Posts

Happy New Year to All my friends

Image
الودع 2012......ڀليڪار2013 قدم قدم امتحان ،گھڙي گھڙي گھاوَ ڏکن سيکاريا وانوَ،صبر جا سورن ۾ شاعري ذوالفقاربھڻ

اچ فيسبڪ بازار گھمون Sindhi Poetry about facebook

Image
اچ فيسبڪ بازار گھمون جتي ھرڪو پنھنجي تعريف , ٻڌڻ لاء،داڻو ، ڄار اڇلي شڪار ڳڻي رھيو آ جتي ھر ڪنھن کي ڪوجھو ئي سھي پر پنھنجو پيارو آ جتي ھر قسم جو وکر کپائڻ لاء، واڏا وڏا ڊنگ ننڊون ڦٽائي رھيا آھن اچ فيسبڪ بازار گھمون جتي سچ ۽ ڪوڙ سڳا ڀائر آھن جتي وقت جا اشراف به وھڪري ۾ وھي ويندا آھن جتي ڪاڪ جو آ طلسم خيالي دنيا حقيقي ويس پوء به انھي دنيا ۾ سچ سوڀارو آ اچ فيسبڪ بازار گھمون واھ واھ جي دنيا اٿئي ناٽڪي نورتن اٿئي روميو، جوليٽ، مجنون ۽ سقراط اٿئي جتي وني ۽ ور ھڪ ٻئي کي ٺڳيندو آ.... جتي رات ٿيندي ئي ناھي موڪل جو گمان به ناھي جتي ڪنھنجا گھر ڊھندا ته ڪنھنجا ٺھندا آھن جتي روز اسٽيٽس وانگي پرين پيارا بدلبا آھن جتان انقلاب اڀرندا ھن جتي علم شعور سرور ۽ سورُ اچ فيسبڪ بازار گھمون جتي نازڪ ناريون آرس ڀڄندي جوانن جون ننڊون چورائينديون آھن جتي سڀ ڪجھ اٿيئ جيڪو چاھين جنھن گھٽي وڃڻ چاھين۔۔۔ اچ فيسبڪ بازار گھمون جتي وڻ وڻ جي ڪاٺي اٿئي ھڪ ڳوٺ اٿئي ھڪ دنيا اٿئي ڇڏ،يار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واپس ھلون....... ھتي گھڻو ڪجھ اٿئي ٿڪجي پونداسين پاڻ ختم ٿي وينداسين بازار

10 December human rights day شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

Image
10 December human rights day شاعري؛ ذوالفقاربھڻ اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي ھر جيوَت سان پيار ھجي جتي نفرت جو نه واپار ھجي جتي پيار ھجي ،بس پيار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي سھڻي نه سنگسار ٿئي جتي جوڀن نه ئي گار ٿئي جتي سوچ تي نه وار ٿئي جتي ڏاڊ جي بس ھارھجي ااھڙوسکيو سنسار ھجي ھي طبقاتي نظام ڇو؟ ھي نوڪر آقا مذدور ڇو؟ ھي چوري؟ جو ڪاروبارڇو؟ جتي ھاري حقدار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي ناحق، نه ڪو ماريو وڃي جتي سقراطي زھر، نه پياريو وڃي جتي شعور کي، نه چيٿاريو وڃي جتي آزاديء اظھار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي ماءُ جي نه، ڪک اجڙي جتي ڀيڻ کان نه، ڀاءُ وڇڙي جتي وني نه بي وس، پئي پڄري جتي پيءُ تي ڌيءُ، نه بار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي خدمت فرق بنا ٿئي جتي محبت نه فنا ٿئي جتي ظالم جي نه ثنا ٿئي جتي درسگاھن ۾ غورويچارھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي جتي قلم مان نه بارود نڪري جتي ساڃھ ۽ نه سچ وکري جتي سج تپش مان سگھ اڀري جتي سادو ذوالفقار ھجي اھڙوسکيو سنسار ھجي
Image
    مونکي بچايو آ، منھنجن دوستن ڪيڏو وکري وڃان ھان!!! جيڪر نه ھجن ھان ڪتاب شاعري؛ذوالفقاربھڻ    

ملان ! بيشڪ نماز پڙھاءِ،

Image
ملان ! بيشڪ نماز پڙھاءِ، نفرت ڇو پيو پڙھائين ؟ مذھبَ محبت جي علامتَ پيار،امن ڇونه ٿو پڙھائين؟

اسان جيان اسانجا نصيب به غريب رھيا

Image
اسان جيان اسانجا نصيب به غريب رھيا وفائن جا جفائن جا قصا به عجيب رھيا سُکُ، شانتي سُڃَ ۾ ڀٽڪي ٿڪجي پيا ڇانوَ ٿڌڙي ھيرَ ، چوماسا به رقيب رھيا قدم قدم قلمَ جي حرمت وڪڻندڙ ويڪائو وقت جي ستم ظريفي سي به اديب رھيا سور وڌندو رھيو مفلس تي وياج وانگر درد ڄمندي ئي گڏ رھيا حبيب جيان وقت ڪٽيندو رھيو عمرگھٽجندي رھي روح پٿر جا ھئا تن ۾ به فريب رھيا شاعري؛ ذوالفقاربھڻ  

Zulfiqar Behan

Zulfiqar Behan

ڌرتي امن گھري ٿي.

Image
بَرلن ڀِتِ پَٽُ ٿي وئي ايڪويھين صدي ۾ نفرت جي ڀت اڏڻ وارا ٻڌ!!! ڌرتي امن گھري ٿي.... ھي اڃايل،بکايل ايٿوپيا جو ڏيک ڏيندڙ ماني ڳڀو پنھنجا وسيلا، ۽ سک جا خواب ڳولين ٿا ديوارون،سرحدون لاشن تي تعمير ٿينديون ھن بک، بدحاليءَ،بيماريءَ قبرستان آباد ڪري ڇڏياھن..... پيار امن،خوشحالي جو ڏڪارڇو؟ ڌرتي امن گھري ٿي. ..  

مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ؛شاعري؛ذوالفقاربھڻ

Image
مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ؛شاعري؛ذوالفقاربھڻ ************************** ******* مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ جن گھر گھر ۾ آ باھ لڳائي ماءُجي آھي ٿڃ لڄائي تن سان ھن کي وڙھندي ڏٺو آ مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ ڪا اک روئي ٿي، پار ڪڊي ٿي ھئي ھئي ھينئان دار ڪري ٿي ڪنھن ڇوليءَ کي ڇلندي ڏٺو آ مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ آ رات ڇسي، ۽ ڏينھن بي رنگ ڇو گھر گھر جھيڙو، جيئڻ آ تنگ پاڻ ۾ ھي پيا ڇوٿا وڙھن ڪرب ۾ ڪنھنکي ڪڙھندي ڏٺو آ مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

ملالا موٽي آ,sindhi poetry Come Back Malala

Image
translated a sindhi poetry  poet zulfiqar behan and translator in roman hindi......indira shabnam indu malala lout aa taleem hai zindgi  jahaliyat hai mout mout ko mout do.. malala lout aa aman aman chahiye  khushhal apne desh chahiye andhere soochoon ko  mout do. malala lout aa rung titliyan.muskan  khushboo chahiye gulaboon ko goondh lo  malalalout aa jung ka sooch hai  us se tumko kiya  bs aman ko oot do malala lout aa..... .malala lout aa ........................indira  shabnam indu شاعري؛ذوالفقاربھڻ ملالا موٽي آ علم آھي زندگي، جھالت آ موت موت کي موتَ ڏئي ملالا موٽي آ امن امن امن گھرجي خوشحال پنھنجو وطن گھرجي اونداھي سوچ کي ڪوٽ ڏئي مالالا موٽي آ رنگ, پوپٽ ،سونھن، مرڪ ۽خوشبوء ٿي گھرجي گلابن کي جوٽَ ڏئي مالالا موٽي آ جنگ جن جي سوچ آ تن سان تنھنجو ڇا بس امن کي اوٽ ڏئي ملالا موٽي آ

غزل-Ghazal

Image
Album: Public ھوا ۾ سڏڪاھن رات روئي ٿي صدا ۾ سڏڪاھن رات روئي ٿي پريتم توکي ياد ڪري ٿو شرير ٻري نيڻ رتا ڇلڪيا ھن رات روئي ٿي چنڊ جي وارن ۾ چاندني پائي ليئا جوڀن ۾ الڪا ھن رات روئي ٿي شام جو عڪس ڪيڏو بي رونق سمنڊ ڪنارا ڇلڪيا ھن رات روئي ٿي ھوا ۾ سڏڪاھن رات روئي ٿي صدا ۾ سڏڪاھن رات روئي ٿي شاعري؛ ذوالفقاربھڻ  —