Posts

Image
منھنجي دل جي ويرانيءَ ۽ سنڌوءَ جي سڪي ٺوٺ ٿيڻ ۾ ڪيڌي نه ھڪجھڙائي آھي!!! ذوالفقاربھڻ  — 
Image
عشق محبت تنھنجو مشغلو مونکي اَنُ اَجھو مھانگو پيو آ ذوالفقاربھڻ
Image
تنھا تنھا ڇـــو پيو رليــــــن؟ سور اسان سان ڇو نٿو سلين؟ وَرَ وَرَ سنڌ جو ٿي پتنگ ڪو ھَرَ ھَرَ سُوريٕءَ کي پيو چمين  —

SHAH JO RISALOشاھ جو رسالو

شاھ سائين جو رسالو ( پهريون ڀاڱون ) سر ڪلياڻ داستان پهريون 1 اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛ قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛ والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛ سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛ ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي. 2 وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، جن اُتوسين ايمانَ؛ تن مڃيو مُحمَّدُ ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻ لِسانَ؛ اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمان، اَوَتڙِ ڪنهن نه اوليا. 3 اَوَتڙَ ڪنهن نه اوليا، سُتَڙِ ويا سالِمَ؛ هيڪائِي هيڪُ ٿيا، اَحَدَ سين عالِمَ؛ بي بها بالِمَ، آگي ڪيا اڳَهِين. 4 آگي ڪيا اڳَهِين، نسورو ئي نُورُ؛ لَا خَوفٌ عَلَيهِمۡ وَلَا هُمۡ يَحۡزَنُونَ، سچن ڪونهي سُور؛ مولي ڪيو مَعمُور، اَنگُ اَزَلَ ۾ اُنِ جو. 5 وَحۡدَهٗ جي وڍيا، اِلَا الله سين اورِينِ؛ هِنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورِينِ؛ معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندَرُ ڏورِينِ؛ سُک نه سُتا ڪڏهين، ويهي نه ووڙِينِ؛ ڪُلَهِنئُون ڪورِينِ، عاشق عَبۡدُاللَطِيفُ چئي. 6 وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَہٗ، ٻُڌءِ نه ٻوڙا؛ ڪه تو ڪنين سُئا، جي گَھٽَ اَندر گھوڙا؛ ڳاڙيندين ڳوڙها، جت شاهد ٿِيندءِ