Posts

SHAH JO RISALOشاھ جو رسالو

شاھ سائين جو رسالو ( پهريون ڀاڱون ) سر ڪلياڻ داستان پهريون 1 اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛ سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي. 2 وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، جن اُتوسين ايمانَ؛ تن مڃيو مُحمَّدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ؛ اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمان، اَوَتڙِ ڪنهن نه اوليا. 3 اَوَتڙَ ڪنهن نه اوليا، سُتَڙِ ويا سالِمَ؛ هيڪائِي هيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِمَ؛ بي بها بالِمَ، آگي ڪيا اڳَهِين. 4 آگي ڪيا اڳَهِين، نسورو ئي نُورُ؛ لَا خَوفٌ عَلَيهِمۡ وَلَا هُمۡ يَحۡزَنُونَ، سچن ڪونهي سُور؛ مولي ڪيو مَعمُور، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو. 5 وَحۡدَهٗ جي وڍيا، اِلَا الله سين اورِينِ؛ هِنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورِينِ؛ معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندَرُ ڏورِينِ؛ سُک نه سُتا ڪڏهين، ويهي نه ووڙِينِ؛ ڪُلَهِنئُون ڪورِينِ، عاشق عَبۡدُاللَطِيفُ چئي. 6 وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا؛ ڪه تو ڪنين سُئا، جي گَھٽَ اَندر گھوڙا؛ ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿِيندءِ

توکان وسري وياسين

Image
شھر جي گوڙ ۾ زندگي جي ووڙ ۾ توکان وسري وياسين ميت جيت ٿي پئي ھا منزلن جي موڙ ۾ توکان وسري وياسين رھزن رستي روڪ ڪئي سچ جي پروڙ ۾ توکان وسري وياسين سور سور ھو سڏڪيو پيار جي توڙ ۾ توکان وسري وياسين ڏينھن رات سک کي روئي نفسا نفسي ڊوڙ۾ توکان وسري وياسين

پيار پوکيون14-2-2012

Image
پيار پوکيون14-2-2012 =========== صدين جي منافقت ڪارو سج بي نام لاش.... ….ويساھ گھاتيون سماج سارو خاموش قبرن جو ڏيک ڪا چڻنگ ٻاريون ضعيف اکين ۾ اميدن جا خواب جاڳايون اَچُ سرخ چپن جا پياسي عاشق محبت جي عالمي ڏڻ تي پيار پوکيون ڳاڙھو انقلاب آڻيون- شاعري ذوالفقاربھڻ

اڄُ صُبحَ جي پھرين ڪرڻي

Image
اڄُ صُبحَ جي پھرين ڪرڻي چونڊڙي پائي ننڊ مان اٿاريو ھوا جي جھوٽي ڪن ۾ سَرِگوشي ڪئي پيار ڀريو سلام موبائيل اسڪرين تي تنھنجو پيغام - شاعري؛ ذوالفقاربھڻ  — 
Image
سردُ موسم سردُ احساس روح روڙھيل نيڻ ڀنل خواب پنھنجا ڪوريھڙي گھيريل وشال آڪاش وسيع ڌرتي ھيڏا ستارا نصيب پنھنجا پو به اڃارا ستمگرن جي ديس ۾ ڏاڊو ڏکيو آ ‘نڪي ‘ خدائن کي چوڻ ڏاڊو ڏکيو آ اکين ۾ آرا سمنڊ ويرن جيان سڄڻ اوتارا چئو سڄڻ کي سيئن ُ سُڪايو ڇوٿا سِڪايو آسمان ڌرتيءَ ميلاپ ڪيو آ فطرت جا ھي عجيب نظارا نصيب پنھنجا پو به اڃارا 1

تنھنجي وستيءَ ۾ او صاحب

Image
تنھنجي وستيءَ ۾ او صاحب!!! سياري جي بارش ۾ ڏڪندي سيءَ مئو آ ڪو ڪالھ رات... پر تو آ محل ۾ کلندي، نچندي بوتل ،جسم سان گذاري رات  —