Posts

Image
آزاد نظم 22-8-2011 تيل،رت، ست دولت،مملڪت وحشت،دھشت، بربريت او انسانيت جي رت جا پياسي مونکي امن گھرجي، سک گھرجي سلامتي گھرجي سنسار سڄو شانتي گھرجي پنھنجا نظام پاڻ وٽ رک مونکي انسانيت جو نظام گھرجي مونکي امن گھرجي او ڪلاچيءَ جا ويري منھنجي بابا منھنجي ڀاءُ منھنجي پٽ منھنجي ور منھنجي اميدن منھنجي خوشين جو ناحق خون ڪيو تو آمونکي رت رئاريو تو او انسانيت جي رت جا پياسي مونکي امن گھرجي سک گھرجي سلامتي گھرجي سنسار سمورو شانتي گھرجي
Image
مختصرنظم07-8-2011 سنڌ جي وحدت تي تو ضرب ھنئي آ لطيف جي روضي مان آيتن بجائي سڏڪن جو آواز آيو آ‬

SINDHI ADABI ASSOCIATION FACEBOOK(SAAF): ٻيو عالمي آن لائين براھ راست سنڌي مشاعرو

SINDHI ADABI ASSOCIATION FACEBOOK(SAAF): ٻيو عالمي آن لائين براھ راست سنڌي مشاعرو

Zulfiqae behan Poetry

Image
تون چوين ٿو سنڌو ماتا کي ڪپي حصا ڪيون ڪنڌ ڌڙ ٽنگ ون ٻانھون جدا جدا ڪيون رت سان غسل ڪيون ڪو ڀڀڙ ڀڙڪايون......... اڻ ڄاڻ پيٽ باھ پٺيان ڊڪندڙ ڌرتي ڌڻي کي ……. ڊڪايون تون سمجھين ٿو ھي نسل در نسل ڪين مٽبا ق ڇڙوڇڙ رھندا …. تون نفرت جو ٻج پوکي محبت لڻندين؟ سچ تاريخ ۾ ڦ ٽ ڪاريو ويندين سنڌ قائم رھندي جيسين دنيا رھندي تون ملامتن سان دفنايو ويندين تون ملامتن سان دف ن ايو ويندين

چوسٽو

Image
درد کي درد سان ڀڄايون پاڻ کي پان سان ملايون ٿوھر جھڙي حياتي ڇو؟ زندگي زندگي سان ملايون شاعري؛ ذوالفقاربھڻ Like  ·   ·  Share

17-6-2011نثري نظم)

Image
ان رات.... چند جي بي وسي، تخليقڪارن جي مشاھدي، ضرور ڪو انت ڳوليو ھوندو... ڪاش! چنڊ جي پيڙا ڪوسمجھي ھا... روح پاتال تائين سڏڪيو ھو .... نيڻ پاڻي جي سمنڊ ۾ ٻڌي ويا سچ صبح ٿيندي ئي موڪلائي ويو شاعري ؛ ذوالفقار بھڻ خوبصورت شاعر حسن درس جي وڇوڙي تي

Imdad Hussaini

 حال امداد جو پڇو ڇا ٿا اڄ مڙئي سور ڪجهه سوايو آ... 27August 2022 ڏک ۽ افسوس واري خبر آهي تہ ناميارو  شاعر امداد حسيني اڄ صبح اٺين وڳي اسان کان وڇڙي ويو آهي.... انا للہ و انا الیہ راجعون //// سنڌ جي صف اول جي شاعر امداد حسينيءَ جو اصل نالو سيد امداد علي شاھ ولد سيد فضل محمد شاھ آهي. پاڻ 10 مارچ 1940ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي  مڪتب ۾ ورتائين. ميٽرڪ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ انٽرميڊيٽ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان ڪري، بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (سنڌي)، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. شاگرديءَ واري عرصي ۾ سنڌي ڊڪشنري آفيس ۽ سنڌي لوڪ ادب رٿا ۾ نوڪري پارٽ ٽائيم ڪيائين، پوءِ سنڌي ادبي بورڊ ۾ لائبريرين مقرر ٿيو. 1970ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ريسرچ فيلو مقرر ڪيو ويو. 1973ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ سنڌي مقرر ٿيو. اتي نوڪريءَ دوران 1977ع کان 1979ع تائين ٽہ ماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ طور خدمتون سرانجام ڏنائين. حيدرآباد جهڙي ثقافتي مرڪز ۾ پليو نپنو ۽ گذريل ٽيهن سالن کان علم جي مرڪز ڄام شوري ۾ رهائش پذير هو. امداد حسي...