sindhi poetry

اندلٺي رنگ تنھنجي چولي تي
منھن موڙ نه،اسان کان او سائين
اچُ ته مُرڪي ملون، ’ھولي‘ تي
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ
https://www.facebook.com/SindhiPoetryZulfiqarBehan
 

نظم منھنجون سوچون

منھنجون سوچون
ڀٽڪنديون رھنديون آھن
سمھنديون ناھن
ڪڏھن تو وٽ 
ڪڏھن ويرانن ۾
رلنديون رھنديون آھن
منھنجون سوڇون
ڪڏھن عرش
ڪڏھن فرش
ڪڏھن مڪان
ڪڏھن لامڪان
منھنجون سوچون
ڀٽڪنديون رھنديون آھن

بس ان وقت  وجود منھنجو
ساڪن ٿي ويندو آ
جڏھن منھنجي روح کي
تون ڀاڪر پائي 
سمھي رھندو آھين
منھنجون سوڇون

سوال اٿارينديون آھن
جواب ڳولينديون آھن
انائن جي سماج ۾
ڪروڌي ڪڙم ۾
ھي به سچ آ
منھنجو ظاھر نردوش آ
منھنجو باطن
جيڪو مونکي نظر نه ايندو آ 
مونتي حڪم ھلائيندو آ
مونکي استعمال ڪندو آ
ھا- سزا وار اھو آ
منھنجو باطن
ھُو، ظالم آ
مظلوم به آ
دوشي آ
نردوش به آ
ادني آ
اعلي به آ
جاھل آ
عالم به آ
حقير آ
اتم به آ
رئندو آ
کلندو به آ
مڪار آ
محبتي به آ
پر بي چين آ
سچ جي تلاش ۾
اڻ ڏٺي مڪان ڏانھن
 منھنجو سوچون
مونسان پيار ڪنديو آھن
مونسان جنگ ڪنديون آھن
وري وري ڏوڪو کائڻ تي
ڄاڻيندي، اڻ ڄڻائي تي

منھنجون سوچون
پيسيمسٽ
آپٽيمسٽ
 نگيٽو
پازيٽو
ترقي پسند
تنگ نظر
مونکي ھمٿائينديون آھن
مونکي ڊيڄارينيون آھن
سچ لکندس
 دوست ناراض ٿي ويندا
تنھا ٿي ويندس
وري دليل ڏينديون آھن
خدا به ته اڪيلو آ
مصلحتون،ماڻھپو
قائدا ،قانون
مذھبي ،سماجي
ٻنڌڻ
..................منھنجي آزادي
منھنجون سوچون
ڦيرائي جُز کان
ڪُل طرف
آڻينديون آھن
منھنجون سوچون
ڀٽڪنديون رھنديون آھن
سمھنديون ناھن


بس ڇا ڪيان يار...دل روئي ٿي.....

شاعري؛ذوالفقاربھڻ
بس ڇا ڪيان يار...دل روئي ٿي.....
دل روئي نير وهائي ٿي.....
انسان جي انسان هٿان
تذليل ڏسي
دل روئي ٿي.نير وهائي ٿي

مان ته آدم آھيان،
مرڻو ناھيان.
ازل تائين رھڻو آھيان
جڏھن
ڪُن فيڪون جو اَمرُ ٿيو ھو
مان تڏھن کان آھيان
پوءِ به.........
ڇا ڪيان..
پنھنجي بي وسي تي
روئي ڏيان ٿو...
مونکي ورھايو ويو آ،
مذھبن ۾،ملڪن ۾،
طبقن ۾،جنسن ۾،
زبانن ۽ ذاتين ۾........
ڪنھن کي ڏوھ ڏيان؟
پنھنجي بي وسيءَ تي
دل روئي ٿي.....
نير وھائي ٿي
بس ڇا ڪيان يار....

ڪُسن جنھن ڏيھ ۾, ڳڀرو ڏيھاڙي


ڪُسن جنھن ڏيھ ۾, ڳڀرو ڏيھاڙي
ڪھڙي ڏياري، ملھايان مان سنڌ ۾

شاعري؛ذوالفقاربھڻ

Happy Diwali to all my friends.ڏياريءَ جون واڌايون

Happy Diwali to all my friends .Zulfiqar Behan.
************************************
اوھان دوستن کي ڏياريءَ جون واڌايون
انڌيرا سدائين مقـــــــــدر ۾ ڇو؟
بس-پنھنجي حصي جو ڏيئـو ٻار
جـــــڳ سمـــورو روشـــن ٿيندو.
شاعري- ذوالفقار بھڻ

پٿر جي ڪا دلڙي ھجي ھا روز ائين نه سوڳ ھجي ھا رشتا ناتا،پوشاڪ ته ناھن تن کي نڀائڻ، نه ڀو ڳ ھجي ھا ذوالفقاربھڻ

پٿر جي ڪا دلڙي ھجي ھا
روز ائين نه سوڳ ھجي ھا
رشتا ناتا،پوشاڪ ته ناھن
تن کي نڀائڻ، نه ڀو ڳ ھجي ھا
ذوالفقاربھڻ
 

ڀورو صبح-ڪاري رات


ڀورو صبح-ڪاري رات
**************
ڌرتي ماءُ جي ڀاڪُرُ مان
جڏھن سندس ٻچي کي،
ڇڪي ڪڊيو ويو......
ماءُ رڙيون ڪيون....
دانھون ڪيون......
ھن کي منھنجي ھنج ۾ رھڻ ڏيو..
ڏاڊو ٿڪل, ٽٽل آ،
آرامي آ,منھنجو بچڙو...
بيمار سوچ واري سماج
سندس ھڪ نه ٻڌي....
وقت پنھنجو وار ڪيو.............
ھوا ڌوڙ وسائي
سورج گيڙو وڳو پاتو...
چنڊ شرم وچان
ڪڪرن ۾ منھن لڪايو...
ڪاري رات
ڀوري صبح کي،
روئي بي حال ٿي وئي.
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ


استاد کي سلام آ
مان اندواھين ۾,
ڀٽڪي رھيو ھُوس...
شعور جا دروازا کوليا,
منھنجي استاد
ھُو جو روشنين جو امين آ,
منھنجو رھبر منھنجو يقين آ
منھنجو وار ُوارُ سندس قرضي
اُنَ استاد کي سلام آ