اسان جيان اسانجا نصيب به غريب رھيا


اسان جيان اسانجا نصيب به غريب رھيا

وفائن جا جفائن جا قصا به عجيب رھيا

سُکُ، شانتي سُڃَ ۾ ڀٽڪي ٿڪجي پيا
ڇانوَ ٿڌڙي ھيرَ ، چوماسا به رقيب رھيا

قدم قدم قلمَ جي حرمت وڪڻندڙ ويڪائو
وقت جي ستم ظريفي سي به اديب رھيا

سور وڌندو رھيو مفلس تي وياج وانگر
درد ڄمندي ئي گڏ رھيا حبيب جيان

وقت ڪٽيندو رھيو عمرگھٽجندي رھي
روح پٿر جا ھئا تن ۾ به فريب رھيا
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ
 

ڌرتي امن گھري ٿي.



بَرلن ڀِتِ پَٽُ ٿي وئي

ايڪويھين صدي ۾

نفرت جي ڀت اڏڻ وارا

ٻڌ!!! ڌرتي امن گھري ٿي....

ھي اڃايل،بکايل

ايٿوپيا جو ڏيک ڏيندڙ

ماني ڳڀو

پنھنجا وسيلا،

۽ سک جا خواب ڳولين ٿا

ديوارون،سرحدون

لاشن تي تعمير ٿينديون ھن

بک، بدحاليءَ،بيماريءَ

قبرستان آباد ڪري ڇڏياھن.....

پيار امن،خوشحالي جو ڏڪارڇو؟

ڌرتي امن گھري ٿي...
 

مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ؛شاعري؛ذوالفقاربھڻ


مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ؛شاعري؛ذوالفقاربھڻ
*********************************
مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ
جن گھر گھر ۾ آ باھ لڳائي
ماءُجي آھي ٿڃ لڄائي
تن سان ھن کي وڙھندي ڏٺو آ
مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ

ڪا اک روئي ٿي، پار ڪڊي ٿي
ھئي ھئي ھينئان دار ڪري ٿي
ڪنھن ڇوليءَ کي ڇلندي ڏٺو آ
مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ

آ رات ڇسي، ۽ ڏينھن بي رنگ
ڇو گھر گھر جھيڙو، جيئڻ آ تنگ
پاڻ ۾ ھي پيا ڇوٿا وڙھن
ڪرب ۾ ڪنھنکي ڪڙھندي ڏٺو آ
مون رات ڀٽائي رئندي ڏٺو آ
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

ملالا موٽي آ,sindhi poetry Come Back Malala

translated a sindhi poetry 
poet zulfiqar behan and
translator in roman hindi......indira shabnam indu
malala lout aa
taleem hai zindgi 
jahaliyat hai mout
mout ko mout do..
malala lout aa

aman aman chahiye
 khushhal apne desh chahiye
andhere soochoon ko 
mout do.
malala lout aa

rung titliyan.muskan
 khushboo chahiye
gulaboon ko goondh lo
 malalalout aa

jung ka sooch hai
 us se tumko kiya
 bs aman ko oot do
malala lout aa.....
.malala lout aa

........................indira shabnam indu

شاعري؛ذوالفقاربھڻ
ملالا موٽي آ
علم آھي زندگي،
جھالت آ موت
موت کي موتَ ڏئي
ملالا موٽي آ


امن امن امن گھرجي

خوشحال پنھنجو وطن گھرجي
اونداھي سوچ کي ڪوٽ ڏئي
مالالا موٽي آ

رنگ, پوپٽ ،سونھن،

مرڪ ۽خوشبوء ٿي گھرجي
گلابن کي جوٽَ ڏئي
مالالا موٽي آ

جنگ جن جي سوچ آ

تن سان تنھنجو ڇا
بس امن کي اوٽ ڏئي
ملالا موٽي آ

غزل-Ghazal



ھوا ۾ سڏڪاھن رات روئي ٿي
صدا ۾ سڏڪاھن رات روئي ٿي

پريتم توکي ياد ڪري ٿو شرير ٻري
نيڻ رتا ڇلڪيا ھن رات روئي ٿي

چنڊ جي وارن ۾ چاندني پائي ليئا
جوڀن ۾ الڪا ھن رات روئي ٿي

شام جو عڪس ڪيڏو بي رونق
سمنڊ ڪنارا ڇلڪيا ھن رات روئي ٿي

ھوا ۾ سڏڪاھن رات روئي ٿي
صدا ۾ سڏڪاھن رات روئي ٿي
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ
 — 

A Tribute to Malala Yousafzai sindhi poem by Zulfiqar Behan



A Tribute to Malala Yousafzai
************************



اڃا ٿَڪيا ناھيون۔

نه حوصلا پوڙھا ٿيا ھن

ا۔ھي قيد کي ڦٽڪا

ڦاھا،راتاھا...

اميد جو ڏيئو

نه وسائي سگھيا ھِن۔

ھا....

سوچن جا وارَ

جي، اَڇا ٿي ويا ھِن

پر۔۔۔۔

حوصلا

 رُڪَ جيان

پڪا ٿي ويا ھِن۔


شاعري؛ ذوالفقاربھڻ — at Karachi, Sindh.

 — at Karachi, Sindh.

اھڙوسکيو سنسار ھجي



اھڙوسکيو سنسار ھجي
جتي ھر جيوَت سان پيار ھجي
جتي نفرت جو نه واپار ھجي
جتي پيار ھجي ،بس پيار ھجي
اھڙوسکيو سنسار ھجي

جتي سھڻي نه سنگسار ٿئي
جتي جوڀن نه ئي گار ٿئي
جتي سوچ تي نه وار ٿئي
جتي ڏاڊ جي بس ھارھجي
ااھڙوسکيو سنسار ھجي

ھي طبقاتي نظام ڇو؟
ھي نوڪر آقا مذدور ڇو؟
ھي چوري؟ جو ڪاروبارڇو؟
جتي ھاري حقدار ھجي
اھڙوسکيو سنسار ھجي

جتي ناحق، نه ڪو ماريو وڃي
جتي سقراطي زھر، نه پياريو وڃي
جتي شعور کي، نه چيٿاريو وڃي
جتي آزاديء اظھار ھجي
اھڙوسکيو سنسار ھجي

جتي ماءُ جي نه، ڪک اجڙي
جتي ڀيڻ کان نه، ڀاءُ وڇڙي
جتي وني نه بي وس، پئي پڄري
جتي پيءُ تي ڌيءُ، نه بار ھجي
اھڙوسکيو سنسار ھجي


جتي خدمت فرق بنا ٿئي
جتي تاريخ سان نه زنا ٿئي
جتي ظالم جي نه ثنا ٿئي
جتي درسگاھن ۾ غورويچارھجي
اھڙوسکيو سنسار ھجي

جتي قلم مان نه بارود نڪري
جتي ساڃھ ۽ نه سچ وکري
جتي سج تپش مان سگھ اڀري
جتي سادو ذوالفقار ھجي
اھڙوسکيو سنسار ھجي

شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

سونھن لَڏي پئي


https://www.facebook.com/photo.php?fbid=429632210412127&l=2fd2f73911
سونھن لَڏي پئي
سنڌ روئي پئي
سنڌي ھندو،
مورَ لڏين پيا
ڌرتيٕ ڌڻي

رُئندي رُئندي
ڀُونءِ ڇڏين پيا
ڀَٽَ نگر تي
ڪارونجھر تي
ڪا اک روئي پئي
رُوحَ روئن پيا
چاڪ چڪن پيا
بس پار نه ڪَڊُ
ڪا راھ ئي ڪَڊُ
اُٿُ سونھن بچاءِ
اُٿُ ڀونءِ بچاءِ
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

شمشيرحيدري کي ڀيٽا;شاعري؛ ذوالفقاربھڻ


شمشيرحيدري کي ڀيٽا;شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

تعزيتون ٿينديون 

ميڙا مچندا

سڏڪا ھوندا

چرچا ھوندا

ھرڪو چوندو

ڏاڊو چڱو ھو

پر

 ڏاڊو ڏور ھليو ويندس

موٽي مُورُ نه ايندس 

دردن دل کي ڳاري ڇڏيو

سورن سند سند ساڙي ڇڏيو

سمجھي ڪوئي نه سگھيو اسان کي

سور سيني ۾ سانڊي ويندس

موٽي مُورُ نه ايندس

  شاعر لکندا شاعري 

ليکاري لکندا ليک

پيارپکيڙيو جنگ سان جھيڙيو 

پيارئي پيار پکيڙي ويندس 

موٽي مُورُ نه ايندس 

موٽي مُورُ نه ايندس





https://www.facebook.com/photo.php?fbid=430108667031148&l=46b3c3f658
نثري نظم شاعري؛ ذوالفقار بھڻ
روڊ ڀرسان
وڻن پٺيان
ھُو جو ڳوٺ آ
جھڙالي مست موسم آ
ڪيڏو دلڪش نظارو آ
انھيٕ واھڻ ۾ ڪا اپسرا
اوسيئڙي ۾ آ
ھيءَ ڪوئل جي ڪو ڪو
وڻن جي ٽارين جو ناچ
ھي پوپٽ
ٻارن جون رانديون
ھڪ جيڏين جا جھرمٽ
پوءِ به........
دل ، پنڃري ۾ بند پکيءَ جيان
اکين ۾ سڪ جا موتي
اوجاڳن جو ٿڪ۔۔۔
سندس شرير کي
سمنڊ جي سپ جيان
طلب آ پنھنجي محبوب
بارش جي بوندن جي
پنھنجي منھن پئي ٿي جھونگاري
‘‘منھنجو سانول ايندو
بوندين ڀڄندس
منھنجو سانول ايندو .
روڊ ڀرسان
وڻن پٺيان
ھُو جو ڳوٺ آ