Posts

Showing posts from 2013

نظم منھنجون سوچون

Image
منھنجون سوچون ڀٽڪنديون رھنديون آھن سمھنديون ناھن ڪڏھن تو وٽ  ڪڏھن ويرانن ۾ رلنديون رھنديون آھن منھنجون سوڇون ڪڏھن عرش ڪڏھن فرش ڪڏھن مڪان ڪڏھن لامڪان منھنجون سوچون ڀٽڪنديون رھنديون آھن بس ان وقت  وجود منھنجو ساڪن ٿي ويندو آ جڏھن منھنجي روح کي تون ڀاڪر پائي  سمھي رھندو آھين منھنجون سوڇون سوال اٿارينديون آھن جواب ڳولينديون آھن انائن جي سماج ۾ ڪروڌي ڪڙم ۾ ھي به سچ آ منھنجو ظاھر نردوش آ منھنجو باطن جيڪو مونکي نظر نه ايندو آ  مونتي حڪم ھلائيندو آ مونکي استعمال ڪندو آ ھا- سزا وار اھو آ منھنجو باطن ھُو، ظالم آ مظلوم به آ دوشي آ نردوش به آ ادني آ اعلي به آ جاھل آ عالم به آ حقير آ اتم به آ رئندو آ کلندو به آ مڪار آ محبتي به آ پر بي چين آ سچ جي تلاش ۾ اڻ ڏٺي مڪان ڏانھن  منھنجو سوچون مونسان پيار ڪنديو آھن مونسان جنگ ڪنديون آھن وري وري ڏوڪو کائڻ تي ڄاڻيندي، اڻ ڄڻائي تي منھنجون سوچون پيسيمسٽ آپٽيمسٽ  نگيٽو پازيٽو ترقي پسند تنگ نظر مونکي ھمٿائينديون آھن مونکي ڊيڄارينيون آھ

بس ڇا ڪيان يار...دل روئي ٿي.....

Image
شاعري؛ذوالفقاربھڻ بس ڇا ڪيان يار...دل روئي ٿي..... دل روئي نير وهائي ٿي..... انسان جي انسان هٿان تذليل ڏسي دل روئي ٿي.نير وهائي ٿي مان ته آدم آھيان، مرڻو ناھيان. ازل تائين رھڻو آھيان جڏھن ڪُن فيڪون جو اَمرُ ٿيو ھو مان تڏھن کان آھيان پوءِ به......... ڇا ڪيان.. پنھنجي بي وسي تي روئي ڏيان ٿو... مونکي ورھايو ويو آ، مذھبن ۾،ملڪن ۾، طبقن ۾،جنسن ۾، زبانن ۽ ذاتين ۾........ ڪنھن کي ڏوھ ڏيان؟ پنھنجي بي وسيءَ تي دل روئي ٿي..... نير وھائي ٿي بس ڇا ڪيان يار....

ڪُسن جنھن ڏيھ ۾, ڳڀرو ڏيھاڙي

Image
ڪُسن جنھن ڏيھ ۾, ڳڀرو ڏيھاڙي ڪھڙي ڏياري، ملھايان مان سنڌ ۾ شاعري؛ذوالفقاربھڻ

Happy Diwali to all my friends.ڏياريءَ جون واڌايون

Image
Happy Diwali to all my friends . Zulfiqar Behan . ************************************ اوھان دوستن کي ڏياريءَ جون واڌايون انڌيرا سدائين مقـــــــــدر ۾ ڇو؟ بس-پنھنجي حصي جو ڏيئـو ٻار جـــــڳ سمـــورو روشـــن ٿيندو. شاعري- ذوالفقار بھڻ

تنھنجو ذڪر، تنھنجي تعريف بيان ڪيان ٿو ماڻھو چون ٿا ، واھ جي شاعـــري ڪيان ٿو ذوالفقاربھڻ

Image
تنھنجو ذڪر، تنھنجي تعريف بيان ڪيان ٿو ماڻھو چون ٿا ، واھ جي شاعـــري ڪيان ٿو   ذوالفقاربھڻ  

پٿر جي ڪا دلڙي ھجي ھا روز ائين نه سوڳ ھجي ھا رشتا ناتا،پوشاڪ ته ناھن تن کي نڀائڻ، نه ڀو ڳ ھجي ھا ذوالفقاربھڻ

Image
پٿر جي ڪا دلڙي ھجي ھا روز ائين نه سوڳ ھجي ھا رشتا ناتا،پوشاڪ ته ناھن تن کي نڀائڻ، نه ڀو ڳ ھجي ھا ذوالفقاربھڻ  

ڀورو صبح-ڪاري رات

Image
ڀورو صبح-ڪاري رات ************** ڌرتي ماءُ جي ڀاڪُرُ مان جڏھن سندس ٻچي کي، ڇڪي ڪڊيو ويو...... ماءُ رڙيون ڪيون.... دانھون ڪيون...... ھن کي منھنجي ھنج ۾ رھڻ ڏيو.. ڏاڊو ٿڪل, ٽٽل آ، آرامي آ,منھنجو بچڙو... بيمار سوچ واري سماج سندس ھڪ نه ٻڌي.... وقت پنھنجو وار ڪيو............. ھوا ڌوڙ وسائي سورج گيڙو وڳو پاتو... چنڊ شرم وچان ڪڪرن ۾ منھن لڪايو... ڪاري رات ڀوري صبح کي، روئي بي حال ٿي وئي. شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

استاد کي سلام آ

Image
استاد کي سلام آ مان اندواھين ۾, ڀٽڪي رھيو ھُوس... شعور جا دروازا کوليا, منھنجي استاد ھُو جو روشنين جو امين آ, منھنجو رھبر منھنجو يقين آ منھنجو وار ُوارُ سندس قرضي اُنَ استاد کي سلام آ —

ڪنھنجو ھندي ڌرم ڪنھنجو مسلم ڌرم خوشقسمتي منھنجي منھنجو سنڌي ڌرم ذوالفقاربھڻ

Image
ڪنھنجو ھندي ڌرم ڪنھنجو مسلم ڌرم خوشقسمتي منھنجي منھنجو سنڌي ڌرم ذوالفقاربھڻ    

وري ڪو ٻالڪپڻو موٽي اچي وڏا ســور سھڻ،آ وڏو ٿــيڻ ذوالفقاربھڻ

Image
وري ڪو ٻالڪپڻو موٽي اچي وڏا ســور سھڻ،آ وڏو ٿــيڻ ذوالفقاربھڻ    

ڪنھنجو ھندي ڌرم ڪنھنجو مسلم ڌرم خوشقسمتي منھنجي منھنجو سنڌي ڌرم ذوالفقاربھڻ —

Image
ڪنھنجو ھندي ڌرم ڪنھنجو مسلم ڌرم خوشقسمتي منھنجي منھنجو سنڌي ڌرم ذوالفقاربھڻ —

توبن منھنجو گھر مونکي لکي ٿوبر،جلدي ور

 Audio song  Taken from MUHANJA KHUWAB GULABAN JAHRA book by Zulfiqar Behan توبن منھنجو گھر مونکي لکي ٿوبر،جلدي ور <img src="//www.socializeyourcause.org/images/fblike2.png" title="By Socialize Your Cause.org" width="330" height="141" border="0" /></a><br /><iframe src="//www.facebook.com/plugins/like.php?href=http://zulfiqarbehan.blogspot.com/&width=450&height=45&colorscheme=light&layout=standard&action=like&show_faces=false&send=false&appId=142790142546391" scrolling="no" frameborder="0" style="border:none; overflow:hidden; width:330px; height:33px; padding-top:5px; padding-left:5px;" allowTransparency="true"></iframe><p style="float:right; padding-bottom:5px; font-size:10px;"><a href="//www.inboundnow.com/apps/facebook-like-button-generator/">Get a button!</a></p>

فنڪارھ عظميٰ بيگ جو آواز شاعري ذوالفقاربھڻ موسيقي نظير سمون

 Taken from MUHANJA KHUWAB GULABAN JAHRA book by Zulfiqar Behan فنڪارھ عظميٰ بيگ جو آواز شاعري ذوالفقاربھڻ موسيقي نظير سمون

جڌھن جڏھن اوھان جي سارايندي آ، شاعري؛ ذوالفقاربھڻ.فنڪار؛ مريد ڄامڙو

 Taken from MUHANJA KHUWAB GULABAN JAHRA book by Zulfiqar Behan جڌھن جڏھن اوھان جي سارايندي آ، شاعري؛ ذوالفقاربھڻ.فنڪار؛ مريد ڄامڙو

مجموعي طور اسين يا ته وڏيرڪي سوچ رکندڙ آھيون يا خوشامدڙيا.....اچو ته پنھنجو مزاجُ بدليون؛ذوالفقاربھڻ سماجُ بدليون رواجُ بدليون اچو ته پنھنجو مزاجُ بدليون

Image

چــــــــــــــنڊ کـــــــــــــــــــــي تــــــــــلاش ڪــــــــــــندي نيــــــــــــــــــڻ اوھــــــــــــــــــــــــــــان در پھتـــــــــــــــــــا عيد مبارڪ — **************************************** اوھان کي عيد مبارڪ

Image
چــــــــــــــنڊ کـــــــــــــــــــــي تــــــــــلاش ڪــــــــــــندي نيــــــــــــــــــڻ اوھــــــــــــــــــــــــــــان در پھتـــــــــــــــــــا عيد مبارڪ — **************************************** اوھان کي عيد مبارڪ
Image
https://www.facebook.com/ SindhiPoetryZulfiqarBehan اُداس جيون آ نراس جيون آ وڇوڙو صدين جو ٽياس جيون آ سکي نه گل ورھاءِ اُماس جيون آ بھار موسم ۽ حساس جيون آ ڀلي ڪو رقص ڪري خلاص جيون آ وري نه ڪرجانءِ پيار ھراس جيون آ ٻڌي جي ٻاروچو ته آس جيون آ    
Image
نيــــــرو آڪاش پريشان پريشان دَردَ ڌرتيءَ کي ڪو ٻڌائي، ھاءِ ھاءِ ياد تنھنجي ٿــي ستائي، ھاءِ ھاءِ ڇو لڇي ٿو،رڙي ٿو ھي سمنڊ ھَٿُ ڪناري سان ڪيئن ملائي، ھاءِ ھاءِ ياد تنھنجي ٿــي ستائي، ھاءِ ھاءِ ڇو ڪري رقص ٿو شراب،بي حساب ساقي جي نيڻ وچائي،ھاءِ ھاءِ ياد تنھنجي ٿــي ستائي، ھاءِ ھاءِ عشق آ، يار صليبُ مسيحا ، ڪائي ريت ڪو ڪو ٿو نڀائي،ھاءِ ھاءِ ياد تنھنجي ٿــي ستائي، ھاءِ ھاءِ درد صحرا جيان طويل آ ‘ذوالفقار‘ پياس پو ڇونه ستائي ھاءِ ھاءِ ياد تنھنجي ٿــي ستائي، ھاءِ ھاءِ
Image
ھوا ۾ سڏڪا،رات روئي ٿي صدا ۾ سڏڪا، رات روئي ٿي پريتم _توکي ياد ڪري ،ٿو شرير ٻري نيڻ رتا ڇلڪيا ، رات روئي ٿي وحشتون حسرتون رنجشون، ڀر ۾ ستل در، درين ۾ کڙڪا ،رات رئي ٿي پاڻ سان گڏ ،يادون به کڻي وڃ ڪتيون ٽيڙو نڪتا،رات روئي ٿي چنڊ جي وارن ۾، چاندني پائي ليئا جوڀن ۾ الڪا ، رات روئي ٿي ھوا ۾ سڏڪا، رات روئي ٿي صدا ۾ سڏڪا، رات روئي ٿي شاعري؛ ذوالفقاربھڻ —

تنھا تنھا ڇالاء رلين ٿو

Image
تنھا تنھا ڇالاء رلين ٿو سُورَ اسان سان ڇونه سلين ٿو؟ رِمِ جِھم رِمِ جِھم کڻي نيڻن ۾ دريا دريا ڇونه ھلين ٿو؟ ھِنَ کان ھُن کان پار پڇين مشڪل ڇاجي ڇونه ملين ٿو؟ ويراڳين جا وار سنواري سک جا پو ڇو پنڌ پڇين ٿو؟ اوجاڳن کي پائي ڀاڪُرَ ذوالفقار ڇالا پارَ ڪڊين ٿو شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

’’ووٽ‘‘ شاعراڻو پيغام:ذوالفقاربھڻ

Image
’’ووٽ‘‘ شاعراڻو پيغام:ذوالفقاربھڻ ************************* ووٽ قوم جي امانت آ ووٽ مستقبل جي ضمانت آ او ادا، او ڀيڻ ووٽ ڪرڻ کان پھريان وري وري سوچجان ڪير يار آ، ڪير مڪار آ سوچي سمجھي ووٽ ڪجان برادرين ۾ ،ڇو پاڻ کي بند ڪيو اٿئي؟ ذات کان قومي مفاد اتم اٿئي.... پنھنجو فرض، ڌرتيءَ جو قرض سمجھي لاھجان او ادا، او ڀيڻ ووٽ ڪرڻ کان پھريان وري وري سوچجان ڪير يار آ، ڪير مڪار آ سوچي سمجھي ووٽ ڪجان پنھنجو صرف ڀڀ ڀري تنھنجي مٿي تان ڇت پيرن ھيٺان زمين کسڪائي چڏي اھڙي ڪردار کي کُٿو جواب ڏجان او ادا، او ڀيڻ ووٽ ڪرڻ کان پھريان وري وري سوچجان ڪير يار آ، ڪير مڪار آ سوچي سمجھي ووٽ ڪجان

اَمن کي جيئرو ڪريون؛ شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

Image
اَمن کي جيئرو ڪريون؛ شاعري؛ ذوالفقاربھڻ *************** اُميدن جا سڏڪا مستقبل ڳڀا ڳڀا نيڻ پاڻي جي درياءَ ۾ ٻڏل جھورُ اکين جي آس جلاوطن ٿي وئي درد جون دونھيون گھرگھر ريھون واڪا نڙيءَ نڙيءَ ڦاٿل ڪنھن ماءُ جا اُلڪا بيوھ جي درد جي پيمانو.... ڪاش ڪو سمجھي يتيمي جو عذاب ڪيئن تبديلي کان پوءِ لڳندو آھي ٽھڪن وارو گھر ُسُڏڪن وارو گھر ڪاش ڪو سمجھي... وحشي قاتل تو ۾ مون ۾ آھي لڪل ڇونه ٿو مارين ان کي ڪيسيتائين آخر ڪيسيتائين نامعلوميت جو رينگٽ ھاڻي بند ڪر اچُ،اچُ، اچُ مصلحتون ٽوڙيون موت کي دفن ڪري اَمن کي جيئرو ڪريون

sndhi Ghazal

Image
ڪيئن مڃان ھٿ جي لڪـــــيرن ۾ ناھين تون ساھَ ۾ آھين منھنجي ويساھَ ۾ آھين ضبط جا بند ٿا ٽُٽَنِ،پرواھ ڇا ماڻھون چَون ڪجھ نظر ڪونه اچي جيڪر نگاھ ۾ آھين مرڪ، خوشيون رنگ موسم جا ڀلي ڪھڙا ھجن ھر گھڙي وَرَ  وَرَ، سمورن ماھ ۾ آھين ھيءُ مِٽيءَ جو يار پتلو ،تنھنجي آڱر تي نچي ھا- ۽  نه - جي ھر الستي  آ ھـــــــ ۾ آھين ھونئن ته آ بيڪار ھي ”ذوالفقار“ اي دل پوءِ به يوسف کي خريدڻ جي چاھ ۾ آھين ڪيئن مڃان ھٿ جي لڪـــــيرن ۾ ناھين تون ساھ ۾ آھين منھنجي ويساھ ۾ آھين

شاعري؛ ذوالفقاربھڻ پيار کي ڏينھنِ ۾ قيد نه ڪَرِ

Image
https://www.facebook.com/SindhiPoetryZulfiqarBehan 13-02-2013شاعري؛ ذوالفقاربھڻ پيار کي ڏينھنِ ۾ قيد نه ڪَرِ پياراحساس آ پيار وشواس آ پيار کٽندو نه آ پيار سمھندو نه آ پيارجو نه ڪوئي ويس آ پيار جونه ڪوئي ديس آ پيار آفاقيت پيار نازڪ پکي پيار ڪر تون سَکي پيار مُرڪ آ ٻار جي پيار سُرڪ آ سار جي وقت گھڙين سان ھِن جو ڀيد نه ڪَرِ پيار کي ڏينھنِ ۾ قيد نه ڪَرِ پيار خالق جي سھڻي ڪا تخليق آ پيار سالڪ جي رياضت، جي جيت آ پيار ممتا، محبوب، ڀاءُ، پتا پيار ڀيڻ جي ڳيچن جي آھي صدا پيار آھي ازل پيار آھي ابد پيار عابد پيار زاھد پيار تقويٰ پيار ايمان پيار انسان سان پيار حيوان سان پيار ھر چرند ۽ پرند سان ڪَرِ پيار کي ڏينھنِ ۾ قيد نه ڪَرِ پيار ڌرتيءَ سان جائز پيار ٻوليءَ سان جائز پيار ھر قوم سان پيار پنھنجي قوم سان پيار فطرت سان پيار ترقيءَ سان پيار علم سان ۽ شعور سان پيار سھڻي سان ڪوجھي سان ذوالفقارپيار جي ڪا تعين حد نه ڪَرِ پيار کي ڏينھنِ ۾ قيد نه ڪَرِ piyar khy denhan main qaid na kar piyar ahisaas aa piyar vishvas aa piyar khutando na aa piyar sumhando na aa

Sindhi Ghazal By Zulfiqar Behan

Image
اسان جيان اسانجا نصيب غريب رھيا وفائن جا جفائن جا قصا عجيب رھيا سُکُ، شانتي سُڃَ ۾ ڀٽڪي ٿڪجي پيا ڇانوَ ٿڌڙي ھيرَ ، چوماسا به رقيب رھيا قدم قدم قلمَ جي حرمت وڪڻندڙ وقت جي ستم ظريفي سي اديب رھيا سور وڌندو رھيو مفلس تي وياج وانگر سڀ ڇڏي ويا پر درد ئي حبيب رھيا وقت ڪٽيندو رھيو عمرگھٽجندي رھي روح پٿر جا سھي تن ۾ به فريب رھيا فڪر معاش منھنجي تخليق کي قتل ڪيو ذوالفقار تنھنجي نظمن ۾ به عيب رھيا شاعري؛ ذوالفقاربھڻ —  
Image
مسلم، ھجين،ھندو ھجين يا ڀلي عيسائي انتھاپسندي پکيڙي تو آ، انسانيت لڄائي پيار,امن،مرڪ وڻي سونھن ھر ھڪ کي- تو ڇو آھي , نفرت جي باھ ڀڙڪائي ؟؟ شاعري؛ ذوالفقاربھڻ  

الائي ڇونٿا توکي نظر اچن;شاعري؛ذوالفقاربھڻ

Image
الائي ڇونٿا توکي نظر اچن;شاعري؛ذوالفقاربھڻ ************************** ******* الائي ڇونٿا توکي نظر اچن منھنجي شھر ۾ روز ٿا شاھزيب قتل ٿين ڪو ڏينھن ناھي خالي ڪنھن رات ناھي ناغو ڪي ڦوھ جوانيٕ ۾ ڪي معصوم ٿا اجل ٿين لائي ڇونٿا توکي نظر اچن ڪنھن يتيم جي دانھن ڪنھن ماءُ جا سڏڪا ڪنھن بيوھ جازلف پريشان ھت پنج ئي وقت پيا رت سان غسل ٿين الائي ڇونٿا توکي نظر اچن قاتل پوء به قاتل آھي شھري توڙي ڳوٺاڻو آھي ماءُ کان ڀل تون پڇي ڏس نٿا سُورَ وڇوڙي جا سڦل ٿين الائي ڇونٿا توکي نظر اچن منھنجي شھر ۾ روز ٿا شاھزيب قتل ٿين