Posts

Showing posts from December, 2013

نظم منھنجون سوچون

Image
منھنجون سوچون ڀٽڪنديون رھنديون آھن سمھنديون ناھن ڪڏھن تو وٽ  ڪڏھن ويرانن ۾ رلنديون رھنديون آھن منھنجون سوڇون ڪڏھن عرش ڪڏھن فرش ڪڏھن مڪان ڪڏھن لامڪان منھنجون سوچون ڀٽڪنديون رھنديون آھن بس ان وقت  وجود منھنجو ساڪن ٿي ويندو آ جڏھن منھنجي روح کي تون ڀاڪر پائي  سمھي رھندو آھين منھنجون سوڇون سوال اٿارينديون آھن جواب ڳولينديون آھن انائن جي سماج ۾ ڪروڌي ڪڙم ۾ ھي به سچ آ منھنجو ظاھر نردوش آ منھنجو باطن جيڪو مونکي نظر نه ايندو آ  مونتي حڪم ھلائيندو آ مونکي استعمال ڪندو آ ھا- سزا وار اھو آ منھنجو باطن ھُو، ظالم آ مظلوم به آ دوشي آ نردوش به آ ادني آ اعلي به آ جاھل آ عالم به آ حقير آ اتم به آ رئندو آ کلندو به آ مڪار آ محبتي به آ پر بي چين آ سچ جي تلاش ۾ اڻ ڏٺي مڪان ڏانھن  منھنجو سوچون مونسان پيار ڪنديو آھن مونسان جنگ ڪنديون آھن وري وري ڏوڪو کائڻ تي ڄاڻيندي، اڻ ڄڻائي تي منھنجون سوچون پيسيمسٽ آپٽيمسٽ  نگيٽو پازيٽو ترقي پسند تنگ نظر مونکي ھمٿائينديون آھن مونکي ڊيڄارينيون آھ