Posts

Showing posts from August, 2012

سونھن لَڏي پئي

Image
https://www.facebook.com/photo.php?fbid=429632210412127&l=2fd2f73911 سونھن لَڏي پئي سنڌ روئي پئي سنڌي ھندو، مورَ لڏين پيا ڌرتيٕ ڌڻي رُئندي رُئندي ڀُونءِ ڇڏين پيا ڀَٽَ نگر تي ڪارونجھر تي ڪا اک روئي پئي رُوحَ روئن پيا چاڪ چڪن پيا بس پار نه ڪَڊُ ڪا راھ ئي ڪَڊُ اُٿُ سونھن بچاءِ اُٿُ ڀونءِ بچاءِ شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

شمشيرحيدري کي ڀيٽا;شاعري؛ ذوالفقاربھڻ

Image
شمشيرحيدري کي ڀيٽا;شاعري؛ ذوالفقاربھڻ تعزيتون ٿينديون  ميڙا مچندا سڏڪا ھوندا چرچا ھوندا ھرڪو چوندو ڏاڊو چڱو ھو پر  ڏاڊو ڏور ھليو ويندس موٽي مُورُ نه ايندس  دردن دل کي ڳاري ڇڏيو سورن سند سند ساڙي ڇڏيو سمجھي ڪوئي نه سگھيو اسان کي سور سيني ۾ سانڊي ويندس موٽي مُورُ نه ايندس   شاعر لکندا شاعري   ليکاري لکندا ليک پيارپکيڙيو جنگ سان جھيڙيو   پيارئي پيار پکيڙي ويندس  موٽي مُورُ نه ايندس   موٽي مُورُ نه ايندس https://www.facebook.com/photo.php?fbid=430108667031148&l=46b3c3f658