Sindhi Fonts Free download سنڌي فونٽ

فري ڊائونلوڊ ڪيو
سنڌي فونٽ

سنڌيءَ جا 190 فونٽ ڊاؤنلوڊ 

سنڌيءَ جا 190 فونٽ ڊاؤنلوڊ 
Zulfiqar Behan
ذوالفقاربھڻ

Sindhi Fonts Free download سنڌي فونٽ

سنڌيءَ جا 190 فونٽ ڊاؤنلوڊ ڪريوhttp://www.sindhsalamat.com/threads/%D8%B3%D9%86%DA%8C%D9%8A%D8%A1%D9%8E-%D8%AC%D8%A7-190-%D9%81%D9%88%D9%86%D9%BD-%DA%8A%D8%A7%D8%A4%D9%86%D9%84%D9%88%DA%8A-%DA%AA%D8%B1%D9%8A%D9%88.554/

Renewed Poet Hassan Dars حسن درس جي پھرين ورسي.


نوجوان شاعرن جي اڳواڻ شاعر حسن درس جي پھرين ورسي.
خوبصورت شاعر حسن درس جي وڇوڙي تي لکيل نثري نظم) شاعري؛ذوالفقاربھڻ.
ان رات....
چند جي بي وسي،
تخليقڪارن جي مشاھدي،
ضرور
ڪو انت ڳوليو ھوندو...
ڪاش!
چنڊ جي پيڙا
ڪوسمجھي ھا...
روح پاتال تائين
سڏڪيو ھو ....
نيڻ
پاڻي جي سمنڊ ۾ ٻڌي ويا
سچ صبح ٿيندي ئي
موڪلائي ويو
June 15/16 it was total lunar Eclipse in Pakistan.

17-6-2011

, poem written





dfsfdlbum: Public




چنڊ چٿرون نه ڪر
انگ اگھاڙا ڏسي
ٻار بکارا ڏسي
بادلن جي اوٽ ۾
وڃ لڪي وڃ لڪي
مونتي الرون نه ڪر
چنڊ چٿرون نه ڪر

جھوپا جھريل منھنجا
خواب ڀُريل منھنجا
او عالم، او شاعر
عشق جون فشق جون
ايڏيون پچرون نه ڪر
چنڊ چٿرون نه ڪر

ٿو سچ ڪئوڙو لڳئي
سج کان تون پنين
گدا مونکي چئين؟
تون به سوالي آھين
منھجي بيوسي تي
ڪرڙيون نظرون نه ڪر
چنڊ چٿرون نه ڪر
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ
 







Happy Mothers Day
سُورَصدما سھي، پيار نپائي ٿي
ڪيڏو انمول رشتـو آھي مـــــا ءُ




خوبصورت راڳي ماسٽر منظور کي ارپنا
هوا جي اڏار ۾،گيت منهنجا تو وٽ ايندا
******************************
هوا جي اڏار ۾،گيت منهنجا تو وٽ ايندا
سانوڻ۽بهار۾، گيت منهنجا تو وٽ ايندا

سنڌوءَجوڀن ، دادو مورو پل،
خيالن جي لار ۾،گيت منهنجا تو وٽ ايندا

نَظمَ غزل جي محفل،چانڊوڪي اڌَ رات
ڇيرن جي ڇنڪار ۾،گيت منهنجا تو وٽ ايندا

محبتن جو ڏڪار،ماڻهوءَ، ماڻهودشمن
اڻ ڳولئ انتظار۾،گيت منهنجا تو وٽ ايندا
 —






نفرتن نقصان ڏنو آ،
اچو ته پيار پکيڙيون
سنسار ٿئي سکيو
جھالت سان جھيڙيون






خوبصورت شاعر ۽ جاکوڙي نوجوان حسام ميمڻ جو انگريزي ۾ ترجمو



وشواس
بَڪتربندھيٺان
ِوشواسَ کان ٽَڙڪاٽَ نڪتا
پيار جو دورُ پيسجي ويو
گُلن بدلي گولي
ليوا ،ھوجمالو
لياريءَ جي گھٽين ۾
سڏڪن۾
سمھي پيو.
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ






منھنجي دل جي ويرانيءَ
۽
سنڌوءَ جي سڪي ٺوٺ ٿيڻ
۾
ڪيڌي نه ھڪجھڙائي آھي!!!
ذوالفقاربھڻ
 — 










عشق محبت تنھنجو مشغلو
مونکي اَنُ اَجھو مھانگو پيو آ
ذوالفقاربھڻ






تنھا تنھا ڇـــو پيو رليــــــن؟
سور اسان سان ڇو نٿو سلين؟

وَرَ وَرَ سنڌ جو ٿي پتنگ ڪو
ھَرَ ھَرَ سُوريٕءَ کي پيو چمين
 —