Posts

Showing posts from May, 2012
Image
چنڊ چٿرون نه ڪر انگ اگھاڙا ڏسي ٻار بکارا ڏسي بادلن جي اوٽ ۾ وڃ لڪي وڃ لڪي مونتي الرون نه ڪر چنڊ چٿرون نه ڪر جھوپا جھريل منھنجا خواب ڀُريل منھنجا او عالم، او شاعر عشق جون فشق جون ايڏيون پچرون نه ڪر چنڊ چٿرون نه ڪر ٿو سچ ڪئوڙو لڳئي سج کان تون پنين گدا مونکي چئين؟ تون به سوالي آھين منھجي بيوسي تي ڪرڙيون نظرون نه ڪر چنڊ چٿرون نه ڪر شاعري؛ ذوالفقاربھڻ  
Image
Happy Mothers Day سُورَصدما سھي، پيار نپائي ٿي ڪيڏو انمول رشتـو آھي مـــــا ءُ
Image
خوبصورت راڳي ماسٽر منظور کي ارپنا هوا جي اڏار ۾،گيت منهنجا تو وٽ ايندا ************************** **** هوا جي اڏار ۾،گيت منهنجا تو وٽ ايندا سانوڻ۽بهار۾، گيت منهنجا تو وٽ ايندا سنڌوءَجوڀن ، دادو مورو پل، خيالن جي لار ۾،گيت منهنجا تو وٽ ايندا نَظمَ غزل جي محفل،چانڊوڪي اڌَ رات ڇيرن جي ڇنڪار ۾،گيت منهنجا تو وٽ ايندا محبتن جو ڏڪار،ماڻهوءَ، ماڻهودشمن اڻ ڳولئ انتظار۾،گيت منهنجا تو وٽ ايندا  —
Image
نفرتن نقصان ڏنو آ، اچو ته پيار پکيڙيون سنسار ٿئي سکيو جھالت سان جھيڙيون
Image
خوبصورت شاعر ۽ جاکوڙي نوجوان حسام ميمڻ جو انگريزي ۾ ترجمو وشواس بَڪتربندھيٺان ِوشواسَ کان ٽَڙڪاٽَ نڪتا پيار جو دورُ پيسجي ويو گُلن بدلي گولي ليوا ،ھوجمالو لياريءَ جي گھٽين ۾ سڏڪن۾ سمھي پيو. شاعري؛ ذوالفقاربھڻ
Image
منھنجي دل جي ويرانيءَ ۽ سنڌوءَ جي سڪي ٺوٺ ٿيڻ ۾ ڪيڌي نه ھڪجھڙائي آھي!!! ذوالفقاربھڻ  — 
Image
عشق محبت تنھنجو مشغلو مونکي اَنُ اَجھو مھانگو پيو آ ذوالفقاربھڻ
Image
تنھا تنھا ڇـــو پيو رليــــــن؟ سور اسان سان ڇو نٿو سلين؟ وَرَ وَرَ سنڌ جو ٿي پتنگ ڪو ھَرَ ھَرَ سُوريٕءَ کي پيو چمين  —