- Get link
- X
- Other Apps
Posts
بس ڇا ڪيان يار...دل روئي ٿي.....
- Get link
- X
- Other Apps
شاعري؛ذوالفقاربھڻ بس ڇا ڪيان يار...دل روئي ٿي..... دل روئي نير وهائي ٿي..... انسان جي انسان هٿان تذليل ڏسي دل روئي ٿي.نير وهائي ٿي مان ته آدم آھيان، مرڻو ناھيان. ازل تائين رھڻو آھيان جڏھن ڪُن فيڪون جو اَمرُ ٿيو ھو مان تڏھن کان آھيان پوءِ به......... ڇا ڪيان.. پنھنجي بي وسي تي روئي ڏيان ٿو... مونکي ورھايو ويو آ، مذھبن ۾،ملڪن ۾، طبقن ۾،جنسن ۾، زبانن ۽ ذاتين ۾........ ڪنھن کي ڏوھ ڏيان؟ پنھنجي بي وسيءَ تي دل روئي ٿي..... نير وھائي ٿي بس ڇا ڪيان يار....
تنھنجو ذڪر، تنھنجي تعريف بيان ڪيان ٿو ماڻھو چون ٿا ، واھ جي شاعـــري ڪيان ٿو ذوالفقاربھڻ
- Get link
- X
- Other Apps
پٿر جي ڪا دلڙي ھجي ھا روز ائين نه سوڳ ھجي ھا رشتا ناتا،پوشاڪ ته ناھن تن کي نڀائڻ، نه ڀو ڳ ھجي ھا ذوالفقاربھڻ
- Get link
- X
- Other Apps
ڀورو صبح-ڪاري رات
- Get link
- X
- Other Apps
ڀورو صبح-ڪاري رات ************** ڌرتي ماءُ جي ڀاڪُرُ مان جڏھن سندس ٻچي کي، ڇڪي ڪڊيو ويو...... ماءُ رڙيون ڪيون.... دانھون ڪيون...... ھن کي منھنجي ھنج ۾ رھڻ ڏيو.. ڏاڊو ٿڪل, ٽٽل آ، آرامي آ,منھنجو بچڙو... بيمار سوچ واري سماج سندس ھڪ نه ٻڌي.... وقت پنھنجو وار ڪيو............. ھوا ڌوڙ وسائي سورج گيڙو وڳو پاتو... چنڊ شرم وچان ڪڪرن ۾ منھن لڪايو... ڪاري رات ڀوري صبح کي، روئي بي حال ٿي وئي. شاعري؛ ذوالفقاربھڻ