Posts

Image
آزاد نظم سالن کان پوءِ آيو آھين ڪو ووٽ وٺڻ آيو آھين اجرڪ ٽوپي اوڙھيل سائين توکي ھٿ ٻڌان ٿو سائين چو ٿو منھنجا سور جاڳائين منھنجو ماس ٿو صدين کان کائين پوءِ به وري مڪاري ساڻ ڪو ووٽ وٺڻ آيو ھين ھي گھنج پيل چھرا ڏس ھي انگ اگھاڙا ٻارڙا ڏس آسنڌ سموري ڪيمپ جو عڪس توئي منھنجي سھڻي چمن کي منھنجي مٺڙي سنڌ وطن کي عالمي يتيمخانو بڻايو ھو مون کي رت رئاريو تو اڄ ايڏو مان به اياڻو ناھيان توکي توکان وڌ سڃاڻان چو ٿو ٺوھ ٺڳين جا ٺاھين ڪو ووٽ وٺڻ آيو آھين ھي سنڌ جو مستقبل ھي ھوشو ھي ٻاگھل علم قلم سان ھنر عمل سان پنھنجي ھمٿ سان پنھنجي ماءُ جي ٿڃ ملھائيندو سنڌ بچائيندو تون پنھنجو ڏي احوال ڪيئن آيو آھين؟ ڪو ووٽ وٺڻ آيو آھين شاعري ؛ذوالفقاربھڻ