Posts

Showing posts from July, 2012
Image
نثري نظم شاعري؛ ذوالفقار بھڻ روڊ ڀرسان وڻن پٺيان ھُو جو ڳوٺ آ جھڙالي مست موسم آ ڪيڏو دلڪش نظارو آ انھيٕ واھڻ ۾ ڪا اپسرا اوسيئڙي ۾ آ ھيءَ ڪوئل جي ڪو ڪو وڻن جي ٽارين جو ناچ ھي پوپٽ ٻارن جون رانديون ھڪ جيڏين جا جھرمٽ پوءِ به........ دل ، پنڃري ۾ بند پکيءَ جيان اکين ۾ سڪ جا موتي اوجاڳن جو ٿڪ۔۔۔ سندس شرير کي سمنڊ جي سپ جيان طلب آ پنھنجي محبوب بارش جي بوندن جي پنھنجي منھن پئي ٿي جھونگاري ‘‘منھنجو سانول ايندو بوندين ڀڄندس منھنجو سانول ايندو . روڊ ڀرسان وڻن پٺيان ھُو جو ڳوٺ آ