھن جتي ڪاڪ جو آ طلسم خيالي دنيا حقيقي ويس پوء به انھي دنيا ۾ سچ سوڀارو آ اچ فيسبڪ بازار گھمون واھ واھ جي دنيا اٿئي ناٽڪي نورتن اٿئي روميو، جوليٽ، مجنون ۽ سقراط اٿئي جتي وني ۽ ور ھڪ ٻئي کي ٺڳيندو آ.... جتي رات ٿيندي ئي ناھي موڪل جو گمان به ناھي جتي ڪنھنجا گھر ڊھندا ته ڪنھنجا ٺھندا آھن جتي روز اسٽيٽس وانگي پرين پيارا بدلبا آھن جتان انقلاب اڀرندا ھن جتي علم شعور سرور ۽ سورُ اچ فيسبڪ بازار گھمون جتي نازڪ ناريون آرس ڀڄندي جوانن جون ننڊون چورائينديون آھن جتي سڀ ڪجھ اٿيئ جيڪو چاھين جنھن گھٽي وڃڻ چاھين۔۔۔ اچ فيسبڪ بازار گھمون جتي وڻ وڻ جي ڪاٺي اٿئي ھڪ ڳوٺ اٿئي ھڪ دنيا اٿئي ڇڏ،يار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واپس ھلون....... ھتي گھڻو ڪجھ اٿئي ٿڪجي پونداسين پاڻ ختم ٿي وينداسين بازار

10 December human rights day شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

Image
10 December human rights day شاعري؛ ذوالفقاربھڻ اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي ھر جيوَت سان پيار ھجي جتي نفرت جو نه واپار ھجي جتي پيار ھجي ،بس پيار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي سھڻي نه سنگسار ٿئي جتي جوڀن نه ئي گار ٿئي جتي سوچ تي نه وار ٿئي جتي ڏاڊ جي بس ھارھجي ااھڙوسکيو سنسار ھجي ھي طبقاتي نظام ڇو؟ ھي نوڪر آقا مذدور ڇو؟ ھي چوري؟ جو ڪاروبارڇو؟ جتي ھاري حقدار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي ناحق، نه ڪو ماريو وڃي جتي سقراطي زھر، نه پياريو وڃي جتي شعور کي، نه چيٿاريو وڃي جتي آزاديء اظھار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي ماءُ جي نه، ڪک اجڙي جتي ڀيڻ کان نه، ڀاءُ وڇڙي جتي وني نه بي وس، پئي پڄري جتي پيءُ تي ڌيءُ، نه بار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي خدمت فرق بنا ٿئي جتي محبت نه فنا ٿئي جتي ظالم جي نه ثنا ٿئي جتي درسگاھن ۾ غورويچارھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي قلم مان نه بارود نڪري جتي ساڃھ ۽ نه سچ وکري جتي سج تپش مان سگھ اڀري جتي سادو ذوالفقار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي
Image
    مونکي بچايو آ، منھنجن دوستن ڪيڏو وکري وڃان ھان!!! جيڪر نه ھجن ھان ڪتاب شاعري؛ذوالفقاربھڻ    

ملان ! بيشڪ نماز پڙھاءِ،

Image
ملان ! بيشڪ نماز پڙھاءِ، نفرت ڇو پيو پڙھائين ؟ مذھبَ محبت جي علامتَ پيار،امن ڇونه ٿو پڙھائين؟

اسان جيان اسانجا نصيب به غريب رھيا

Image
اسان جيان اسانجا نصيب به غريب رھيا وفائن جا جفائن جا قصا به عجيب رھيا سُکُ، شانتي سُڃَ ۾ ڀٽڪي ٿڪجي پيا ڇانوَ ٿڌڙي ھيرَ ، چوماسا به رقيب رھيا قدم قدم قلمَ جي حرمت وڪڻندڙ ويڪائو وقت جي ستم ظريفي سي به اديب رھيا سور وڌندو رھيو مفلس تي وياج وانگر درد ڄمندي ئي گڏ رھيا حبيب جيان وقت ڪٽيندو رھيو عمرگھٽجندي رھي روح پٿر جا ھئا تن ۾ به فريب رھيا شاعري؛ ذوالفقاربھڻ  

Zulfiqar Behan

Zulfiqar Behan

ڌرتي امن گھري ٿي.

Image
بَرلن ڀِتِ پَٽُ ٿي وئي ايڪويھين صدي ۾ نفرت جي ڀت اڏڻ وارا ٻڌ!!! ڌرتي امن گھري ٿي.... ھي اڃايل،بکايل ايٿوپيا جو ڏيک ڏيندڙ ماني ڳڀو پنھنجا وسيلا، ۽ سک جا خواب ڳولين ٿا ديوارون،سرحدون لاشن تي تعمير ٿينديون ھن بک، بدحاليءَ،بيماريءَ قبرستان آباد ڪري ڇڏياھن..... پيار امن،خوشحالي جو ڏڪارڇو؟ ڌرتي امن گھري ٿي. ..