Posts

تنھا تنھا ڇالاء رلين ٿو

Image
تنھا تنھا ڇالاء رلين ٿو سُورَ اسان سان ڇونه سلين ٿو؟ رِمِ جِھم رِمِ جِھم کڻي نيڻن ۾ دريا دريا ڇونه ھلين ٿو؟ ھِنَ کان ھُن کان پار پڇين مشڪل ڇاجي ڇونه ملين ٿو؟ ويراڳين جا وار سنواري سک جا پو ڇو پنڌ پڇين ٿو؟ اوجاڳن کي پائي ڀاڪُرَ ذوالفقار ڇالا پارَ ڪڊين ٿو شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

’’ووٽ‘‘ شاعراڻو پيغام:ذوالفقاربھڻ

Image
’’ووٽ‘‘ شاعراڻو پيغام:ذوالفقاربھڻ ************************* ووٽ قوم جي امانت آ ووٽ مستقبل جي ضمانت آ او ادا، او ڀيڻ ووٽ ڪرڻ کان پھريان وري وري سوچجان ڪير يار آ، ڪير مڪار آ سوچي سمجھي ووٽ ڪجان برادرين ۾ ،ڇو پاڻ کي بند ڪيو اٿئي؟ ذات کان قومي مفاد اتم اٿئي.... پنھنجو فرض، ڌرتيءَ جو قرض سمجھي لاھجان او ادا، او ڀيڻ ووٽ ڪرڻ کان پھريان وري وري سوچجان ڪير يار آ، ڪير مڪار آ سوچي سمجھي ووٽ ڪجان پنھنجو صرف ڀڀ ڀري تنھنجي مٿي تان ڇت پيرن ھيٺان زمين کسڪائي چڏي اھڙي ڪردار کي کُٿو جواب ڏجان او ادا، او ڀيڻ ووٽ ڪرڻ کان پھريان وري وري سوچجان ڪير يار آ، ڪير مڪار آ سوچي سمجھي ووٽ ڪجان

اَمن کي جيئرو ڪريون؛ شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

Image
اَمن کي جيئرو ڪريون؛ شاعري؛ ذوالفقاربھڻ *************** اُميدن جا سڏڪا مستقبل ڳڀا ڳڀا نيڻ پاڻي جي درياءَ ۾ ٻڏل جھورُ اکين جي آس جلاوطن ٿي وئي درد جون دونھيون گھرگھر ريھون واڪا نڙيءَ نڙيءَ ڦاٿل ڪنھن ماءُ جا اُلڪا بيوھ جي درد جي پيمانو.... ڪاش ڪو سمجھي يتيمي جو عذاب ڪيئن تبديلي کان پوءِ لڳندو آھي ٽھڪن وارو گھر ُسُڏڪن وارو گھر ڪاش ڪو سمجھي... وحشي قاتل تو ۾ مون ۾ آھي لڪل ڇونه ٿو مارين ان کي ڪيسيتائين آخر ڪيسيتائين نامعلوميت جو رينگٽ ھاڻي بند ڪر اچُ،اچُ، اچُ مصلحتون ٽوڙيون موت کي دفن ڪري اَمن کي جيئرو ڪريون

sndhi Ghazal

Image
ڪيئن مڃان ھٿ جي لڪـــــيرن ۾ ناھين تون ساھَ ۾ آھين منھنجي ويساھَ ۾ آھين ضبط جا بند ٿا ٽُٽَنِ،پرواھ ڇا ماڻھون چَون ڪجھ نظر ڪونه اچي جيڪر نگاھ ۾ آھين مرڪ، خوشيون رنگ موسم جا ڀلي ڪھڙا ھجن ھر گھڙي وَرَ  وَرَ، سمورن ماھ ۾ آھين ھيءُ مِٽيءَ جو يار پتلو ،تنھنجي آڱر تي نچي ھا- ۽  نه - جي ھر الستي  آ ھـــــــ ۾ آھين ھونئن ته آ بيڪار ھي ”ذوالفقار“ اي دل پوءِ به يوسف کي خريدڻ جي چاھ ۾ آھين ڪيئن مڃان ھٿ جي لڪـــــيرن ۾ ناھين تون ساھ ۾ آھين منھنجي ويساھ ۾ آھين

شاعري؛ ذوالفقاربھڻ پيار کي ڏينھنِ ۾ قيد نه ڪَرِ

Image
https://www.facebook.com/SindhiPoetryZulfiqarBehan 13-02-2013شاعري؛ ذوالفقاربھڻ پيار کي ڏينھنِ ۾ قيد نه ڪَرِ پياراحساس آ پيار وشواس آ پيار کٽندو نه آ پيار سمھندو نه آ پيارجو نه ڪوئي ويس آ پيار جونه ڪوئي ديس آ پيار آفاقيت پيار نازڪ پکي پيار ڪر تون سَکي پيار مُرڪ آ ٻار جي پيار سُرڪ آ سار جي وقت گھڙين سان ھِن جو ڀيد نه ڪَرِ پيار کي ڏينھنِ ۾ قيد نه ڪَرِ پيار خالق جي سھڻي ڪا تخليق آ پيار سالڪ جي رياضت، جي جيت آ پيار ممتا، محبوب، ڀاءُ، پتا پيار ڀيڻ جي ڳيچن جي آھي صدا پيار آھي ازل پيار آھي ابد پيار عابد پيار زاھد پيار تقويٰ پيار ايمان پيار انسان سان پيار حيوان سان پيار ھر چرند ۽ پرند سان ڪَرِ پيار کي ڏينھنِ ۾ قيد نه ڪَرِ پيار ڌرتيءَ سان جائز پيار ٻوليءَ سان جائز پيار ھر قوم سان پيار پنھنجي قوم سان پيار فطرت سان پيار ترقيءَ سان پيار علم سان ۽ شعور سان پيار سھڻي سان ڪوجھي سان ذوالفقارپيار جي ڪا تعين حد نه ڪَرِ پيار کي ڏينھنِ ۾ قيد نه ڪَرِ piyar khy denhan main qaid na kar piyar ahisaas aa piyar vishvas aa piyar khutando na aa piyar sumhando na aa

Sindhi Ghazal By Zulfiqar Behan

Image
اسان جيان اسانجا نصيب غريب رھيا وفائن جا جفائن جا قصا عجيب رھيا سُکُ، شانتي سُڃَ ۾ ڀٽڪي ٿڪجي پيا ڇانوَ ٿڌڙي ھيرَ ، چوماسا به رقيب رھيا قدم قدم قلمَ جي حرمت وڪڻندڙ وقت جي ستم ظريفي سي اديب رھيا سور وڌندو رھيو مفلس تي وياج وانگر سڀ ڇڏي ويا پر درد ئي حبيب رھيا وقت ڪٽيندو رھيو عمرگھٽجندي رھي روح پٿر جا سھي تن ۾ به فريب رھيا فڪر معاش منھنجي تخليق کي قتل ڪيو ذوالفقار تنھنجي نظمن ۾ به عيب رھيا شاعري؛ ذوالفقاربھڻ —  
Image
مسلم، ھجين،ھندو ھجين يا ڀلي عيسائي انتھاپسندي پکيڙي تو آ، انسانيت لڄائي پيار,امن،مرڪ وڻي سونھن ھر ھڪ کي- تو ڇو آھي , نفرت جي باھ ڀڙڪائي ؟؟ شاعري؛ ذوالفقاربھڻ  

الائي ڇونٿا توکي نظر اچن;شاعري؛ذوالفقاربھڻ

Image
الائي ڇونٿا توکي نظر اچن;شاعري؛ذوالفقاربھڻ ************************** ******* الائي ڇونٿا توکي نظر اچن منھنجي شھر ۾ روز ٿا شاھزيب قتل ٿين ڪو ڏينھن ناھي خالي ڪنھن رات ناھي ناغو ڪي ڦوھ جوانيٕ ۾ ڪي معصوم ٿا اجل ٿين لائي ڇونٿا توکي نظر اچن ڪنھن يتيم جي دانھن ڪنھن ماءُ جا سڏڪا ڪنھن بيوھ جازلف پريشان ھت پنج ئي وقت پيا رت سان غسل ٿين الائي ڇونٿا توکي نظر اچن قاتل پوء به قاتل آھي شھري توڙي ڳوٺاڻو آھي ماءُ کان ڀل تون پڇي ڏس نٿا سُورَ وڇوڙي جا سڦل ٿين الائي ڇونٿا توکي نظر اچن منھنجي شھر ۾ روز ٿا شاھزيب قتل ٿين  

Happy New Year to All my friends

Image
الودع 2012......ڀليڪار2013 قدم قدم امتحان ،گھڙي گھڙي گھاوَ ڏکن سيکاريا وانوَ،صبر جا سورن ۾ شاعري ذوالفقاربھڻ

اچ فيسبڪ بازار گھمون Sindhi Poetry about facebook

Image
اچ فيسبڪ بازار گھمون جتي ھرڪو پنھنجي تعريف , ٻڌڻ لاء،داڻو ، ڄار اڇلي شڪار ڳڻي رھيو آ جتي ھر ڪنھن کي ڪوجھو ئي سھي پر پنھنجو پيارو آ جتي ھر قسم جو وکر کپائڻ لاء، واڏا وڏا ڊنگ ننڊون ڦٽائي رھيا آھن اچ فيسبڪ بازار گھمون جتي سچ ۽ ڪوڙ سڳا ڀائر آھن جتي وقت جا اشراف به وھڪري ۾ وھي ويندا آھن جتي ڪاڪ جو آ طلسم خيالي دنيا حقيقي ويس پوء به انھي دنيا ۾ سچ سوڀارو آ اچ فيسبڪ بازار گھمون واھ واھ جي دنيا اٿئي ناٽڪي نورتن اٿئي روميو، جوليٽ، مجنون ۽ سقراط اٿئي جتي وني ۽ ور ھڪ ٻئي کي ٺڳيندو آ.... جتي رات ٿيندي ئي ناھي موڪل جو گمان به ناھي جتي ڪنھنجا گھر ڊھندا ته ڪنھنجا ٺھندا آھن جتي روز اسٽيٽس وانگي پرين پيارا بدلبا آھن جتان انقلاب اڀرندا ھن جتي علم شعور سرور ۽ سورُ اچ فيسبڪ بازار گھمون جتي نازڪ ناريون آرس ڀڄندي جوانن جون ننڊون چورائينديون آھن جتي سڀ ڪجھ اٿيئ جيڪو چاھين جنھن گھٽي وڃڻ چاھين۔۔۔ اچ فيسبڪ بازار گھمون جتي وڻ وڻ جي ڪاٺي اٿئي ھڪ ڳوٺ اٿئي ھڪ دنيا اٿئي ڇڏ،يار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واپس ھلون....... ھتي گھڻو ڪجھ اٿئي ٿڪجي پونداسين پاڻ ختم ٿي وينداسين بازار

10 December human rights day شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

Image
10 December human rights day شاعري؛ ذوالفقاربھڻ اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي ھر جيوَت سان پيار ھجي جتي نفرت جو نه واپار ھجي جتي پيار ھجي ،بس پيار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي سھڻي نه سنگسار ٿئي جتي جوڀن نه ئي گار ٿئي جتي سوچ تي نه وار ٿئي جتي ڏاڊ جي بس ھارھجي ااھڙوسکيو سنسار ھجي ھي طبقاتي نظام ڇو؟ ھي نوڪر آقا مذدور ڇو؟ ھي چوري؟ جو ڪاروبارڇو؟ جتي ھاري حقدار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي ناحق، نه ڪو ماريو وڃي جتي سقراطي زھر، نه پياريو وڃي جتي شعور کي، نه چيٿاريو وڃي جتي آزاديء اظھار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي ماءُ جي نه، ڪک اجڙي جتي ڀيڻ کان نه، ڀاءُ وڇڙي جتي وني نه بي وس، پئي پڄري جتي پيءُ تي ڌيءُ، نه بار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي خدمت فرق بنا ٿئي جتي محبت نه فنا ٿئي جتي ظالم جي نه ثنا ٿئي جتي درسگاھن ۾ غورويچارھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي قلم مان نه بارود نڪري جتي ساڃھ ۽ نه سچ وکري جتي سج تپش مان سگھ اڀري جتي سادو ذوالفقار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي