Posts

ملان ! بيشڪ نماز پڙھاءِ،

Image
ملان ! بيشڪ نماز پڙھاءِ، نفرت ڇو پيو پڙھائين ؟ مذھبَ محبت جي علامتَ پيار،امن ڇونه ٿو پڙھائين؟

اسان جيان اسانجا نصيب به غريب رھيا

Image
اسان جيان اسانجا نصيب به غريب رھيا وفائن جا جفائن جا قصا به عجيب رھيا سُکُ، شانتي سُڃَ ۾ ڀٽڪي ٿڪجي پيا ڇانوَ ٿڌڙي ھيرَ ، چوماسا به رقيب رھيا قدم قدم قلمَ جي حرمت وڪڻندڙ ويڪائو وقت جي ستم ظريفي سي به اديب رھيا سور وڌندو رھيو مفلس تي وياج وانگر درد ڄمندي ئي گڏ رھيا حبيب جيان وقت ڪٽيندو رھيو عمرگھٽجندي رھي روح پٿر جا ھئا تن ۾ به فريب رھيا شاعري؛ ذوالفقاربھڻ  

Zulfiqar Behan

Zulfiqar Behan

ڌرتي امن گھري ٿي.

Image
بَرلن ڀِتِ پَٽُ ٿي وئي ايڪويھين صدي ۾ نفرت جي ڀت اڏڻ وارا ٻڌ!!! ڌرتي امن گھري ٿي.... ھي اڃايل،بکايل ايٿوپيا جو ڏيک ڏيندڙ ماني ڳڀو پنھنجا وسيلا، ۽ سک جا خواب ڳولين ٿا ديوارون،سرحدون لاشن تي تعمير ٿينديون ھن بک، بدحاليءَ،بيماريءَ قبرستان آباد ڪري ڇڏياھن..... پيار امن،خوشحالي جو ڏڪارڇو؟ ڌرتي امن گھري ٿي. ..  

مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ؛شاعري؛ذوالفقاربھڻ

Image
مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ؛شاعري؛ذوالفقاربھڻ ************************** ******* مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ جن گھر گھر ۾ آ باھ لڳائي ماءُجي آھي ٿڃ لڄائي تن سان ھن کي وڙھندي ڏٺو آ مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ ڪا اک روئي ٿي، پار ڪڊي ٿي ھئي ھئي ھينئان دار ڪري ٿي ڪنھن ڇوليءَ کي ڇلندي ڏٺو آ مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ آ رات ڇسي، ۽ ڏينھن بي رنگ ڇو گھر گھر جھيڙو، جيئڻ آ تنگ پاڻ ۾ ھي پيا ڇوٿا وڙھن ڪرب ۾ ڪنھنکي ڪڙھندي ڏٺو آ مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

ملالا موٽي آ,sindhi poetry Come Back Malala

Image
translated a sindhi poetry  poet zulfiqar behan and translator in roman hindi......indira shabnam indu malala lout aa taleem hai zindgi  jahaliyat hai mout mout ko mout do.. malala lout aa aman aman chahiye  khushhal apne desh chahiye andhere soochoon ko  mout do. malala lout aa rung titliyan.muskan  khushboo chahiye gulaboon ko goondh lo  malalalout aa jung ka sooch hai  us se tumko kiya  bs aman ko oot do malala lout aa..... .malala lout aa ........................indira  shabnam indu شاعري؛ذوالفقاربھڻ ملالا موٽي آ علم آھي زندگي، جھالت آ موت موت کي موتَ ڏئي ملالا موٽي آ امن امن امن گھرجي خوشحال پنھنجو وطن گھرجي اونداھي سوچ کي ڪوٽ ڏئي مالالا موٽي آ رنگ, پوپٽ ،سونھن، مرڪ ۽خوشبوء ٿي گھرجي گلابن کي جوٽَ ڏئي مالالا موٽي آ جنگ جن جي سوچ آ تن سان تنھنجو ڇا بس امن کي اوٽ ڏئي ملالا موٽي آ

غزل-Ghazal

Image
Album: Public ھوا ۾ سڏڪاھن رات روئي ٿي صدا ۾ سڏڪاھن رات روئي ٿي پريتم توکي ياد ڪري ٿو شرير ٻري نيڻ رتا ڇلڪيا ھن رات روئي ٿي چنڊ جي وارن ۾ چاندني پائي ليئا جوڀن ۾ الڪا ھن رات روئي ٿي شام جو عڪس ڪيڏو بي رونق سمنڊ ڪنارا ڇلڪيا ھن رات روئي ٿي ھوا ۾ سڏڪاھن رات روئي ٿي صدا ۾ سڏڪاھن رات روئي ٿي شاعري؛ ذوالفقاربھڻ  — 

A Tribute to Malala Yousafzai sindhi poem by Zulfiqar Behan

Image
A Tribute to Malala Yousafzai ************************ اڃا ٿَڪيا ناھيون۔ نه حوصلا پوڙھا ٿيا ھن ا۔ ھي قيد کي ڦٽڪا ڦاھا،راتاھا... اميد جو ڏيئو نه وسائي سگھيا ھِن۔ ھا.... سوچن جا وارَ جي، اَڇا ٿي ويا ھِن پر۔۔۔۔ حوصلا  رُڪَ جيان پڪا ٿي ويا ھِن۔ شاعري؛ ذوالفقاربھڻ — at Karachi, Sindh.  — at  Karachi, Sin dh .

اھڙوسکيو سنسار ھجي

اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي ھر جيوَت سان پيار ھجي جتي نفرت جو نه واپار ھجي جتي پيار ھجي ،بس پيار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي سھڻي نه سنگسار ٿئي جتي جوڀن نه ئي گار ٿئي جتي سوچ تي نه وار ٿئي جتي ڏاڊ جي بس ھارھجي ااھڙوسکيو سنسار ھجي ھي طبقاتي نظام ڇو؟ ھي نوڪر آقا مذدور ڇو؟ ھي چوري؟ جو ڪاروبارڇو؟ جتي ھاري حقدار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي ناحق، نه ڪو ماريو وڃي جتي سقراطي زھر، نه پياريو وڃي جتي شعور کي، نه چيٿاريو وڃي جتي آزاديء اظھار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي ماءُ جي نه، ڪک اجڙي جتي ڀيڻ کان نه، ڀاءُ وڇڙي جتي وني نه بي وس، پئي پڄري جتي پيءُ تي ڌيءُ، نه بار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي خدمت فرق بنا ٿئي جتي تاريخ سان نه زنا ٿئي جتي ظالم جي نه ثنا ٿئي جتي درسگاھن ۾ غورويچارھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي قلم مان نه بارود نڪري جتي ساڃھ ۽ نه سچ وکري جتي سج تپش مان سگھ اڀري جتي سادو ذوالفقار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

سونھن لَڏي پئي

Image
https://www.facebook.com/photo.php?fbid=429632210412127&l=2fd2f73911 سونھن لَڏي پئي سنڌ روئي پئي سنڌي ھندو، مورَ لڏين پيا ڌرتيٕ ڌڻي رُئندي رُئندي ڀُونءِ ڇڏين پيا ڀَٽَ نگر تي ڪارونجھر تي ڪا اک روئي پئي رُوحَ روئن پيا چاڪ چڪن پيا بس پار نه ڪَڊُ ڪا راھ ئي ڪَڊُ اُٿُ سونھن بچاءِ اُٿُ ڀونءِ بچاءِ شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

شمشيرحيدري کي ڀيٽا;شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

Image
شمشيرحيدري کي ڀيٽا;شاعري؛ ذوالفقاربھڻ تعزيتون ٿينديون  ميڙا مچندا سڏڪا ھوندا چرچا ھوندا ھرڪو چوندو ڏاڊو چڱو ھو پر  ڏاڊو ڏور ھليو ويندس موٽي مُورُ نه ايندس  دردن دل کي ڳاري ڇڏيو سورن سند سند ساڙي ڇڏيو سمجھي ڪوئي نه سگھيو اسان کي سور سيني ۾ سانڊي ويندس موٽي مُورُ نه ايندس   شاعر لکندا شاعري   ليکاري لکندا ليک پيارپکيڙيو جنگ سان جھيڙيو   پيارئي پيار پکيڙي ويندس  موٽي مُورُ نه ايندس   موٽي مُورُ نه ايندس https://www.facebook.com/photo.php?fbid=430108667031148&l=46b3c3f658