Posts

الا منھنجي ڏيھ تي بک جا لامارا يو - اين - او تنھنجا ادارا ڪڏهن سار لھندا سنڌ جي.

Image
  الا منھنجي ڏيھ تي بک جا لامارا يو - اين - او تنھنجا ادارا ڪڏهن سار لھندا سنڌ جي.

سانورا سانول چوان يا سانوڻ چوان توکي وسين ته وسندو ئي رھين،

Image
 عيد مبارڪ #zulfiqarbehan  سانورا سانول چوان يا سانوڻ چوان توکي وسين ته وسندو ئي رھين،  روڪي نه رڪين تون مونکي موھين تون ٻارھو ئي ٻاروچا.

ڪھاڻي پنھنجي زباني

 پنھنجي ڪھاڻي پنھنجي زباني  ...... 1970 واري جنگ کان پوءِ ۽ 1972 واري ٻوڏ جنھن سنڌ جي ڪافي شھرن کي ٻوڙيو ھو.يعني 1 جون 1972ع سخت گرمين جي موسم ۾ جڏھن ڌرتي تپي باھ بڻجي لڱ ساڙيندي آھي. انھن ڏينھن ۾ جنھن موسم ۾ ڪڻڪ ۾ لابارو ھوندو آھي ۽ سارين جا ٻيجارا پوکيا ويندا آھن. جنھن مند ۾ پيرون پچندا آھن. ان موسم ۾  منھنجو جنم ڳوٺ دورو بھڻ تعلقو مورو موجودھ ضلعو نوشھرو فيروز ۾ ٿيو ھو.  اھو دور جڏھن شھيد ذوالفقار علي ڀٽو 1971 کان 1973 تائين ملڪ جو صدر ھئو.شايد ان ڪري ئي ان کان متاثر ٿي والدين منھنجو نالو ذوالفقارعلي رکيو ھو.70 واري ٻوڏ واري دور ۾ ٻڏندڙ ماڻہن کي پاڻي مان ڪڊي ڪناري تي پھچائڻ يا ماڻھن جي ڏکن ۽ تڪليفن کي محسوس ڪري رئندڙ ذوالفقار ڀٽي جنھن ويندي 4 اپريل 1979 اڊيالا جيل ۾تخت دار کي چمندي مٽيءَماءٌ کي ڀاڪر پاتواھڙ ي طلسماتي ڪردار ڀٽي جو ماڻھن تي سحر طاري ھو. اھڙي ڀٽي کان متاثر ٿي منھنجي والدين منھنجو نالو ذوالفقارعلي رکيو ھو.  منھنجو ھڪ غريب گھر ۾ جنم ٿيو ھو پوءِ بہ منھنجو والد ڪنھنجو ھارپو نہ ڪندو ھو. بلڪہ دڪانداري ۽ کير وڪڻن جھڙو ڪم ڪندي پنھنجي ڪٽنب جي پالنا ڪ...

سنڌي بابت ڪجھ تاريخي حقيقتون

 *سنڌي ٻوليءَ بابت ڪجھ تاريخي حقيقتون*  - 1851ع ۾ هندستان جي برطانوي سرڪار حڪم نامو جاري ڪيو ته انگريز آفيسرن کي سنڌ ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ، سنڌي ٻولي (Sindhi boli) لازمي سکڻي پوندي. - سنڌ ۾ سنڌي ٻولي 1852ع ۾ فارسيءَ جي جاءِ ورتي. - سنڌي ٻوليءَ جي هاڻوڪي ماڊيفائيڊ عربي فارسي رسم الخط 1853ع کان لاڳو آهي. - ماڊيفائيڊ عربي سنڌيءَ ۾ پهريون درسي ڪتاب 1853ع ۾ لکيو ويو. - هاڻوڪي سنڌيءَ رسم الخط ۾ پهريون قصو 1854ع ۾ ڇپيو. - سنڌيءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي شروعات 1860ع ۾ ٿي. - سنڌيءَ ۾ باقائدي قانون تي پهريون ڪتاب 1863ع ۾ لکيو ويو. - هاڻوڪي سنڌيءَ رسم الخط ۾ پهريون ناول 1868ع ۾ ڇپيو. - هاڻوڪي سنڌ جو پهريون نقشو 1870ع ۾ ڇاپيو ويو. - ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ 1872ع ۾ سنڌي ۾ گرامر تي ڪتاب لکيو. - سيمور 1884ع ۾ سنڌي گرامر جي حوالي سان لکيو. - ديوان نارائڻ جڳن ناٿ وسناڻي 1892ع ۾ سنڌي گرامر لکيو. - ديوان ڏيارام وسومل مير چنداڻي 1904ع ۾ سنڌي گرامر لکيو. - هاڻوڪي ماڊيفائيڊ عربي سنڌيءَ ۾ آتم ڪهاڻي جي شروعات 1946ع کان ٿي آهي. - انگريز حڪمرانن جي ڪوشش سان موجوده ”سنڌي - عربي رسم الخ 1853ع ۾ رائج ڪيو ويو. - انگريز عا...

اوھان جي تعريف ڪرڻ وقت منھنجو روح گھٻرائي خاموش ٿي ويندو آھي ۽ اوھان جي تعريف منھنجي سماعت کي وڻندي آھي . مرحبا يا مصطفا. مَدْحُهُ بَلْسَمْ لِرُوحِي َولَهُ يَحْلُو السَّمَاعْ مرحبا يا مصطفا

  ترجمو؛ اوھان جي تعريف ڪرڻ وقت منھنجو روح گھٻرائي خاموش ٿي ويندو آھي ۽ اوھان جي تعريف منھنجي سماعت کي وڻندي آھي . مرحبا يا مصطفا. مَدْحُهُ بَلْسَمْ لِرُوحِي َولَهُ يَحْلُو السَّمَاعْ مرحبا يا مصطفا انسانيت جي علمبردا رحمت العالمين حضرت محمد ﷺ جو جنم ڏينھن مبارڪ . #ذوالفقار_بھڻ

شاه عبداللطيف ڀٽائي

شاه عبداللطيف ڀٽائي (1165 - 1102 ھ) والد : شاھ حبيب الله ڏاڏو : عبدالقدوس شاھ پڙڏاڏو : جمال شاھ تڙڏاڏو : شاھ عبدالڪريم جنم ھنڌ : ھالا حويلي وڏن جو تعلق : ھرات سان 1- شاھ لطيف ننڍڙو هيو تہ سندس والد ھالا مان لڏي ڪٿي وڃي رهيو ؟ جواب : ڪوٽڙي 2- ڳوٺ وائي ۾ شاھ لطيف کي ڪنهن جي درسگاه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو ؟ جواب : آخوند نورمحمَّد ڀٽي جي درسگاه ۾ 3- شاھ لطيف سنڌي ٻوليءَ کان علاوه ڪھڙين ٻولين جو عالم ۽ فاضل هيو ؟ جواب : عربي ، فارسي ، ھندي ۽ سرائيڪي 4- شاھ لطيف ھميشہ پاڻ سان گڏ ڪھڙا ڪتاب رکندو ھيو ؟ جواب : قرآن شريف ، مثنوي مولانا روم ، شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام 5- سيد علي شير قانع ٺٽوي ، شاھ لطيف کي ڪھڙي ڪتاب ۾ ”اُمي“ سڏيو آھي ؟ جواب : تحفة الڪرام 6- تحفة الڪرام لطيف سرڪار جي وفات کان پوءِ ڪڏهن لکيو ويو ؟ جواب : سورنهن سالن کان پوءِ 1768ع ۾ 6- شاھ لطيف کي ڪوٽڙيءَ ۾ ڪنهن سان عشق لڳو ۽ بعد ۾ ان سان شادي بہ ٿيس ؟ جواب : سعيده بي بي ڌيءَ مرزا بيگ ارغون (مغل نواب) 7- شاھ لطيف کي جڏهن مجازي عشق لڳو تہ ان وقت سندس ڪيتري عمر ھئي ؟ جاب : 20 سال 8- شاھ لطيف ، مرزا بيگ جي نياڻيءَ جي جسم ج...