Posts

Showing posts from June, 2013
Image
ھوا ۾ سڏڪا،رات روئي ٿي صدا ۾ سڏڪا، رات روئي ٿي پريتم _توکي ياد ڪري ،ٿو شرير ٻري نيڻ رتا ڇلڪيا ، رات روئي ٿي وحشتون حسرتون رنجشون، ڀر ۾ ستل در، درين ۾ کڙڪا ،رات رئي ٿي پاڻ سان گڏ ،يادون به کڻي وڃ ڪتيون ٽيڙو نڪتا،رات روئي ٿي چنڊ جي وارن ۾، چاندني پائي ليئا جوڀن ۾ الڪا ، رات روئي ٿي ھوا ۾ سڏڪا، رات روئي ٿي صدا ۾ سڏڪا، رات روئي ٿي شاعري؛ ذوالفقاربھڻ —

تنھا تنھا ڇالاء رلين ٿو

Image
تنھا تنھا ڇالاء رلين ٿو سُورَ اسان سان ڇونه سلين ٿو؟ رِمِ جِھم رِمِ جِھم کڻي نيڻن ۾ دريا دريا ڇونه ھلين ٿو؟ ھِنَ کان ھُن کان پار پڇين مشڪل ڇاجي ڇونه ملين ٿو؟ ويراڳين جا وار سنواري سک جا پو ڇو پنڌ پڇين ٿو؟ اوجاڳن کي پائي ڀاڪُرَ ذوالفقار ڇالا پارَ ڪڊين ٿو شاعري؛ ذوالفقاربھڻ