Posts

Image
آزاد نظم سالن کان پوءِ آيو آھين ڪو ووٽ وٺڻ آيو آھين اجرڪ ٽوپي اوڙھيل سائين توکي ھٿ ٻڌان ٿو سائين چو ٿو منھنجا سور جاڳائين منھنجو ماس ٿو صدين کان کائين پوءِ به وري مڪاري ساڻ ڪو ووٽ وٺڻ آيو ھين ھي گھنج پيل چھرا ڏس ھي انگ اگھاڙا ٻارڙا ڏس آسنڌ سموري ڪيمپ جو عڪس توئي منھنجي سھڻي چمن کي منھنجي مٺڙي سنڌ وطن کي عالمي يتيمخانو بڻايو ھو مون کي رت رئاريو تو اڄ ايڏو مان به اياڻو ناھيان توکي توکان وڌ سڃاڻان چو ٿو ٺوھ ٺڳين جا ٺاھين ڪو ووٽ وٺڻ آيو آھين ھي سنڌ جو مستقبل ھي ھوشو ھي ٻاگھل علم قلم سان ھنر عمل سان پنھنجي ھمٿ سان پنھنجي ماءُ جي ٿڃ ملھائيندو سنڌ بچائيندو تون پنھنجو ڏي احوال ڪيئن آيو آھين؟ ڪو ووٽ وٺڻ آيو آھين شاعري ؛ذوالفقاربھڻ

Sindhi Installation and Sindhi Fonts

Sindhi Installation and Sindhi Fonts پنهنجي سسٽم ۾ سنڌ انسٽال ڪرڻ لاءِ هيٺيون سنڌي سافٽويئر ڊائون لوڊ ڪيو http:// bhurgri.com /MBSindhi2007.zip سنڌ ي فانٽ ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ٺڙڪ ڪريو http://bhurgri.com/MBFonts.exe پنهنجي سسٽم تي سنڌي انسٽال ڪرڻ جو طريقو سڀ کان پهرين ونڊوز ايڪس پي جي سي ڊي لڳايو ان کان پوءِ    اسٽارٽ مينيو مان سيٽنگز ۾ ڪنٽرول پينل واري آپشن تي   ٺڙڪ ڪريو. جڏهن ڪنٽرول پينل جي ونڊو کلي وڃي ته ان ۾ ريجنل ۽ لينگويجز واري آپشن تي ٻٽي ٺڙڪ ڪريو، اوهان جي سامهون هڪ ننڍي ونڊو کلندي جنهن ۾ اوهان لينگويج ٽيب تي ٺڙڪ ڪندو ته اتي توهان کي هن چيڪ باڪس آپشن   انسٽال فائيلس فار ڪامپليڪس اِسڪرپٽ اينڊ رائيٽ ٽو ليفٽ لينگويجز   کي چيڪ ڪندئو . ونڊوز پاڻ ئي مددي فائل سي ڊي روم مان ڪاپي ڪري وٺندو ڪجهه ئي دير ۾ ري اسٽارٽ جو آپشن ايندو توهان ان تي ييس ٺڙڪ ڪندئو. توهان جو سسٽم جيئن ئي ٻيهر مڪمل کلي وڃي ته توهان سنڌي سافٽويئر   ايم بي سنڌي 2007 جي سيٽ اپ کي رن ڪرڻ لاءِ ڊبل ڪلڪ (ٻٽي ٺڙڪ)ڪندئو ۽ ان کان پوءِ سيٽ اپ گهربل سنڌي انسٽاليشن پاڻ ئي ڪري   وٺندو. آخر ۾ سيٽ اپ مڪمل ٿيڻ
Image
آزاد نظم 22-8-2011 تيل،رت، ست دولت،مملڪت وحشت،دھشت، بربريت او انسانيت جي رت جا پياسي مونکي امن گھرجي، سک گھرجي سلامتي گھرجي سنسار سڄو شانتي گھرجي پنھنجا نظام پاڻ وٽ رک مونکي انسانيت جو نظام گھرجي مونکي امن گھرجي او ڪلاچيءَ جا ويري منھنجي بابا منھنجي ڀاءُ منھنجي پٽ منھنجي ور منھنجي اميدن منھنجي خوشين جو ناحق خون ڪيو تو آمونکي رت رئاريو تو او انسانيت جي رت جا پياسي مونکي امن گھرجي سک گھرجي سلامتي گھرجي سنسار سمورو شانتي گھرجي
Image
مختصرنظم07-8-2011 سنڌ جي وحدت تي تو ضرب ھنئي آ لطيف جي روضي مان آيتن بجائي سڏڪن جو آواز آيو آ‬

SINDHI ADABI ASSOCIATION FACEBOOK(SAAF): ٻيو عالمي آن لائين براھ راست سنڌي مشاعرو

SINDHI ADABI ASSOCIATION FACEBOOK(SAAF): ٻيو عالمي آن لائين براھ راست سنڌي مشاعرو

Zulfiqae behan Poetry

Image
تون چوين ٿو سنڌو ماتا کي ڪپي حصا ڪيون ڪنڌ ڌڙ ٽنگ ون ٻانھون جدا جدا ڪيون رت سان غسل ڪيون ڪو ڀڀڙ ڀڙڪايون......... اڻ ڄاڻ پيٽ باھ پٺيان ڊڪندڙ ڌرتي ڌڻي کي ……. ڊڪايون تون سمجھين ٿو ھي نسل در نسل ڪين مٽبا ق ڇڙوڇڙ رھندا …. تون نفرت جو ٻج پوکي محبت لڻندين؟ سچ تاريخ ۾ ڦ ٽ ڪاريو ويندين سنڌ قائم رھندي جيسين دنيا رھندي تون ملامتن سان دفنايو ويندين تون ملامتن سان دف ن ايو ويندين

چوسٽو

Image
درد کي درد سان ڀڄايون پاڻ کي پان سان ملايون ٿوھر جھڙي حياتي ڇو؟ زندگي زندگي سان ملايون شاعري؛ ذوالفقاربھڻ Like  ·   ·  Share