Posts

Showing posts from November, 2013

بس ڇا ڪيان يار...دل روئي ٿي.....

Image
شاعري؛ذوالفقاربھڻ بس ڇا ڪيان يار...دل روئي ٿي..... دل روئي نير وهائي ٿي..... انسان جي انسان هٿان تذليل ڏسي دل روئي ٿي.نير وهائي ٿي مان ته آدم آھيان، مرڻو ناھيان. ازل تائين رھڻو آھيان جڏھن ڪُن فيڪون جو اَمرُ ٿيو ھو مان تڏھن کان آھيان پوءِ به......... ڇا ڪيان.. پنھنجي بي وسي تي روئي ڏيان ٿو... مونکي ورھايو ويو آ، مذھبن ۾،ملڪن ۾، طبقن ۾،جنسن ۾، زبانن ۽ ذاتين ۾........ ڪنھن کي ڏوھ ڏيان؟ پنھنجي بي وسيءَ تي دل روئي ٿي..... نير وھائي ٿي بس ڇا ڪيان يار....

ڪُسن جنھن ڏيھ ۾, ڳڀرو ڏيھاڙي

Image
ڪُسن جنھن ڏيھ ۾, ڳڀرو ڏيھاڙي ڪھڙي ڏياري، ملھايان مان سنڌ ۾ شاعري؛ذوالفقاربھڻ

Happy Diwali to all my friends.ڏياريءَ جون واڌايون

Image
Happy Diwali to all my friends . Zulfiqar Behan . ************************************ اوھان دوستن کي ڏياريءَ جون واڌايون انڌيرا سدائين مقـــــــــدر ۾ ڇو؟ بس-پنھنجي حصي جو ڏيئـو ٻار جـــــڳ سمـــورو روشـــن ٿيندو. شاعري- ذوالفقار بھڻ