Posts

پيار پوکيون14-2-2012

Image
پيار پوکيون14-2-2012 =========== صدين جي منافقت ڪارو سج بي نام لاش.... ….ويساھ گھاتيون سماج سارو خاموش قبرن جو ڏيک ڪا چڻنگ ٻاريون ضعيف اکين ۾ اميدن جا خواب جاڳايون اَچُ سرخ چپن جا پياسي عاشق محبت جي عالمي ڏڻ تي پيار پوکيون ڳاڙھو انقلاب آڻيون- شاعري ذوالفقاربھڻ

اڄُ صُبحَ جي پھرين ڪرڻي

Image
اڄُ صُبحَ جي پھرين ڪرڻي چونڊڙي پائي ننڊ مان اٿاريو ھوا جي جھوٽي ڪن ۾ سَرِگوشي ڪئي پيار ڀريو سلام موبائيل اسڪرين تي تنھنجو پيغام - شاعري؛ ذوالفقاربھڻ  — 
Image
سردُ موسم سردُ احساس روح روڙھيل نيڻ ڀنل خواب پنھنجا ڪوريھڙي گھيريل وشال آڪاش وسيع ڌرتي ھيڏا ستارا نصيب پنھنجا پو به اڃارا ستمگرن جي ديس ۾ ڏاڊو ڏکيو آ ‘نڪي ‘ خدائن کي چوڻ ڏاڊو ڏکيو آ اکين ۾ آرا سمنڊ ويرن جيان سڄڻ اوتارا چئو سڄڻ کي سيئن ُ سُڪايو ڇوٿا سِڪايو آسمان ڌرتيءَ ميلاپ ڪيو آ فطرت جا ھي عجيب نظارا نصيب پنھنجا پو به اڃارا 1

تنھنجي وستيءَ ۾ او صاحب

Image
تنھنجي وستيءَ ۾ او صاحب!!! سياري جي بارش ۾ ڏڪندي سيءَ مئو آ ڪو ڪالھ رات... پر تو آ محل ۾ کلندي، نچندي بوتل ،جسم سان گذاري رات  — 

ڪو ووٽ وٺڻ آيو آھين اجرڪ ٽوپي اوڙھيل سائين توکي ھٿ ٻڌان ٿو سائين چو ٿو منھنجا سور جاڳائين منھنجو ماس ٿو صدين کان کائين پوءِ به وري مڪاري ساڻ ڪو ووٽ وٺڻ آيو ھين ھي گھنج پيل چھرا ڏس ھي انگ اگھاڙا ٻارڙا ڏس آسنڌ سموري ڪيمپ جو عڪس توئي منھنجي سھڻي چمن کي منھنجي مٺڙي سنڌ وطن کي عالمي يتيمخانو بڻايو ھو مون کي رت رئاريو تو اڄ ايڏو مان به اياڻو ناھيان توکي توکان وڌ سڃاڻان چو ٿو ٺوھ ٺڳين جا ٺاھين ڪو ووٽ وٺڻ آيو آھين

Image
آزاد نظم سالن کان پوءِ آيو آھين ڪو ووٽ وٺڻ آيو آھين اجرڪ ٽوپي اوڙھيل سائين توکي ھٿ ٻڌان ٿو سائين چو ٿو منھنجا سور جاڳائين منھنجو ماس ٿو صدين کان کائين پوءِ به وري مڪاري ساڻ ڪو ووٽ وٺڻ آيو ھين ھي گھنج پيل چھرا ڏس ھي انگ اگھاڙا ٻارڙا ڏس آسنڌ سموري ڪيمپ جو عڪس توئي منھنجي سھڻي چمن کي منھنجي مٺڙي سنڌ وطن کي عالمي يتيمخانو بڻايو ھو مون کي رت رئاريو تو اڄ ايڏو مان به اياڻو ناھيان توکي توکان وڌ سڃاڻان چو ٿو ٺوھ ٺڳين جا ٺاھين ڪو ووٽ وٺڻ آيو آھين ھي سنڌ جو مستقبل ھي ھوشو ھي ٻاگھل علم قلم سان ھنر عمل سان پنھنجي ھمٿ سان پنھنجي ماءُ جي ٿڃ ملھائيندو سنڌ بچائيندو تون پنھنجو ڏي احوال ڪيئن آيو آھين؟ ڪو ووٽ وٺڻ آيو آھين شاعري ؛ذوالفقاربھڻ

Sindhi Installation and Sindhi Fonts

Sindhi Installation and Sindhi Fonts پنهنجي سسٽم ۾ سنڌ انسٽال ڪرڻ لاءِ هيٺيون سنڌي سافٽويئر ڊائون لوڊ ڪيو http:// bhurgri.com /MBSindhi2007.zip سنڌ ي فانٽ ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ٺڙڪ ڪريو http://bhurgri.com/MBFonts.exe پنهنجي سسٽم تي سنڌي انسٽال ڪرڻ جو طريقو سڀ کان پهرين ونڊوز ايڪس پي جي سي ڊي لڳايو ان کان پوءِ    اسٽارٽ مينيو مان سيٽنگز ۾ ڪنٽرول پينل واري آپشن تي   ٺڙڪ ڪريو. جڏهن ڪنٽرول پينل جي ونڊو کلي وڃي ته ان ۾ ريجنل ۽ لينگويجز واري آپشن تي ٻٽي ٺڙڪ ڪريو، اوهان جي سامهون هڪ ننڍي ونڊو کلندي جنهن ۾ اوهان لينگويج ٽيب تي ٺڙڪ ڪندو ته اتي توهان کي هن چيڪ باڪس آپشن   انسٽال فائيلس فار ڪامپليڪس اِسڪرپٽ اينڊ رائيٽ ٽو ليفٽ لينگويجز   کي چيڪ ڪندئو . ونڊوز پاڻ ئي مددي فائل سي ڊي روم مان ڪاپي ڪري وٺندو ڪجهه ئي دير ۾ ري اسٽارٽ جو آپشن ايندو توهان ان تي ييس ٺڙڪ ڪندئو. توهان جو سسٽم جيئن ئي ٻيهر مڪمل کلي وڃي ته توهان سنڌي سافٽويئر   ايم بي سنڌي 2007 جي سيٽ اپ کي رن ڪرڻ لاءِ ڊبل ڪلڪ (ٻٽي ٺڙڪ)ڪندئو ۽ ان کان پوءِ سيٽ اپ گهربل سنڌي انسٽاليشن پاڻ ئي ڪر...
Image
آزاد نظم 22-8-2011 تيل،رت، ست دولت،مملڪت وحشت،دھشت، بربريت او انسانيت جي رت جا پياسي مونکي امن گھرجي، سک گھرجي سلامتي گھرجي سنسار سڄو شانتي گھرجي پنھنجا نظام پاڻ وٽ رک مونکي انسانيت جو نظام گھرجي مونکي امن گھرجي او ڪلاچيءَ جا ويري منھنجي بابا منھنجي ڀاءُ منھنجي پٽ منھنجي ور منھنجي اميدن منھنجي خوشين جو ناحق خون ڪيو تو آمونکي رت رئاريو تو او انسانيت جي رت جا پياسي مونکي امن گھرجي سک گھرجي سلامتي گھرجي سنسار سمورو شانتي گھرجي