چوسٽو



درد کي درد سان ڀڄايون
پاڻ کي پان سان ملايون

ٿوھر جھڙي حياتي ڇو؟
زندگي زندگي سان ملايون
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

 ·  · Share

17-6-2011نثري نظم)


ان رات....
چند جي بي وسي،
تخليقڪارن جي مشاھدي،
ضرور
ڪو انت ڳوليو ھوندو...
ڪاش!
چنڊ جي پيڙا
ڪوسمجھي ھا...
روح پاتال تائين
سڏڪيو ھو ....
نيڻ
پاڻي جي سمنڊ ۾ ٻڌي ويا
سچ صبح ٿيندي ئي
موڪلائي ويو

شاعري ؛ ذوالفقار بھڻ
خوبصورت شاعر حسن درس جي وڇوڙي تي

فيض امن سيمينار ۽ اردو- سنڌي مشاعرو

5جون 2011 تي حيدر اباد  ۾ فيض ان سيمينار ۽ اردو سنڌي مشاعرو ٿيو،ھي شاندار پروگرام سنڌي ادبي سنگت ،  ثقافت کاتوحڪومت سنڌ ، انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي (CPCS) طرفان ڪوٺايو ويو ھو ، جنھن ۾ موسيقي جي محفل پڻ ٿي، ۽ وڏي تعداد ۾ اديبن شرڪت ڪئي.













سنڌ ي نياڻي ڏاڊي ڏکي آ ,گــھر ڌياڻي ڏاڊي ڏکي آ

سنڌ ي نياڻي ڏاڊي ڏکي آ
گــھر ڌياڻي ڏاڊي ڏکي آ


خودڪشي ،ڪاري، رت ۾ ڳاڙھي
ســـــور ڪھاڻي ڏاڊي ڏکي آ

اکين ۾ جھولا چپن تي تالا
ڪوٽ آکاڻي ڏاڊي ڏکي آ

رھنڊون رھنڊون انگ انگ جنھنجو
پـــريت پڄاڻي ڏاڊي ڏکي آ

 شاعري؛ ذوالفقار بھڻ



سنڌ ي نياڻي ڏاڊي ڏکي آ گــھر ڌياڻي ڏاڊي ڏکي آ




سنڌ ي نياڻي ڏاڊي ڏکي آ
گــھر ڌياڻي ڏاڊي ڏکي آ

خودڪشي ،ڪاري، رت ۾ ڳاڙھي
ســـــور ڪھاڻي ڏاڊي ڏکي آ

اکين ۾ جھولا چپن تي تالا
ڪوٽ آکاڻي ڏاڊي ڏکي آ

رھنڊون رھنڊون انگ انگ جنھنجو
پـــريت پڄاڻي ڏاڊي ڏکي آ

شاعري ذوالفقاربھڻ

توکان وسري وياسين

من توکان وسري وياسين
maan tokhan visiree viyaseen
وائ
شھر جي گوڙ ۾
زندگي جي ووڙ ۾
توکان وسري وياسين

ميت جيت ٿي پئي ھا
منزلن جي موڙ ۾
توکان وسري وياسين

رھزن رستي روڪ ڪئي
سچ جي پروڙ ۾
توکان وسري وياسين

سور سور ھو سڏڪيو
پيار جي توڙ ۾
توکان وسري وياسين

ڏينھن رات سک کي روئي
نفسا نفسي ڊوڙ۾
توکان وسري وياسين
شاعري؛ ذوالفقاربھڻ
مھرباني عوامي آواز ياد رکڻ جي شاعري شايع ڪرڻ جي
Sunday Magazine ::: Awami Awaz :::
http://magazine.awamiawaz.com/2011/24-04...

12-5-2011
غزل
تنـھنجي مـرڪ جھڙو گيت لکان
تنھنجي سونھن جھڙو سنگيت لکان

ھر جنم بس تنھنجو ساٿ ھجي
ھــڪ توکي ئي من ميت لکان

ڌرتي جي گولي تي ڪيڏو سونھين ٿي
سنـــڌ تنھنجي سونھن تي ويد لکان

سو عمر توتان قربان، منھنجي جان
توسان پنھنجوازلي رشتو کيت لکان

تنھنجي لب جي لالي ڇھندڙ ھرلفظ
رستـا رسـتا ٻانھون تولئه پريت لکان

Poetry Book named منھنجا خواب گلابن جھڙا Muhanja khuwab Gulaban Jahara

Poetry Book named منھنجا خواب گلابن جھڙا
Muhanja khuwab Gulaban Jahara

ڪتاب ”منهنجا خواب، گلابن جهڙا“


 جو تعارف 


ادل سولنگي


 انسان روز اول کان پنهنجي هستيءَ جي گوناگون مامرن پروڙڻ، پرجهڻ ۽ انهن پرولين سلڻ جا سوين جتن ڪندو آيو آهي، سندس سر تي ڇپر جنيئن ڇانيل نيرو آڪاش، پولار ۾ ترندڙ گرهه، اپگرهه، وڄڙين جا وارا، آگم ۽ اوهيڙا آرڙهه جا تپندڙ ڏينهن، سياري جون برف جهڙيون راتيون، اوماس اونداهيون، پورنماس چانڊوڪيون پرهه جو پکيڙن جون لاٽيون، سنجهاٽاڻي آشيانن ڏانهن پکيڙن جون اڏارون، ڌرتيءَ تي اوچاين تان ڪرندڙ آبشار، نهرن ۽ ندين جا سرمدي آلاپ، شام جي شفڪ ۽ گوها گوها صبح جون لارون، ميلن ۾ پکڙيل ميدانن جون وسعتون، اوچا عظيم پربت، اڃايل واريءَ جون ڀٽون، زمين تي سرندڙ جيت ۽ تپندڙ صحرا تي ٽڙندڙ شام ۽ انهن جي وچ ۾ سوچون سرجيندڙ انسان، سندس هلاڪتن، دکن دردن ۽ سکن سرهائين وارو سپنن جو سنسار، هميشه انسان کي حيرت جي گردابن ۾ گهمائيندو رهيو آهي، سموري ڪائنات هن جي اڳيان هڪ سوالي نشان بڻجي رهي آهي، پر هيءُ انسان جو به پنهنجي لاءِ هڪ سوال هڪ معمو ۽ هڪ ڳجهه رهيو آهي، انهيءَ ڳجهه کي ڳوليندي ڪيترائي سج اولهه ۾ لهي ويا آهن پر انسان جي من جي مونجهه ۽ ڳولا جي تونس اڃا سندس تن کي تپائي رهي آهي، شاعر، فلسفي، صوفي، سامي، سائنسدان، سماج سڌارڪ، ڏاها، هر ڪو پنهنجي پيرن جو نشان ڇڏي رمتو ٿئي ٿو ۽ هڪ جڳ کان پوءِ ٻيو جڳ اهي پيرا کڻڻ شروع ڪري ٿو، ويچار صدين جو سفر ڪن ٿا، گهڙجن ٿا، سڌارجن ٿا، سنوارجن ٿا، سينوارجن ٿا، مٽيءَ ۾ ملي مٽي ٿي وڃن ٿا، اوڙڪون وسن ٿيون ۽ ڌرتيءَ ۾ دفن ٿيل ويچارن جا ٻج ٻيهر ٻهڪي پون ٿا، زندگي جي اڻ پورائي ۽ محدوديت کي هڪ لاحد تسلسل عطا ٿئي ٿو، اهو تسلسل موت جي ڀوءَ کي مات ڪري زندگيءَ سان پيار ڪرڻ جي دڳ لائي ٿو، (غلام حسين رنگريز )ڌرتيءَ تي زندگيءَ جاگيت تخليق ڪندڙ شاعر ذوالفقار بهڻ جنهن سنڌي ادب جي شعري پنڌ تي پهرين وک کنئي آهي، سندس ڪتاب، ”منهنجا خواب، گلابن جهڙا“ پڌرو ٿيو آهي، هن ڪتاب ۾ گيت، غزل، نظم، نثري نظم ۽ ٽيڙو شامل آهن، ڪتاب جي مهاڳ ۾ ساهتي پر ڳڻي جي شاعر ذوالفقار بهڻ جي حوالي سان راشد مورائي لکيو آهي ته اسان جو ساهتي پرڳڻو ادب جي لحاظ کان مالا مال رهيو آهي، هن زرخيز ادبي علائقي سنڌ کي تمام گهڻا ليکڪ ڏنا آهن، جن نثر توڙي نظم ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاريا آهن، انساني سماج ۾ اديب کي خاص اهميت حاصل رهي آهي، جنهن علائقي ۾ جيترا ليکڪ گهڻا هوندا آهن اوتري ان علائقي جي ٻولي سڌريل هوندي آهي ۽ ان علائقي جا ماڻهو سڌريل ۽ باذوق هوندا آهن، ساهتي پرڳڻي ۾ مسلمان توڙي هندو اديبن ۽ شاعرن جو چڱو خاصو تعداد رهيو آهي، ورهاڱي کان اڳ هندو ليکڪن هن علائقي جي علم ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي، ورهاڱي بعد هندو اديبن شاعرن جي لڏي وڃڻ سبب جيڪو سنڌي ادب ۾ خال پيو ان کي ڀرڻ جي لاءِ مسلمان اديبن ۽ شاعرن جي مسلسل جدجهد جاري رهي آهي، ساهتي پرڳڻي ورهاڱي کان اڳ جي اديبن شاعرن ۾ ارجن حاسد، اندر ڪيولراماڻي، اتم ديارام هنڱوراڻي، هري همٿاڻي، ديوان ڪوڙو مل، ديوان منوهر داس، رام نارائڻ داس ٻيلاڻي، گوبند مالهي، ڪرشن کٽواڻي، نارائڻ شيام، ايم ڪمل، کيمن يومولاڻي، لوڪ نوتاڻي، ڪانجي مل، ماکيجاڻي، (قاصد)، ماسٽر چندر، لڇمڻ ڪومل، ارجن سڪايل، نند ڇڳاڻي ۽ ٻيا ڪيترائي اديب ۽ شاعر سنڌي ادب جي ترقي لاءِ ڪم ڪندڙن ۾ شامل رهيا آهن، جڏهن ته ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ به ساهتي پرڳڻي ۾ ادب جي ترقي جو سفر جاري آهي ۽ سنڌي ادبي دنيا ۾ روز ڪو نئون تخليقار جنم وٺي پنهنجي نرالي رنگ ڍنگ ۽ خوشبو سان ادبي دنيا ۾ سرهاڻ پکيڙي ٿو، شاهه نصير، سليمان سولنگي، احمد سولنگي، ادريس جتوئي، عظيم سنڌي، گدا خاصخيلي، امداد سولنگي، رکيل مورائي، نماڻي سنڌي تائين تخليق جو سفر جاري آهي. نوجوان شاعر ذوالفقار بهڻ به ساهتي پرڳڻي جو هڪ آواز آهي جنهن سنڌ جي شعري ادب ۾ هڪ وڌيڪ ڪتاب جو واڌارو ڪيو آهي، نوجوان ساهتڪار ذوالفقار بهڻ بنيادي طور تي تعليم دان آهي، سندس تخليقي سوچ، ڪتابن ۽ دوستن جي ويجهڙائي کيس شاعري ڏانهن آندو آهي، سندس اندر ۾ ويٺل شاعر اڃا پهريون وکون کنيون آهن. شاهه سائين چواڻي ته ”هتان کڻي هت جن رکيو سي رسيون“ هن نوجوان جي پهرين وک منزل ڏانهن وڌي آهي، جيڪڏهن هن نوجوان لڳاتار تخليقي سفر جاري رکيو ته پنهنجي منزل تي تمام جلد رسي سگهندو، ذوالفقار بهڻ پنهنجي پاران ڪتاب ۾ لکيو آهي ته انسان هر دور ۾ پنهنجي جذبن جو اظهار مختلف لفظن جي سٽاءَ سان ڪيو آهي، ان پهرين انسان جڏهن دل جي ڳالهه ڪنهن مختلف جڙاءَ ذريعي ڪنهن کي مخاطب ٿيندي ڪئي ته ان ڏينهن شاعري جي شروعات ٿي، اهڙي طرح شاعري فطرت جي تخليق ۽ فطرت متعلق زمين جي مخلوق کان عرش جي فرشتن متعلق ۽ ان جي وچ ۾ جو ڪجهه اچي وڃي ٿو، جو ڪجهه وهي واپري ٿو، حالتن ۽ ڪيفيت متعلق رهي آهي. صدين کان شاعرن ساڳي ئي ڳالهه مختلف انداز ۾ اظهار ڪئي آهي، جڏهن ته هر هڪ شاعر جو اسلوب بيان، لفظن جو سٽاءُ ۽ لهجو پنهنجو ٿئي ٿو، منهنجي شاعري ۾ منهنجي خوابن جي جهلڪ ڏسي سگهجي ٿي ۽ ساڳئي دڳ تي هلندڙ ڪنهن شخص جي ڪيفيت ۽ احساسن، دردن ۽ پيڙائن جو اظهار هن ڪتاب ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو، مان مڃان ٿو ته منهنجي شاعري ۾ ضرور ڪي ڪچايون هونديون، پر پنهنجو تخليقي سفر جاري آهي. شاعري انسان جي جملي ڪيفيتن جي اظهار جو فن ۽ دلفريب وسيلو بڻجي ٿي، شاعر اوائل ۾ پنهنجي ڪاميابين ناڪامين، حاصلات، محرومين، هجر، وصال، شادمانن جهڙن مختلف وقتن جي مختلف اظهارن کي جهڙي تهڙي حال ۾ اوريندو رهي ٿو، پوءِ جيئن جيئن سندس وابستگين جو جنون وڌندو رهي ٿو، شاعر جو حسن، عشق، فطرت، ڪائنات جي ٻين حسناڪين سان لڳ لاڳاپو وڌڻ شروع ٿئي ٿو، سندس اندر جي مشاهدي واري اک جي نهارپڻ سندس شاعري ۽ شعوري بلوغت سان گڏگڏ تخليقي عمل جي سفر ۾ روان دوان رهي ٿي، تان جو اهڙو موڙ به اچي ٿو جتان شاعر جي فڪر، فن ۽ سندس انفراديت وارين مڃتائن جون سرهائيون سندس جهول ڀرڻ شروع ڪن ٿيون، ڪتاب منهنجا خواب گلابن جهڙا به هڪ اهڙو پنهنجي عشق، پنهنجي ديس، ديس جي ڳلين ان جي پٽن، پڌرن، ماڳن مڪانن، شغلن ۽ المين جي موسمن ۾ رهندڙ شاعر جي سالن واري پورهئي جو سهانو سپنو آهي. ڏينهن رات مهينن ۽ سالن کان تيزيءَ ساڻ مان پنهنجي محبوب ڏانهن وڌي رهيو آهيان ۽ هڪ ڏينهن هڪ گهڙيءَ هن سان ملي مسافتن جو ٿڪ لاهيندس- تنهنجي نانءُ منهنجا گيت غزل ۽ نظم جن ۾ يادون حسرتون ۽ آهن زخم سوچيو هيم تو کي سامهون ويهاري ٻڌائيندم ياد ڏياريندم تو کي تنهنجا ستم عوامي آوازhttp://www.awamiawaz.com/10122009/digest_page/DJ_Arti-05.htm

Sindhica Production: About Us

Sindhica Production: About Us: "Visit The Page of Sindhica Facebook Group : SindhicaFacebook Page : Sindhica Production YouTube Account : Thesindhica Flickr Account : Sind..."